بلوچ صحبت علي جي ڪتاب "ملائيشيا جون محبتون” جو اڀياس

تحرير: ڊاڪٽر اظھر علي شاھ

دادو واسي بلوچ صحبت علي جي شخصيت ۾ قدرت ڪيترائي انڊلٺي رنگ ۽ رخ سمايا آھن. انگريزي ادب جي ماھر پروفيسر سليم سولنگي جي صحبت ۾ تربيت حاصل ڪندي انگريزي ٻولي پڙھائڻ سان گڏ انگريزي گرامر تي ڪيترائي ڪتاب تحرير ڪندي سنڌ لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي سند پڻ حاصل ڪيائين. وڪالت جي پيشي اختيار ڪرڻ سان شاعري،  ادب ۽ خاص ڪري سائنسي ادب ۽ سفرنامن سميت ڪيترن ئي صنفن تي ٽيھن کان وڌيڪ ڪتاب لکي چڪا آھن جن ۾ سندس تازو شايع ٿيل معلوماتي ۽ دلچسپ سفرنامو "ملائيشيا جون محبتون” پڻ شامل آھي.

جيتوڻيڪ تاريخي حوالن مطابق سفرنامي لکڻ جي شروعات ٻين صدي عيسوي يوناني جاگرافي جي ماھر پاسينياس (Pausanias)  کان ٿئي ٿي جنھن بعد يارھين صدي عيسوي ۾ سفرنامـ جي عنوان سان اسماعيلي شاعر ۽ فلسفي ناصر خسرو جي لکت تاريخي رڪارڊ تي موجود آھي. ناصر خسرو پنھجي سفر جي شروعات حج ادا ڪرڻ سان ڪئي ۽ ان بعد ستن سالن تائين پوري اسلامي دنيا ۾ سفر ڪندو رھيو ۽ ان سفر جي معلومات تي مبني سفرنامـ تخليق ڪيائين جنھن ۾ مڪي،  يروشلم ۽ قاهرة جا گھڻا تفصيل ڏنل آھن. ناصر خسرو کان پوءِ  گيرالڊ آف ويلس،   ابن جبير،   مارڪو پولو،  ابن بطوطا کان ٿيندو بنگالي ادب ۾ رابندر ناٿ ٽيگور ۽ سنڌي ادب ۾ ناول نما سفرنامو لکندڙ طارق عالم ابڙو،  الطاف شيخ،  عبدالحي پليجو ۽ ٻين انيڪ ليکڪن سان گڏ بلوچ صحبت علي جو نالو پڻ معلوماتي ۽ دلچسپ سفرنامـ لکندڙن جي فھرست ۾ شامل ٿئي ٿو.

‘ملائيشيا جون محبتون’ جي عنوان سان تحرير ڪيل بلوچ صحبت علي جي سفرنامـ پڙھڻ سان نـ صرف سير سفر ۽ سياحت سان دلچسپي رکندڙن کي مفيد معلومات ملي ٿي پر ملائيشيا جي معاشري ۾ موجود بھترين سھولتن جو تعارف پڻ ملي ٿو ۽ اھڙين سھولتن جي اسانجي معاشري ۾ اڻاٺ جي نشاندھي ڪندي حڪمرانن جو ڌيان پڻ ڇڪايو وڃي ٿو تـ جيڪڏھن سٺي حڪمراني ھجي تـ سنڌ ۾ پڻ اھڙيون سھولتون مھيا ڪري نـ صرف عوام کي سير ۽ تفريح مھيا ڪري سگھجي ٿي پر ان ذريعي تمام گھڻو ناڻو پڻ ڪمائي سگھجي ٿو ۽ روزگار جا نوان موقعا پڻ پيدا ڪري سگھجن ٿا. اھڙين سھولتن سميت ڪجھ مفيد ۽ نئين معلومات سان گڏ اھم لقائن جا مثال ھيٺ پيش ڪجن ٿا.

پيٽروناس ٽاورس: بلوچ صحبت علي لکي ٿو تـ ڪولالمپر ۾ اڀ سان ڳالھيون ڪندڙ ھنن اسي ماڙ جاڙن مينارن تي نظر وجھي سوچڻ لڳاسين تـ ھن ملڪ جا حڪمران پنھجي عوام ۽ ملڪ سان ڪيڏو نـ سچا آھن. ھنن برج خليفـ کان پھرين ھي دنيا جا وڏا مينار انڪري ٺھرايا تـ دنيا جا ماڻھن انھن کي ڏسڻ لاءِ  ھتي اچن ۽ ھنن جي ملڪي ناڻي ۾ اضافو ٿئي. جڏھن تـ اسان پنھنجن ماڳن مڪانن جي بجيٽ ئي کائي چٽ ڪري ٿا وڃون. رڳو ڪاغذي ڪم باقي موقعي واري جاء تي ڪاريءَ  وارا ڪک.

ملائيشيا ۾ پنڌ جو مزو: بلوچ صحبت علي لکي ٿو تـ ھن کي ٻاھرين ملڪن جي روڊن،  رستن ۽ گھٽين ۾ پنڌ رولاڪيون ڪندي سٺو لڳندو آھي ڇوتـ ھتي نـ دز نـ مٽي نـ ڌوڙ ۽ نـ ئي وري ڦورن ۽ لٽيرن جو خوف. ان مزيدار پنڌ کي سنڌ جي دل يعني دادو جي شھر سان ڀيٽيندي لکي ٿو تـ اسانجي دادو شھر ۾ ايس پي موڙ کان ويندي جوھي موڙ تائين توھان پنڌ ڪندي ڌوڙ ۾ ونھنجي ويندا جو گھر پھچندا تـ گھر وارا بـ نـ سڃاڻندا!. دادو ۾ پنڌ ڪندي نـ صرف منھن ۾ ڌوڙ ۽ مٽي پوي ٿي پر ڦورو جو ڊپ ۽ ڪنھن رڪشا،  موٽر سائيڪل يا چنگچي جي ٽڪر جو خوف پڻ ساڻ رھي ٿو. جيڪڏھن لوڪل گورنمينٽ جو نظام صحيح ھجي تـ سنڌ ۾ پڻ ملائشيا جيان پنڌ جو مزو وٺي سگھجي ٿو.

بيم اي-اسڪوٽر،  اي-بائيڪ ۽ اي-موپڊ: ڪولالمپر شھر ۾ رستن تي چارج ٿيل سائيڪلون موجود ھيون. توھان بيم اپ ڊائون لوڊ ڪريو جيڪا توھانجي آس پاس موجود اي-بائيڪ جي ڄاڻ ڏيندي ۽ ان ئي بيم اپ ذريعي اي-بائيڪ تي لڳل بارڪوڊ اسڪين ڪري توھان ان تي سواري ڪريو ۽ پنھجي منزل تي پھچي انکي رستي تي ٻين جي استعمال لاءِ  پارڪ ڪري ڇڏيو. بيم ھڪ عالمي سطح جي ڪمپني آھي جيڪا دنيا جي مختلف شھرن ۾ اتانجي مقامي حڪومتن جي سھڪار سان رائيڊ وٿ بيم جي سھولت مھيا ڪري ٿي.

مک روڊ تي ٽريفڪ ۽ گاڏين جي ھيڊ لائيٽس جو نظارو: بلوچ صحبت علي لکي ٿو تـ ڪولالمپر ۾ رات جي وقت مک روڊ تي ٽريفڪ جو ٻلي پير ھلڻ ۽ گاڏين جي ھيڊلائيٽس جو نظارو ايئن لڳو ڄڻ سمنڊ تي روشني محو رقص ھجي. اکين کي راحت بخشيندڙ ھن خوبصورت منظر  ڏسڻ لاءِ  پل تي بيھي ان قلندري رقص جو مزو ورتو سين.

مٺائي سان گڏ موسيقي ۽ رقص: ڪولالمپر ۾ الزيتون نالي دڪان جيڪو اصل ۾ عمر بن ياسر اسٽريٽ بغداد کان شروع ٿيو سو ڪولالمپر ۾ 1990ع کان موجود آھي. ھن دڪان تي ھڪ خاتون سان گڏ ڏھ يا ٻارنھن سالن جو ڇوڪرو پنھجي ڀاءُ يا پيءَ  سان گڏ وڏيون ڳاڙھيون ٽرڪش رومي ٽوپيون پائي موسيقي تي رقص بـ ڪري رھيا ھئا ۽ مٺائي بـ کپائي رھيا ھيا. موسيقي ۽ رقص جي تماشي ڏسڻ لاءِ  وڏي رش موجود ھئي ۽ مٺائي جو ڪاروبار بـ سٺو ٿي رھيو ھو.

ملائيشيا،  انڊونيشا،  نيپال ۽ دبئي جي ڀيٽ: بلوچ صحبت علي ملائيشا جي محبتن سان گڏ انڊونيشا جا عشق،  نيپالي نينھن ۽ دادوء کان دبئي تائين جھڙا سفرنامـ پڻ لکي چڪو آھي تنھڪري پنھجي گھڻ ملڪي معلومات ذريعي ھو ھنن ملڪن متعلق تمام سٺي تقابلي ڄاڻ پڻ مھيا ڪري ٿو. مثال طور ملائيشيا جي شھر ڪولالمپر ۾ شاپنگ ڪندي ھو ٻڌائي ٿو تـ انڊونيشا جي نسبت ساڳيون شيون ملائيشيا ۾ تمام سستيون يعني تقريبن اڌ قيمت تي ملن ٿيون. ساڳي طرح ملائيشا ۾ گينتنگ ھائلينڊ جي ياترا ڪندي کيس ساڳيو سڪون ۽ راحت ملي ٿي جھڙي نيپال جي اسٽوپا آف پيس جي جڳھ تي. اھڙين مشابھتن کان علاوھ پڙھندڙن جي رھنمائي لاءِ  ھو ڪيترائي مشاھدا ۽ تجربا شئر ڪري ٿو تـ جيڪڏھن توھانکي ٻاھرين ملڪن ۾ اي ٽي ايم استعمال ڪرڻو آھي تـ سفر کان پھرين پاڪستان ۾ پنھجي ڪارڊ واري بينڪ مان ايي ٽي ايم کي انٽرنيشنل ٽرانزيڪشن لاءِ  ايڪٽيويٽ ڪرائڻ ضروري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.