ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا جينيفر ونگٽ بابت خبرون سامهون آيون آهن ته هوءَ هلندڙ سال شادي ڪرڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جينيفر ونگٽ دعوا ڪئي آهي ته سنگاپور سان واسطو رکندڙ واپاري وليم اشماعيل کيس شادي جي آڇ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ٻئي شادي جي تيارين ۾ مصروف آهن. رپورٽن موجب اداڪارا شادي جون تياريون به شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ تقريب عيسائي رسمن موجب سيپٽمبر کان آڪٽوبر يا ڊسمبر کان جنوري وچ ۾ ٿي سگهي ٿي.
واضح رهي ته جينيفر ونگٽ 2012ع ۾ پنهنجي مشهور ڊرامي ”دل مل گئي“ جي ساٿي اداڪار ڪرن سنگهه گروور سان شادي ڪئي هئي، پر ٻنهي 2014ع ۾ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته جينيفر جي اڳوڻي مڙس ڪرن سنگهه گروور پهرين شادي 2008 ۾ شرڌا نگام سان ڪئي جيڪا هڪ سال بعد 2009 ۾ ختم ٿي وئي، ٻي شادي 2012 ۾جينيفر سان ڪئي جيڪا ٻن سالن بعد 2014 ۾ ختم ٿي وئي، جڏهن ته ٽين شادي بپاشا باسو سان 2016 ۾ ڪئي جنهن مان کيس هڪ نياڻيءَ جي اولاد آهي.