سول سوسائٽي جي هڪ تمام وڏي نالي، مزدور ۽ پيڙهيل طبقي لاءِ سڄي ڄمار آواز اٿاريندڙ ۽ جدوجهد ڪندڙ، جمهوريت پسند، عوام دوست شخص ۽ پائلر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامريڊ ڪرامت علي جي ڪالهه ٿيل لاڏاڻي تي اسين انتهائي صدمي جو اظهار ڪيون ٿا. ڪامريڊ ڪرامت علي ڪميونسٽ تحريڪ جو به تمام وڏو جاکوڙي ڪردار رهيو آهي پر سندس سڀ کان وڏي سڃاڻپ مزدورن جي حقن واري جدوجهد رهي آهي.
دنيا اندر ته ڪنهن به هڪ سٺي ڪم لاءِ ماڻهن کي هميشه ياد ڪيو ويندو آهي. مثال طور ڪنهن هڪ پيشي ۾ نالو ڪمائيندڙ، اداڪار، فنڪار، رانديگر هجي ته کيس مڃتا ۽ مشهوري ملندي آهي پر ڪامريڊ ڪرامت علي جهڙيون شخصيتون ته گهڻ رخيون ۽ سراپا سون رهيون آهن. ڪامريڊ ڪرامت علي بظاهر هڪ شخص هو پر پنهنجي اندر ۾ ڪيتريون ئي ڪائناتون سمايون ويٺو هو. جيڪڏهن سندس شخصيت جي هڪ هڪ پاسي تي لکجي ته سندس هڪ هڪ پاسو تاريخي ۽ يادگار نظر ايندو.
ڪامريڊ جي سوچ ۽ فڪر کي ئي ڏسجي ته اهو پاسو ئي هڪ مهذب سماج جي جوڙجڪ لاءِ بيحد اهم آهي. هن ترقي پسند عملن ۽ روايتن کي جنم ڏنو يعني انهن روايتن ۾ پنهنجو حصو وڌو. انسان هن دنيا اندر ترقي پسند سوچ سان زندگي گذاري ٿو ته اهو به سماج کي تبديل ڪرڻ جي وڏي عملي اڳڀرائي هجي ٿي. ان حساب سان به ڏسجي ته هن دنيا مان ترقي پسند سوچ وارو ماڻهو اسان کان جدا ٿي ويو آهي. اسان ته چوندا آهيون ته هن ڌرتي تي ۽ هن سماج کي اصل ۾ ترقي پسند، روشن خيال ۽ مهذب ماڻهن کي ئي جيڪر جيئڻ گهرجي جيڪي ڌرتي ۽ عوام کي ڪجهه ڏئي سگهڻ جي صلاحيت رکندا هجن ڪامريڊ ڪرامت علي به اهڙين شخصيتن مان هڪ هو. هو انهن ماڻهن مان به هڪ هو جيڪو زماني جي اکين سان نه ڏسندو هو، زماني جي ڪنن سان نه ٻڌندو هو، زماني جي زبان نه ڳالهائيندو هو پر هو دنيا کي پنهنجي نظر سان ڏسندو هو، پنهنجي زبان ڳالهائيندو هو ۽ پنهنجي سوچ زماني جي ڪنن تائين پهچائيندو هو جيڪا درست، سچي، ۽ مهذب هئي جنهن جي هن ڌرتي ۽ عوام کي ضرروت هئي.
ڪامريڊ ڪرامت علي جو ڪميونسٽ پارٽي سان تعلق هو. ان پارٽي لاءِ هن ڇا ڪجهه ڪيو، ڇا ڪجهه ڏنو سو الڳ داستان آهي. ڪامريڊ ڪرامت ساڳي وقت کاٻي ڌر جو دانشور هو ۽ سندس دانش مندي مان ڀارت جي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ سونيا گانڌي به فيضياب ٿيڻ چاهيندي هئي. کانس مشورا وٺندي هئي. پاڪستان جي حڪومتن کي ته افسوس ته اهڙن ماڻهن مان ڪو فائدو وٺڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ٿي جڏهن ته حقيقي معنيٰ ۾ ڏسجي ته اهي ”ٿنڪ ٽينڪ“ جي حيثيت رکن ٿا. اهڙن سياسي دانشورن مان حڪومتون فائدو وٺن، کين صلاحڪار ڪن ۽ سندن صلاحن يعني پاليسين تي هلن ته حڪومتي نظام جيڪر انقلابي ٿي وڃي. پر اسان وٽ اهڙين فڪر انگيز شخصيتن جو قدر ئي ناهي ٿيندو.
ڪامريڊ ڪرامت علي جو پائلر انسٽيٽيوٽ وارو هڪڙو ڪم ئي جيڪڏهن ڏسجي ته سندس مڃتا لاءِ ڪافي آهي. ان پليٽ فارم تان هن مزدورن جي حقن لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي آهي. هيءَ دنيا اڄ مزدورن جي ۽ مظلومن جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ هڪ سڄڻ کان پڻ محروم ٿي وئي آهي. پر اها تمام اهم ڳالهه آهي ته هو پنهنجي پٺيان پائلر نالي هڪ تمام وڏو انسٽيٽيوٽ ورثي طور ڇڏي ويو آهي. جيڪو ڪامريڊ ڪرامت جي ياد ڏياريندو رهندو. ڪامريڊ ڪرامت علي جي ملڪ اندر جمهوريت جي بحالي لاءِ به يادگار جدوجهد رهي آهي. هن هميشه مارشل لائن ۽ آمريتي نظامن کي للڪاريو ۽ سڄي ڄمار جمهوريت جي وڪالت ڪندو رهيو آهي.
اهي سڀ پاسا جيڪي اسان سندس ڳڻايا آهن سي سڀ عظيم ۽ تاريخي آهن. هن مختلف سيمينارن، ڪانفرنفرنسن، مذاڪرن ۽ ٽي وي پروگرامن توڙي اسٽيجن تي جيڪي تقريرون ڪيون، مقالا پڙهيا، ليڪچر ڏنا سي سڀ هر دور لاءِ بامقصد رهيا جيڪي پٺتي پيل سماجن لاءِ سج سمان هوندا آهن جن جهالت جي اونداهه کي پنهنجي فڪر جي روشني سان روشن ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي.
ڪامريڊ ڪرامت علي جي شخصيت جو سڀ کان وڏو ۽ متاثر ڪندڙ پاسو سندس سنڌ دوستي به هو. هو پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ سنڌي سمجهندو هو ۽ وڏي واڪي ان جو اظهار به ڪندو هو. هو سنڌ جي اشوز تي ايئن ئي جذباتي ٿيندو هو جيئن سنڌ ڄاوا هوندا آهن. اسان هميشه اهڙين شخصيتن کي پنهنجين اکين تي سجائي رکيو آهي ۽ اکيون وڇائي سندن قدر پئي ڪيو آهي. اسان کي اهڙين شخصيتن کي اڃان به وڌيڪ مانُ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهڙيون شخصيتون جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿيون، سنڌ جو کائن پيئن ٿيون سي پاڻ کي سنڌ ڌرتي جو اٽوٽ حصو سمجهن ۽ پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو سمجهن ته اسان کي اهڙي عظيم سوچ وارن ماڻهن جو وڌيڪ قدر ڪرڻ گهرجي. ڪامريڊ ڪرامت علي ان حوالي سان به اسان جو پنهنجو ئي ماڻهو ۽ سنڌ جو نمڪ حلال فرزند هو جنهن تي اسان کي فخر آهي.
اسان جي مجموعي طور تي هڪ ڪمزوري اها رهي آهي ته پاڻ جيئري اها مڃتا ناهيون ڏيندا جيڪا مرڻ پڄاڻان ڏيندا آهيون. معنيٰ ته اسان اڃان مرده پرستي واري سوچ جا قائل آهيون. باوجود ان جي ته اهڙين شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ اسان کي هر سال سونهري موقعو ملندو آهي. هر سال اهڙين شخصيتن جا جنم ڏينهن ايندا آهن جن کي سالگره جي روپ ۾ ملهائي به سگهجي ٿو ۽ ان موقعي تي کين سندن زندگي ۾ ڀيٽا به پيش ڪري سگهي ٿي پر الائي ڇو اسان سالگراهون ملهائڻ کي جيئري مڃتا ڏيڻ کي معيوب سمجهندا آهيون. ڪاش اسان جيئري مڃتا ڏيڻ جي اخلاقي جرئت پيدا ڪريون. ان جي، انهن ڄاڻايل شخصيتن کي اصولي طور تي ڪا به طلب ناهي هوندي پر ڏسجي ته ان جي اسان کي ۽ اسان جي سماج کي ضرورت هوندي آهي.
بهرحال ڪامريڊ ڪرامت علي کي اسان سندس شاندار زندگي تي سلام پيش ڪيون ٿا ۽ زوردار نعرو هڻون ٿا ته ”ڪامريڊ ڪرامت علي زنده باد“ ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ ڪرامت جي زندگي کي اسان ڪامياب فخر لائق، اتساهيندڙ ۽ سبقن جهڙي سمجهون ٿا.