پاڪستان جو مفلوج تعليمي نظام

تحرير:محمد ايوب چانڊيو

تعليم کي ھر مسئلي جو حل سمجھيو ويندو آھي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آھي ڇو ته علم  انسان جي ٽين اک آھي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۽ قومن جي خوشحالي جو راز به بھتر ۽ مضبوط تعليمي نظام آھي. نيلسن منڊيلا تعليم جي اھميت  بيان ڪندي چيو هو ته ” ڪو به ملڪ تيستائين ترقي ڪري نٿو سگهي جيستائين ان جا شھري پڙھيل لکيل نه ھجن“ اھڙي نموني آمريڪا جي اڳوڻي صدر جي ايف ڪينيڊي پڻ چيو ھو ته بحيثيت قوم اسان جي ترقي  تعليم کان سواءِ جلدي نٿي ٿي سگھي ڇو ته اسان جا ذخيرا پڙھيل لکيل دماغ آھن. ھي صرف لفظن جا ميڙ نه آھن بلڪ انھن نالي وارن ليڊرن اھڙي قسم جا سڌارا آڻي پنهنجي قوم ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن به ڪيو ھو. تنھنڪري اسان چئي سگھون ٿا ته  زندگي جي ھر شعبي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ تعليم ھڪ ڊرائيونگ فورس آھي

بدقسمتي سان پاڪستان جو تعليمي نظام پاڻ ئي مسئلن جو  شڪار ٿي پيو آھي يعني مفلوج

ٿي چڪو آھي ته پوءِ ملڪ کي ڪھڙي خوشحالي جي راھ ڏيکاريندو. ھاڻ ڪجھه حقيقتن ۽ مثال پيش ٿا ڪريون جيڪي واضح ٿا ڪن ته واقعي ئي پاڪستان جو تعليمي نظام مفلوج ٿي چڪو آھي. پاڪستان جي تعليمي نظام جي مفلوج ھجڻ جي پھرين نشاني اھا آھي جو 77 سالن ۾ ملڪ کي ڪا به سائنسي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ايجاد ڏئي نه سگھيو آھي. پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ جنھن به سائنسي ايجاد جي تاريخ جو مطالعو ڪنداسين ته  ان جو تعلق ڪنھن نه ڪنھن  ٻاھرين دنيا جي سائنسدانن سان ھوندو. مثال طور سولر پينل  جيڪو اڄڪل ھر  فرد ۽ ھر گھر جي ضرورت ٿي پيو آھي اھو 1954ع ۾ آمريڪا جي سائنسدانن ڊيرائيل چيپن  (Daryl Chapin) چارلس فرٽس Charls Fritts جي ٿيل تحقيق تي وڌيڪ ڪم ڪري ايجاد ڪيو ھو. اھڙي نموني موجوده موبائيل فون جي ايجاد جو بنياد رکندڙ جان فرانسز ميچيل

(John Francis Mitchell) جو تعلق پڻ آمريڪا سان ھو. ھي ته ڪجھه مثال آھن پر زندگي جي ھر شعبي ۾ جيڪي به سائنسي ايجادون ۽

ترقيون ٿيون آھن پوءِ اھا ميڊيڪل سائنس ھجي ، سوشل سائنس ھجي، ڊجيٽل ايجاد ھجي يا کڻي اسپيس سائنس ھجي سڀئي ترقيون ٻاھرين دنيا جون آھن. پاڪستان جو ڪنٽريبيوشن سائنسي ايجادن ۾ نه هئڻ برابر آھي

پاڪستان جو ڪمزور معاشي نظام  ٻئي نشاني آھي  ھتان جي ناقص تعليمي نظام جي. ڇو ته ملڪ جي معاشي ترقي ۾ تعليم جو وڏو ڪردار آھي. برٽش پروفيسر ڪلوي ھاربر  پنهنجي ڪتاب ”ايجيوڪيشن اينڊ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ“ ۾ لکي ٿو ”تعليم انساني خوشحالي سان لاڳاپيل سڀني سرگرمين جي لاءِ ڊرائيونگ فورس آھي“ پر بدقسمتي جي ڳالھه اھا آھي جو  پاڪستان جي يونيورسٽين مان ھر سال ھزارين شاگرد گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪن ٿا پر انھن  ۾  70 سيڪڙو اھڙا شاگرد آھن جن کي پنهنجي ئي شعبي ۾ مھارت ۽ اسڪلس  نه آھن. اھڙا نوجوان ملڪ جو سرمايو ۽ اثاثو ٿيڻ جي بجاءِ ملڪ تي بوجهه ۽ چٽي ثابت ٿين ٿا. جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستان غربت ۽ بيروزگاري جو ڳڙھ ٿي پيو آهي. اھڙي نموني پاڪستان جو تعليمي نظام سڪلڊ ليبر مھيا ڪرڻ ۾  پڻ ناڪام رھيو آھي

پاڪستان انسٽيوٽ آف ايجيوڪيشن جي رپورٽ مطابق 26.2ملين پنج کان سورنھن سال عمر جا ٻار بنيادي تعليم کان محروم آھن يعني پاڪستان دنيا جو  ٻيو نمبر ملڪ آھي جتي وڏي انگ ۾ ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن. اھا ھڪ وڏي ۽ اھم نشاني آھي جيڪا ظاھر ڪري ٿي ته پاڪستان جو تعليمي نظام ناڪارا ٿي چڪو آھي.   انتھا پسندي (Extremism)جي لھر پڻ پاڪستان جي مفلوج تعليمي نظام جو نتيجو آھي. ھر آئي ڏينھن ڪو نه ڪو شخص شدت پسند ۽ انتھا پسند ماڻھن جو شڪار ٿيو پوي پوءِ اھو سيال ڪوٽ جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ڪو فارنر ھجي يا امام بارگاھ ۾ ويٺل ڪو ذاڪر ھجي يا کڻي ڪو ميمبر رسول تي ويٺل خطيب ھجي شدت پسندن جي باھ جي شعلن کان بچي نٿو سگهي. تنھنڪري پاڪستان جي ھر سياسي پارٽي ۽ گورنمينٽ جي ترجيح اول ملڪ جو تعليمي نظام ھجڻ گھرجي ڇو ته تعليم ھڪ اھڙو ذريعو آهي جنھن سان ملڪ جا سماجي, معاشي توڙي سياسي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا. سڀ کان پھريان پوري ملڪ ۾ يڪسان ۽ اپڊيٽيڊ تعليمي نصاب متعارف ڪرڻ گھرجي جيڪو 21صديءَ جون گھرجون پوريون ڪري سگھي، بجيٽ الوڪيشن ۾ تعليم جو شعبو ترجيح اول ھجڻ گھرجي، بجيٽ  واري سسٽم تحت استعمال ڪرڻ گھرجي يعني تعليم جي بالا آفيسر کان وٺي اسڪول جي سربراھ يائين ھر فرد جو احتساب ٿيڻ گھرجي، ديني مدرسن کي گورنمينٽ اسڪول، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ذم ڪرڻ گھرجي، امتحان جي نظام ۾ سڌارا آندا وڃن ۽  هائلي ڪواليفائيڊ ٽيچرس سٺين پگھارن  تي ڀرتي ڪيا وڃن. مٿي بيان ڪيل سڌارن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو تعليمي نظام ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي گامزن ڪري دنيا جي ترقي يافته قومن سان مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.