لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن کي ايندڙ هفتي نيوزيلينڊ خلاف اوول ۾ شروع ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ جي اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نائب ڪپتان هيري بروڪ جي هوندي به جوءِ روٽ کي ٽيم جي قيادت سونپي وئي آهي.
اي سي بي طرفان لنڊن جي هڪ نائيٽ ڪلب ۾ آچر جي صبح پيش آيل جهيڙي واري معاملي بابت جاچ جاري آهي.
واضح رهي ته بين اسٽوڪس آفيشلي طور انگلش ٽيم جو ڪپتان آهي، جڏهن ته فاسٽ بالر گس ايٽڪنسن گذريل هفتي لارڊز ۾ پهرين ٽيسٽ ۾ پنج وڪيٽون وٺي انگلينڊ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ٻنهي کي 15 رڪني اسڪواڊ مان ڊراپ ڪري سندن جاءِ تي جوفرا آرچر ۽ جورڊن ڪاڪ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
تجزئي نگارن سينيئر انگلش ڪرڪيٽر جوءِ روٽ جو ٻيهر ڪپتان طور واپس اچڻ هڪ حيران ڪندڙ فيصلو آهي، هو 2017 کان 2022 تائين رڪارڊ 64 ميچن ۾ انگلينڊ جي قيادت ڪري چڪو آهي هئي، جنهن کانپوءِ اسٽوڪس ٽيم جي ڪمان سنڀالي هئي.
هيري بروڪ کي ڪپتاني نه ڏيڻ جو سبب اهو آهي ته هو پاڻ به نيوزيلينڊ ۾ هڪ نائيٽ ڪلب ۾ ٿيل واقعي سبب ڏنڊ ۽ وارننگ جو شڪار ٿي چڪو آهي.
جورڊن ڪاڪ، جنهن کي ٻه ڀيرا زخمي ٿيڻ سبب ٽيسٽ ڊيبيو جو موقعو نه ملي سگهيو هو، تازو ئي ڀارت مان واپس آيو آهي جتي هو آءِ پي ايل ۾ شامل هو.
هن تازو ئي ايسڪس لاءِ کيڏندي 31 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته جوفرا آرچر جمعي تي وطن واپس پهچندو.
هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم آرچر جي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو اشارو ڏنو آهي.