ڪي اليڪٽرڪ جي موتمار لوڊشيڊنگ ۽ ڳرن بلن تي واڌو ٽيڪس جو نوٽيس ورتو وڃي

تحرير: جميل چانڊيو

ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جيستائين سرڪار جي تحويل ۾ هو ان وقت تائين نه ته ڪوڙا ۽ ڳرا بل عوام مٿان مسلط ڪيا ويندا نه ئي وري ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته هي ادارو ڪي اي ايس سي مان ڪي اليڪٽرڪ نجي تحويل ۾ آيو آهي ان وقت کان بجلي جي بلن ۾ پنج سئو سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، دنيا ۾ ڪٿي به اهو قانون نه آهي ته هر سئو يونٽ کان پوءِ يونٽ جي قيمت ۾ اضافو ڪجي ۽ دنيا ۾ ڪنهن به حصي ۾ پيڪ اوورس جنهن کي سنڌي ۾ کڻي ڳاٽي ٽوڙ ٽائيم چئجي جيڪي اڄڪلهه شام 6:30 کان رات جا 10:30 جي اليڪٽرڪ جي ڪاري قانون تحت پيڪ اوورس جا ريٽ 25 سيڪڙو اڃان وڌايا وڃن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي جي رهواسين سان اهو ويساهه گهاتي ۽ زيادتي برابر آهي. جڏهن ته شام 6 کان وٺي رات 11 تائين سڄي ملڪ ۾ ڪٿي به اهڙو ڪارو قانون لاڳو نه آهي. ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ پورٽ قاسم جي مقام تي ڪي اليڪٽرڪ جو تمام وڏو ٿرمل پاور جيڪو سمنڊ سان لڳ آهي هن پاور پلانٽ کي هلائي ان مان بجلي ٺاهي وڃي ٿي پر ملير واسين کي بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو شهر جي ٻين حصن کان وڌيڪ آهي، ان بجلي گهر ۾ بجلي جي پيداوار ضلعي ملير سميت ڪراچي جي ٻين ضلعن ڏانهن سپلاءِ ڪئي ويندي آهي. ڪراچي کان گهارو تائين ايڪسپريس لائين ذريعي لوڊشيڊنگ کانسواءِ نظام رائج ڪرايو آهي.

تازو ملير جي سڀ کان وڏي شهري آبادي گلشن حديد فيز 2 ۾ رات جي پيٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن ۽ بجلي وڪرو ڪندڙ مافيا جيڪا ڪجهه نجي بااثر ماڻهن جي معرفت فيز 3 ۽ سومار ڳوٺ ۾ ڪنڊا هڻي بجلي جي چوري ڪئي وڃي ٿي اهڙي صورتحال ۾ گلشن حديد فيز 2 جي آخري حصي ۾ رهندڙ ماڻهن جي مين سپلاءِ سخت متاثر ٿي آهي جنهن تي اُتان جي رهواسين عبدالمجيد خٽڪ ٻڌايو ته ڪنڊا مافيا ڪي اليڪٽرڪ جي ڪجهه آفيسرن ۽ عملي جي ملي ڀڳت سان رات جي تاريخي ۾ ڄاڻايل علائقن ۾ ڪُنڊا هڻن ٿا جنهن سان فيز 2 جي سپلاءِ ۽ وولٽيج سخت متاثر ٿئي ٿي ۽ سندن گهر ۾ بجلي جي آلات کي نقصان پهتو آهي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪيترائي دفعا شڪايتن جي باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿيو آهي ۽ ڪُنڊا مافيا اسان ۽ منهنجي پُٽن مٿان حملو ڪيو جنهن جي درخواست اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۽ ڪي اليڪٽرڪ وارن کي پڻ ڏني آهي، عبدالمجيد خٽڪ چوري واري ڪُنڊي بابت پڻ وڊيو ثبوت طور ڏنو آهي. جڏهن ته گلشن حديد جي 2 ڪلوميٽر تي پکڙيل ايڪسٽينشن 2/1 ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي سئو سيڪڙو عوام پاران بلنگ جي باوجود ڏينهن ۾ صبح کان رات 9:30 تائين وقفي وقفي سان ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ اهڙي سخت گرمي ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي. ان سلسلي ۾ جڏهن لاڳاپيل ڪي اليڪٽرڪ عملدارن کان غيرقانوني لوڊشيڊنگ جو سوال ڪيو تنهن تي سندن جواب هو ته ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ بجلي جي چوري سبب ڪري ٿي جيڪو غير مناسب ۽ غير قانوني جواب هو.

وڊيو ۾ واضح طور تي بجلي مافيا جي ڪُنڊن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جا  ملازم ڀاڱي ڀائيوار آهن، اهڙي صورتحال ۾ صوبائي حڪومت کي گهرجي ته هو جهڙي نموني ڪي اليڪٽرڪ جي غيرقانوني لوڊشيڊنگ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءَ پيش ڪيو آهي اهڙي طرح ڪي اليڪٽرڪ جي ڪُنڊا مافيا ملازمن خلاف عوام کي روڊن تي نڪري غير واجبي ۽ غيرقانوني لوڊشيڊنگ خلاف سراپا احتجاج ٿي ڪي اليڪٽرڪ جي وجود کان اڄ ڏينهن تائين لاڳو غيرقانوني واڌو بلن ۽ لڪيل ٽيڪس جي هڪ هڪ رپئي جو حساب ورتو وڃي، جيڪڏهن حڪمرانن ڪي اليڪٽرڪ جو قبلو درست نه ڪيو ته پوءِ عوام ترت ئي دمادم مست قلندر جو نعرو هڻندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.