بجلي سستي نه هجڻ وارو سوال

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

نيلم جهلم پاور پروجيڪٽ آزاد ڪشمير پاڪستان ۾ هڪ هائيڊرو پاور پروجيڪٽ آهي،جنهن جا هيٺيان مقصد ۽ مکيه نقطا آهن.نيلم نديءَ جو پاڻي جهلم نديءَ ڏانهن موڙي ٿو.نصب ٿيل گنجائش پڻ 969 ميگاواٽ بجلي ڏيڻ آھي،سالياني توانائي جي پيداوار 5 بلين يونٽ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪرڻ آھي.جنھن تي پاڪستاني روپين ۾ لاڳت پڻ 274.882 بلين پاڪستاني رپيا آھي.  ھن پروجيڪٽ جو مقصد پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ کي منهن ڏيڻ آھي،ھن عمل سان ملڪي معاشي ترقي ۾ پڻ مدد ملي پوڻ جا چٽا امڪان آھن.ان کان علاوه لوڊشيڊنگ ۾ پڻ گھٽتائي ايندي،ان حوالي سان اھا اميد پيدا ٿي سگھي ٿي ته ھي پروجيڪٽ صاف توانائي فراهم ڪرڻ م به اھم ڪردار ادا ڪندو.

ان سڄي عمل ۾ جيڪا ڳالهھ رنڊڪ جي صورت اختيار ڪري بيٺي آھي سا آھي ته  نيلم نديءَ تي جامع ڊيم آھي جنھن جي ڊيگھه 48 ڪلوميٽر سرنگ تي مشتمل پڻ آھي ،جنھن کي 4 يونٽن تي ھڪ پاور اسٽيشن آھي،جيڪا ھن وقت تائين پنھنجي نقشي ۾ برقرار آھي،جنھن ۾ سرچ چيمبر، ۽ پين اسٽاڪ پڻ آھن.ھن وقت جيڪي ھن پروجيڪٽ ۾ سامھون چئلينجز آھن تن ۾ پروجيڪٽ ۾  دير ٿيڻ اھم سبب ٻڌايو پيو وڃي،انڪري اڳتي ھلي مھنگائيءَ سبب مالي مسئلا پيدا ٿي پيا آھن،ھوڏانھن پروجيڪٽ  جي ڊيزائن تبديل ٿيڻ وارو معاملو به اھم سبب آھي پروجيڪٽ نه ھلڻ جو،جنھن کي پڻ مڪمل 2018 ۾ مڪمل ٿيڻو ھو.

ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي (DHA) پاور پروجيڪٽ ۽ واٽر ڊي سينيٽيشن پلانٽ جو مقصد ڊي ايڇ اي ڪراچي جي رهواسين کي بجلي ۽ صاف پاڻي مُهيا ڪرڻ آهي.هيٺ ھن منصوبي جا تفصيل پڻ ڏجن ٿا جيڪي ھيٺين ريت آهن.

ڊي ايڇ اي پاور پروجيڪٽ جا مقصد پڻ ھي آھن:

ڊي ايڇ اي ڪراچي لاءِ بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ جو هڪ نظام پڻ قائم ڪرڻ آھي.جنھن سان نيشنل گرڊ تي انحصار کي گهٽائڻ ۽ مستحڪم بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آھي.جنھن سان گيس جي بنياد تي بجلي جي پيداوار ذريعي 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو ھو.جنھن جو مقصد هڪ وقت ٽرانسميشن ۽ تقسيم نيٽ ورڪ ٺاهڻ پڻ ھو.ڊي ايڇ اي ڪراچي اندر رھندڙن، تجارتي علائقن ۽ صنعتن کي قابل اعتماد ۽ موثر بجلي جي فراهمي فراهم ڪرڻ آھي.ان عمل سان پڻ ھيٺيان فائدا پيدا ٿيڻ جو يقين ٿي پوندو. بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ ۾ گهٽتائي پڻ يقيني ٿي پوڻ جو پروگرام ھو.ان عمل سان  بهتر پاور پيدا ٿئي ھان جيڪو پڻ  معيار ۽ اعتبار پيدا ڪري ھان.علائقي ۾ اقتصادي ۽ تجارتي سرگرمين کي وڌائڻ پڻ ھن منصوبي جو اھم مقصدن ۾ شامل ھو.

ڊي ايڇ اي  واٽر ڊيسينيٽيشن پلانٽ جا پڻ مقصد ھن ريت آھن:

ڊي ايڇ اي ڪراچي جي رهواسين لاءِ صاف پاڻي جو هڪ پائيدار ۽ قابل اعتماد ذريعو مهيا ڪرڻ ھو.زميني پاڻي ۽ ميونسپل بنيادن تي ملندڙ  پاڻي جي فراهمي تي انحصار کي گهٽائڻ لاء ھي منصوبو رٿيو ويو.جنھن جو اھم مقصد روزانو( 5 ايم جي ڊي) جي گنجائش سان سمنڊ جي پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو پلانٽ قائم ڪرڻ آھي.جنھن سان  بين الاقوامي معيارن سان ملندڙ صاف پاڻي پيدا ڪرڻ پڻ آھي.ان سان ڊي ايڇ اي ڪراچي اندر آباديء، ڪمرشل علائقن ۽ صنعتن ۾ هڪ وقف نيٽ ورڪ ذريعي پاڻي ورهائڻ به اھم مقصدن م شامل آھي.جنھن جا فائدا پڻ ھن ريت آھن.صاف ۽ محفوظ پيئڻ جي پاڻي تائين رسائي، بوتل جي پاڻي ۽ ٽينڪر جي فراهمي تي ڀروسو گھٽائڻ،بهتر عوامي صحت ۽ صفائي جو اھم خيال رکڻ.

ان عمل جي مڪمل ٿيڻ سان ٻنهي منصوبن جو مقصد ڊي ايڇ اي ڪراچي ۾ زندگي جي معيار ۽ بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ آهي،ان کي رهواسين ۽ ڪاروبار لاءِ ڪميونٽي بنيادن تي وڌيڪ پرڪشش ۽ پائيدار  بنائڻ آهي. پر افسوس جو ھي منصوبو به ڪنھن وڏي رڪاوٽ ۽ ڪنھن بي ڌيانيء جو شڪار نظر اچي رھيو آھي.اھو ايئن ڇو ٿئي ٿو،ان پويان ڪھڙا سبب آھن انھن جي تحقيق ٿيڻ ضروري آھي.ان منصوبي جي تيار ٿيڻ سان فائدو ڪنھن کي ٿئي پيو ۽ نقصان ڪنھن جو پئي ٿيو سو پڻ واضح ڪرڻ وقت جي حڪومت ۽ پڻ ان منصوبي تي عمل ڪرائيندڙ اختيارين تي فرض ٿو ٿئي ته عوام کي ٻڌائن ته عوامي فلاحي ۽ سرڪاري منصوبن ۾ رنڊڪ بنجڻ ۽ نامڪمل ٿيڻ جا ڪھڙا محرڪ آھن.؟

حبڪو پاور پروجيڪٽ، حب پاور پلانٽ جي نالي سان پڻ مشهور آهي،ھي هڪ حرارتي پاور پلانٽ آهي جيڪو پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي علائقي حب ۾ واقع آهي.  هتي ان جا ڪم ۽ ناڪامي جا سبب  پڻ ھن ريت آهن. ھي بجلي پروجيڪٽ (ڪوئلي،گيس،يا تيل) مان بجلي مُهيا ڪري ٿو.

ھن منصوبي ۾ بجلي پيدا ڪرڻ واري سگهھ پڻ ھن ريت آھي  1,292 ميگاواٽ (ميگا واٽ) بجلي پيدا ڪندڙ منصوبو آھي جنھن مان نيشنل گرڊ کي بجلي فراھم ڪئي وجي ٿي. ھي منصوبو پاڪستان جي ڏاکڻي علائقي جي بجلي جي گھر کي پورو ڪري ٿو ڪرڻ جي سگهھ رکڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو.

ھن وقت حبڪو پاور پلانٽ به ڪن سببن ڪري اھا مناسب بجلي مُهيا ڪرڻ ۾ ناڪام وجڻ جا اطلاع پڻ آھن.جنھن م بار بار خراب ٿيڻ ۽ ٽيڪنيڪل خرابين جي ڪري بجلي جي بندش ۽ پيداوار جي گنجائش  پڻ گهٽجي وئي آهي.

ھڪ وڏو سبب فيول سپلاءِ ۾ رڪاوٽون به ٻڌايو وجي ٿو، ٻارڻ جي وقفي وقفي سان فراهمي،خاص طور تي گيس جو وقت به وقت بريڪ اچڻ،آسان آپريشن ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. وقت تي سامان فراھم نه ڪرڻ، ناڪافي سار سنڀال ۽ مرمت جي ڪم ڪارڪردگي متاثر ڪري ٿو جنھن ڪري وقت سر بجليءَ جي فراهمي ٿيڻ ممڪن ڪونھي.مالي رڪاوٽن ۽ ناڪافي فنڊنگ ۽ ليولٽي مسئلن منصوبي جي استحڪام کي متاثر ڪيو آهي.ھڪ ٻيو وڏو سبب ناڪاميءَ جو پڻ ھي به آھي ته سياسي ۽ ريگيوليٽري چئلينج حڪومت ۽ ريگيوليٽري ادارن سان تڪرار دير ۽ غير يقيني صورتحال جو سبب بڻيا آهن.انهن چئلينجن جي باوجود،حبڪو پاور پروجيڪٽ پاڪستان جي بجلي پيدا ڪرڻ واري منظرنامي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ منصوبي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي ته جيئن ملڪي بجلي پيداوار ۾ کوٽ کي پورو ڪري سگھجي.ان کان علاوه اتي انھن رنڊڪن ۽ ڪمزورين کي حل ڪرڻ ۽  ھٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ئي نه پر اولين فرضن ۾ حڪومت کي ترجيحي بنيادن م شامل ھجڻ پڻ ضروري آھي.

سڀ کان پهريان اهميت وارو سوال اهو آھي ته ملڪ کي بجلي جي طلب/گهر ڪيتري آھي؟ان هوندي وري کوٽ ڪيتري آھي؟اهڙي نموني انهيء طلب/گهر لاء پاور هائوس ڪيترا هجڻ کپن؟انهن جي بجلي پيداوار پڻ ڪيتري هجڻ کپي ۽ ڪٿي ڪٿي آھن؟انهن جي پيداوار هجڻ باوجود کوٽ يا بجلي رسد پوري ڇو ڪونه ٿئي ٿي؟اهي ۽ اهڙا سڀ سوال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا ته انهن پاور هائوسز،منصوبن،پراجيڪٽس هجڻ باوجود کوٽ پوري ڇو ڪونه ٿي ٿئي؟۽ انهن جي فنڪشنل ۽ نان فنڪشنل هجڻ واري ڳالھ به پڻ غور طلب آھي.

ان سلسلي ۾ هتي فقط نيلم جهلم پاور پراجيڪٽ،حبڪو پاور پلانٽ ۽ ڪراچي ۾ ڊي ايڇ اي پاور پلانٽ وارن منصوبن سميت ڪنوپ پاور پراجيڪٽ  جو جائزو پيش ڪيون ٿا ته اهي بلآخر ھجڻ باوجود بجلي کوٽ طلب مطابق ڇو ڪونه ٿي پيدا ٿئي؟اتي انهن پارو پلانٽس جو ٺھڻ،هلڻ ۽ ڪتابن ۾ منصوبا ترتيب ڏيڻ باوجود مڪمل ڇو ڪو نه ٿا ٿين يا پنهنجي بجلي پيدا ڇو ڪو نه ٿا ڏين؟

اطلاع اهي آھن ته ڪراچي لڳ ڪنوپ جي نالي سان ٺھندڙ پاور هائوسز تمام وڏي خرچ باوجود ڄڻ ته نان فنڪشنل آھن!!هوڏانهن حبڪو جهڙي پاور هائوس اسٽيشن کي به نوٽيس ملي چڪو آھي ته هو بجلي پيداوار ايتري ڪونه پيا ڪن جيڪا معاهدي تحت پيدا ڪرڻ کپي جنهن جي حڪومت کان هو ڪانٽريڪٽ تحت  پيمنٽ حاصل ڪري رهيا آھن.حيرت جي ڳالھه آھي ته بجلي جي پيداوار ٿئي ڪونه ٿي ۽ حڪومت معاهدي تحت پئسا ادا ڪري رهي آھي!!اهڙي ئي نموني نيلم جهلم جهڙي پاور پراجيڪٽ جي صورتحال آھي جنهن جي پيداوار پڻ هڪ هزار ميگا واٽ جي قريب پڻ هئي پر اهو به ڪن اڻ ٽر سببن ڪري پنهنجي پيداوار ڪونه پيو ڏي.!!

ان ڪري حڪومت کي کپي ته عوام کي ٻڌائي ته اهي پاور پروجيڪٽ ڪيتري حد تائين پهتا آھن ۽ انهن جي بجلي پيداوار واري ڇا صورتحال آھي.جڏهن به عوامي حق۾ پبلڪ سيڪٽر جا منصوبا،پروگرام ۽ پروجيڪٽ آندا وڃن ته انهن بابت عوام کي ڄاڻ ڏيڻ پڻ ضروري آھي.ڇوته اهو سرڪاري فرض جتي آھي ئي آھي پر اهو عوامي فرضن ۾ به اولين فرض آھي.جيڪڏهن ايئن نه ٿو ٿئي ته پوءِ اهو سمجهڻ کپي ته اتي ڪا نه ڪا بدنيتي،کوٽ يا ڪرپشن ضرور آھي.

اهو انفارميشن ڪميشن جو به فرض ٿو ٿئي ته انهن ادارن،منصوبن،پروگرامن ۽ پروجيڪٽ جي سربراهن کي نوٽيس ڏئي ته هو ملڪ ۽ عوام جي بهتري ۽ ڄاڻ خاطر ماهوار،ٽه ماهي يا ساليانه هڪ رپورٽ شايع ڪن هي عوامي پروگرام،پروجيڪٽ هن صورتحال تي پهتو آھي.

هن وقت اسان جي جيڪا بجلي صورتحال صورتحال آھي سا پڻ هر لحاظ کان ڳڻتي واري آھي،بجلي پيدا ڪندڙ هائوسز ڪيتري بجلي پيدا ڪن ٿا سا خبر ناهي،بجلي پيداوار جي موٽ ۾ حڪومت انهن کي عوامي خزاني مان ڪيترا پيسا ادا ڪري ٿي سا به پڻ سواليه نشان آھي.نيلم جهلم،ڪنوپ،حبڪو،۽ ٻيا بجلي گهر ڪهڙي صورتحال مان گذرن پيا عوام کي ڪا ڄاڻ ناهي.هي مسئلا،پروگرام يا پروجيڪٽ عوام ڄاڻ کان لڪائڻ جهڙا ناهن،انهن جي ڄاڻ نه ڏيڻ مان اهو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته اتي شايد ٿيندڙ ڪرپشن کي لڪايو وڃي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.