حج دوران سياسي چرپر جو امڪان ۽ اختيارين جو امتحان  

حج جي فرض ادا ڪرڻ لاءِ لکين مسلمان سعودي عرب ۾ پھتل آھن،ان دوران سعودي اختيارين حفاظتي انتظام سخت ڪيا آھن،ڇاڪاڻ جو ھي حج ھڪ اهڙي ماحول ۾ ٿي رھيو آھي.جڏهن غزه ۾ گذريل سال آڪٽوبر کان جنگ جاري آهي ،جنھن ۾ 37 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن،

اھڙا گھٽ مثال آھن پر ان ھوندي بھ حج دوران شيطان کي پٿر ھڻڻ وقت ڪٿي ائين نھ ٿئي جو مسلمانن جا جذبا ڀڙڪي پون ۽ اھي اڄوڪي دور جي شيطان جي حقيقي طرفدارن ڏانھن پنھنجي نفرت جو رخ ڪري نھ ڇڏين.جنھن ڪري سعودي اختيارين جو چوڻ آھي تھ اھي حج کي ڪنھن ب سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ نھ ڏيندا. ھن سال پڻ لکين مسلمان پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب جي مقدس شهر مڪي پهچي ويا آهن.حج دنيا جي سڀ کان وڏو ساليانو ميڙاڪو ھوندو آھي.

غزه جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سعودي اختياروين ڪوششن ڪري رهي آهن ته حج پانڌيئڙن جو ڌيان مذهبي رسمن جي ادا ڪرڻ تي مرڪوز هجي ۽ ڪو به ان کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪري سگهي. سعودي عرب جي مذهبي معاملن واري وزير توفيق الرابع  چيو آهي ته حج جي موقعي تي ڪا سياسي سرگرمي برداشت نه ڪئي ويندي.

سعودي عرب جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ موجب ۾  ھن وقت 14 لکن کان وڌيڪ مسلما حج ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهچي چڪا هئا، جن مان گهڻا ھوائي جھازن ذريعي آيا آھن. گذريل سال 18 لکن کان وڌيڪ مسلمانن حج ادا ڪيو، جن مان 90 سيڪڙو  جو تعلق ٻاھرين ملڪن خاص ڪري ايشيا ۽ عرب دنيا سان ھو.

غزه ۾ فلسطيني مسلمانن خلاف اسرائيل جي بي رحم جنگي ڪاررواين سبب مسلم دنيا ۾ ھن ڀيري سخت ڪاوڙ نظر اچي رھي آھي.جنھن ڪري حج جي فرض جي خوش اسلوبي سان پڄاڻي ٿيڻ سعودي اختيارين لاءِ هڪ امتحان  ھوندو.ڇاڪاڻ جو انفرادي طور يا وري اجتماعي طور احتجاج جي ڪنھن واقعي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگھجي.

غزه ۾ جاري رتوڇاڻ گذريل سال 7 آڪٽوبر تي شروع ٿي ھئي.جنھن ۾ تاحال اسرائيل جي هوائي حملن ۽ زميني ڪارروائين ۾ 37 هزار کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن.

سعودي عرب اڃان اسرائيل کي تسليم نه ڪيو آهي، پر ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب جي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان 7 آڪٽوبر تي غزه تڪرار کان اڳ آمريڪا سان ھڪ وڏي سيڪيورٽي جي ڊيل جي بدلي ۾ اسرائيل سان سفارتي لاڳاپن تي غور ڪرڻ بابت اتفاق ڪيو ھو.

جنگ ڇڙڻ بعد سعودي عملدارن جو چوڻ آهي ته فلسطيني رياست جي قيام کانسواءِ اسرائيل سان لاڳاپا وڌائڻ ممڪن ناهي. پر اسرائيلي حڪومت فلسطيني رياست جي نظرئي کي سختي سان رد ڪري ٿي.

سعودي عرب جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سعودي اختيارين غزه ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جي خاندانن مان 1000 ماڻهن کي حج ادا ڪرڻ لاءِ انھن جي ميزباني ڪري رھي آھي،ھن سال سرڪاري ميزباني ۾   حج  ڪندڙن جو تعداد  ٻھ ھزار ٿي ويو آي.

هن ڀيري فلسطين جي مسئلي بابت مسلمانن ۾ ڪاوڙ جي شدت وڌيڪ آھي ان سان گڏ ھن سال حج سخت گرميءَ جي موسم ۾ ٿي رهيو آهي ۽ حج جي موقعي تي گرمي پد 44 ڊگري سينٽي گريڊ (111 ڊگري فارين هائيٽ) تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪيل آهي.

گذريل سال 2000 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا  هيٽ اسٽروڪ ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا هئا.

حج  دوران ماڻھن جي گڏ ٿيل وڏي اجتماع سبب ڪيترائي افسوسناڪ واقعا پڻ پيش آيا آهن. 2015 ۾، شيطان کي سنگسار دوران ڀاڄ ۾ 2,300 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙا پٽ تي ڪرڻ سبب پيرن ھيٺ لتاڙجي فوت ٿي ويا ھئا.

تيل سان مالا مال ملڪ سعودي عرب ۾حج ۽ عمرو ناڻي  جي حصول جو اھم ذريعو آھي.جنھن سان سعودي عرب کي هر سال اربين ڊالرن جي ٿئي. ٿي.گذريل سال ھڪ ڪروڙ 35 لکن کان وڌيڪ مسلمانن عمرو ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پھتا ھئا.سعودي اختيارين موجب 2030 تائين حج ۽ عمرو ادا ڪندڙن جو انگ 3 ڪروڙ تائين پھچائڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آھي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.