پاڪستان ۾ بيرزگاري سبب ڪيترائي ماڻھو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آھن هڪ طرف مهانگائي ٻئي طرف بيروزگاري ماڻھن جي چھرن جون مرڪون کسي ڇڏيون آھن، هڪ روزاني ڪمائيندڙ ڏهاڙي وارو مزدور پيشه پورهيت زندگي جي گاڏي کي تمام ڏکيو ڌڪي رهيو آھي جنهن سبب ڪافي گهراڻا ۽ انهن جا فرد مايوسين ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن جڏهن ته ڪٿي اڻ وندڙ واقعا به ٿين ٿا جن ۾ آپگهات ۽ گهر ڀاتين کي هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمهارڻ جهڙا ڏکوئيندڙ واقعا رونما ٿيندا نظر ايندا رهندا آھن جن تي جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آھي، ملڪ ۾ بيروزگاري ۽ مهانگائي سبب غربت ۾ پڻ اضافو ٿيندو رهي ٿو جتي اڳئي بيروزگاري وڌيڪ آھي اتي وري جيڪڏهن ملڪ جي ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن ڪو مزدور ڊيلي ويجز جو ملازم آھي يا ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري ٿو اگر ان کي به بيروزگار ڪجي ته هو وڌيڪ مايوس نظر ايندو آھي.
اهڙو ئي هڪ مسئلو سڪرنڊ ۾ قائم هڪ زرعي اداري پاڪستان ڪاٽن ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو به آھي جيڪو ڪافي وقت اڳ سڪرنڊ ۾ قائم ڪيو ويو هو، ان جي پڪن ملازمن جون ته ڪيئي مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ سبب اهي ملازم اڳئي احتجاج ڪري رهيا هئا ته مٿان وري پي سي سي جي پورهيت ڪچن ملازمن پاران به سندن پگهارون نه ڏيڻ سميت سون تي سهاڳو اهو ڪيو ويو جو انهن کي گذريل سال پورهيتن جي عالمي ڏهاڙي يعني پهرين مئي تي نوڪرين مان ئي ڪڍيو ويو جن ملازم پاران نوڪرين مان ڪڍڻ خلاف احتجاجن بک هڙتالون شروع ڪيون ويون، جيڪي هڪ وڏو عرصو گذرڻ باوجود جاري آھن، پورهيت ملازم مطالبن جي مڃتا لاءِ پي سي سي جي مين گيٽ آڏو پنهنجي اڳواڻن امين ڪيريو، نصرالله چاچڙ، علي نواز مگسي، جمن زئنور ۽ ٻين ملازمن جي اڳواڻي ۾ پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي رهيل پگهارون جاري نه ڪرڻ ۽ نوڪرين مان بنا جواز فارغ ڪرڻ خلاف سخت نعريبازي ڪري رھيل پگھارون جاري ڪرڻ ۽ نوڪرين تي بحال ڪرڻ جو مسلسل مطالبو ڪري رهيا آھن، پاڪستان ڪاٽن ريسرچ جي مزدورن پاران مسلسل بک هڙتال سبب ڪجهه پورهيت سخت بيمار به ٿي پيا آھن، ان جي باوجود به اهي پورهيت احتجاجي ڪئمپ تي احتجاج ۾ ويٺل آھن، جڏهن ته مسڪين پورهيت برطرف ڪرڻ ۽ وقت سر پگھارون جاري نه ٿيڻ، بيروزگار رھڻ سبب پنهنجي گھرن جي چلھه به ٻاري ناهن سگھيا، مسڪين پورهيت ملازمن جي ڪسمپرسي واري حالت بنجي وئي آھي جيڪي مجبورن معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪري فاڪاڪشي جون دانهون ڪري رهيا آھن اهڙي صورتحال کان پوء سڪرنڊ شھر جي سوشل ورڪرن ۽ صحافين پاران سڄاڻ ڌرين کي سوشل ميڊيا ذريعي سندن سار لھڻ ۽ کين فاڪاڪشين کان بچائڻ لاءِ راشن ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي جنهن کان پوءِ سڪرنڊ شھر جي ڪجهه همدرد ڌرين احتجاج ڪندڙ پورهيت ملازمن جي ڪيمپ تي پھچي 43 ڪچن ملازمن ۾ ھرھڪ پورھيت کي ڪجهه ھزارن جي حساب سان روڪ رقم ڏني، جڏهن ته احتجاجي ڪئمپ تي پيپلز پارٽي سميت ٻين سياسي پارٽين جي ڪجهه اڳواڻن پھچي ملازمن جي مسئلن کي وفاقي حڪومت تائين پھچائڻ جي خاطري ڪرائي وئي پر اڃان ڪو به کڙتيل ناهي نڪري سگهيو، پي سي سي جي متاثر پورھيتن پنهنجي ڏکن جو داستان ٻڌائيندي چيو آھي ته اسان پندرهن سالن کان پاڪستان ڪاٽن ريسرچ (پي سي سي) ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون پر انتظاميا اسان کي اداري ۾ پڪو ڪرڻ بجاءِ برطرف ڪري ٻن مھينن جون پگھارون به روڪي ڇڏيون، جنھن سبب اسان فاڪاڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون جنهن سبب هن وقت اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آھن هنن روئندي التجا ڀري نظرن سان ٻڌايو ته هن سخت مھانگائي جي دؤر ۾ بيروزگار ٿيڻ سبب معصوم ٻارڙا اسڪول به نٿا موڪلي سگھون، هنن اعلان ڪيو ته جيستائين اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن تيسين احتجاج جاري رکيو ويندو.
پاڪستان ڪاٽن ريسرچ جي ايڏي وڏي اداري جا ملازم ڪيترن ئي ڏينهن کان احتجاجن ۽ بک هڙتالن تي هئڻ باوجود انهن جي ڪوبه وس وارو دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جڏهن ته ملڪ ۾ جھموري حڪومتن جي هوندي اسان جا حڪمران سدائين پورهيتن جي حقن جي ڳالهھ ڪندي نٿا ٿڪجن پر وري انهن ئي حڪمرانن تي افسوس تڏهن ٿو ٿئي ته جن پورهيتن جي محنتن سان ادارا هلن ٿا ۽ پنهنجي ڪمال تي پهچن ٿا ته انهن ۾ هيٺئين گريڊ جي ننڍن ملازمن جو قدر ڪرڻ بجاءِ انهن کي مختلف هيلن بهانن سان تنگ ڪري يا انهن جون پگهارون روڪيون ٿيون وڃن يا هٿ ٺوڪيا قانون ٻڌائي پورهيت ملازمن کي نوڪرين تان ئي بي دخل ڪيو ٿو وڃي جنهن کان پوءِ اڪثر ملازم احتجاجن وسيلي وس وارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن يا وري مسڪين ملازم انصاف لاءِ ڪنهن ڪورٽ سڳوري ۾ آس رکي ان جو در کڙڪائي پنهنجو ڪيس ييش ڪري ڇڏيندا آھن پوءِ ڪن جي احتجاجن جو ته کڙ تيل نڪرندو آھي پر ڪن جي دانهن جو ڪنهن تي ڪو به اثر ناهي ٿيندو، نتيجي ۾ ڪي مسڪين ملازم خودڪشيون ڪندا آھن ته ڪي وري مايوسين جي ور چڙھي گمنامي ۾ ھليا ويندا آھن جيڪو ڏاڍو ڏکوئيندڙ عمل محسوس ٿيندو آھي.
پاڪستان ڪاٽن ريسرچ به پاڪستان جو وفاقي ادارو آھي پر افسوس جو گذريل پندرنهن سالن کان اداري جي بهتري لاءِ ڪم ڪندڙ مسڪين پورهيت ملازمن کي مزدورن جي عالمي ڏينهن پهرين مئي تي پڪو ڪرڻ بجاءِ کين نوڪرين تان ئي فارغ ڪيو ويو، اداري جي ڪچن ملازمن توڙي پڪن ملازمن کي پگهارون به نه ڏنيون ويون، وس وارن کي گهرجي ته اداري کي اڌ زندگي ڏيندڙ پورهيت ملازمن جي احتجاج جو فوري طور نوٽيس ورتو وڃي ۽ اداري جي بهتري ۽ مستقل بنيادن تي ادارو هلائڻ لاءِ قدم کڻي قانون موجب ڪچن ملازمن کي پڪو ڪري ڪچن توڙي پڪن ملازمن جون رهيل پگهارون فوري طور ڏئي انهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ته جيئن ملازم بيروزگاري جھڙي بيماري مان نڪري ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جھڙي مجبوري کان به بچي پون ۽ پنهنجي معصوم ٻچڙن کي ٻن ويلن جي ماني ڏيڻ سان گڏ کين تعليم جھڙي زيور سان به آراسته ڪري سگهن.