هاڻي حڪمران ۽ سرمائيدار طبقي کان مالي ”قرباني“ وٺڻ گهرجي

وفاقي بجيٽ کانپوءِ  صوبائي بجيٽون پيش ڪرڻ جو سلسلو هلي رهيو آهي، ان حساب سان چئي سگهجي ٿو ته بجيٽن جي موسيم هلي رهي آهي. ان بجيٽن جي موسم ۾ وري ”قرباني“ جي عيد به آيل آهي. اڄ ذوالحج جي 9 تاريخ آهي ۽ سڀاڻي قرباني جي عيد آهي. جيتوڻيڪ قرباني جي عيد حضرت ابراهيم عليه السلام  جي قرباني واري روايت جو هڪ سلسلو آهي ۽ ان موقعي تي جانورن کي ذبح ڪيو ويندو آهي پر ان روايت جو اصل مقصد قرباني جو جذبو پيدا ڪرڻ هوندو آهي جيڪو ان روايت جو اصل ۾ روح آهي. باوجود ان جي ته قرباني جي اها روايت تمام آڳاٽي آهي ۽ وڏي عرصي کان سالياني مستقل طور هلندي رهي آهي  اسان مذهبي طور تي ته قرباني جو فرض باقاعدگي ۽ ڪاميابي سان ادا ڪندا ايندا آهيون پر افسوس ته قرباني جو جذبو مجموعي طور تي پنهنجي ڪردار ۾ اوتي ناهيون سگهيا. ان ڪري هر دور ۾ ان حوالي سان پڻ بحث مباحثو ٿيندو رهيو آهي ته ڇا قرباني جي روح سان به ڪو انصاف ٿي رهيو آهي يا نه!

قرباني جي عيد ۽ بجيٽ جي موسم جي موقعي تي اهو به بحث مباحثو ٿي رهيو آهي ته هن ملڪ اندر ٽيڪس جي ادائگي جي حوالي سان هميشه هيٺين ۽ وچولي طبقي پئي قرباني ڏني آهي پر هاڻي ان وٽ قربان ڪرڻ لاءِ ڪجهه بچيو ئي ناهي سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران  سرمائيدار ۽ امير طبقو ٽيڪس جي ادائگي ۾ پاڻ کي آڏو رکي ۽ پنهنجي حصي جي مالياتي قرباني ڏئي. ايئن قرضن جي ادائگي لاءِ حڪمران گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا.پر ان لاءِ به ”قرباني“ جو جذبو گهربل آهي جيڪو انهن ڄاڻايل طبقن ۾ ناپيد آهي. حڪمران چاهين ته موجوده معاشي تنگي ۾ سادگي اختيار ڪري، غير ضروري عياشين رعايتن ۽ مراعتن کي قربان ڪري حڪومت جو پيسو بچائي سگهن ٿا پر ان لاءِ قرباني جي جذبي جي ضرورت آهي. ايئن سرمائيدار ۽ امير طبقي کي خوشي سان ٽيڪسن جي ادائيگي ۾ فراخ دلي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته انهن وٽ ملڪ لاءِ ڪجهه ڏيڻ ۽ قربان ڪرڻ لاءِ ججهو پيسو آهي پر حڪومت پوءِ به سرمائيدار ۽ امير طبقي کي وڌ کان وڌ ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏني آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اهو چوندو رهيو هو ته هيل هيٺين ۽ وچولي طبقي تي بار نه وڌو ويندو پر عملي طور حڪومت اهڙي پاليسي متعارف ناهي ڪرائي سگهي. غريب عوام کي به حڪومت کان اها ئي شڪايت آهي ته اها ساڻس سچي ناهي.

اها به حقيقت آهي ته حڪمرانن ۾ سادگي بلڪل به نظر نه ٿي اچي نه سندن غير ضروري پروٽوڪول ۾ ڪمي آئي آهي، نه شاهي خرچن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ضرورت هڪ گاڏي جي هوندي ته ڏهه گاڏيون فضول سندن پويان لڳل هونديون. کين صحت جون به سئو سيڪڙو رعايت، پيٽروليم سهولت به مفت مليل هوندن ته بجلي جي بلن ۾ به رعايت ته ٽيڪسن ۾ به ساڻن ئي رعايت ٿيل هوندي. مطلب ته هڪ پاسي حڪمرانن جا خرچ ته ٻئي پاسي سڄي ملڪ جي غريب عوام جو خرچ هوندو. حڪمران پنهنجو اهو شاهي ۽ غير ضروري خرچ بچائي ڪري غريب عوام لاءِ قرباني ڏئي سگهن ٿا پر اهي اها ”قرباني“ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن بس هتي رڳو جانورن کي ذبح ڪرڻ جو مذهبي فرض ادا ڪيو ويندو ۽ بس.

  • پيئرن جو عالمي ڏينهن ۽ جيئري مڃتا ڏيڻ جي ضرورت

اڄ پيئرن جو عالمي ڏينهن آهي جيڪو هر جون مهيني جي ٽئين آچر تي پوءِ ڪهڙي به تاريخ هجي ان تي ملهايو ويندو آهي. جڏهن ته مائرن جو عالمي ڏينهن وري هر مئي مهيني جي ٻئي آچر تي ملهايو ويندو آهي پوءِ ان آچر تي تاريخ ڀلي ڪهڙي به هجي. سو اڄ جون مهيني جو ٽيون آچر آهي جنهن تي پيءُ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

انهن عالمي ڏينهن جو مطلب اهو قطعي به ناهي ته ڪو اوهان انهن لاءِ سال ۾ صرف هڪ ڏينهن مخصوص ڪيو ٿا پر ان ڏينهن کي ملهائڻ جو اصل مقصد اهو هوندو آهي ته انهيءَ پاسي سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن اهو ضرور ياد ڪرائجي ته اوهان جو فرض آهي ته پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڀينرن، ڀائرن، مٽن مائٽن ، دوستن، عورت، درياهن، وڻن، انساني حقن، ادب، پورهيتن،صحت، تعليم استادن، ڍنڍن ڍورن، زراعت وغيره کي وقت ڏيو ۽ انهن جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سوچيو انهن کي عزت ڏيو ۽ خراج پيش ڪريو. هڪ ڏينهن صرف اهو سڀ ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ هوندو آهي.

سو اها اسان جي خوش نصيبي آهي ته اسان کي مختلف رشتن ۽ شعبن بابت سال ۾ هڪ ڀيرو لازمي طور تي يادگيرو ڏياريو ويندو آهي. مثال طور اڄ پيئرن جي عالمي ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد اهو ناهي ته رڳو سال ۾ هڪ ڀيرو جون جي ٽئين آچر تي پيءُ کي خراج پيش ڪيو وڃي هيءُ ڏينهن پاڻ کي ياد ڪرائي رهيو آهي ته گذريل سال اوهان پنهنجي پيءُ لاءِ ڇا ڪيو ۽ ايندڙ سال ان لاءِ ڇا ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکو ٿا. اهو ڏينهن اهو به احساس ڏياري ٿو ته هن دنيا اندر ”پيءُ“ جنهن اوهان کي پئدا ڪيو آهي، جنهن اوهان کي پالي وڏو ڪري پنهنجن پيرن تي بيهاري جيئڻ جون سڀ آسائشيون ڏيڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي، هڪ پيءُ اوهان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو آهي سو ته عالم آشڪار آ پر هاڻي اوهان جو اهو اخلاقي فرض آهي ته ان ماڻهو جنهن سڄي ڄمار اوهان کي پالي، جوان ڪري، تعليم ڏياري روزگار سان لڳائي اوهان جي بيمارين ۾ علاج جون ذميواريون ادا ڪيون آهن تنهن لاءِ اوهان ڇا ڪيو آهي يا ڇا ڪري رهيا آهيو.

اڄوڪو ڏينهن هر سال وانگر وري ان معاملي تي سوچڻ جو موقعو ڏئي رهيو آهي ته پنهنجن چويهه ڪلاڪن جي زندگي مان ڪجهه وقت ايئن پيءُ ماءُ لاءِ ڪڍو جيئن انهن اوهان لاءِ پئي ڪڍيو آهي. تيئن اوهان تي به فرض آهي ته انهن لاءِ زندگي وقف ڪريو.

عام طور تي اسان کي وقت گذرڻ تي وڌيڪ پڇتاءُ ٿيندو آهي. جيئري ماءُ پيءُ کي اها اهميت ناهيون ڏيندا جنهن جي انهن کي ضرورت هوندي آهي سو اوهان جي اها خوش نصيبي آهي ته اوهان جا ماءُ پيءُ زنده آهن ۽ کين سندن زندگي ۾ عزت ڏيڻ، خيال ڪرڻ ۽ خوش ڪرڻ جو عظيم موقعو مليل آهي. ان موقعي مان وڌ کان وڌ فائدو وٺڻ جي ضرورت آهي. يقينن ڄاڻو جيڪڏهن اوهان پنهنجي پيءُ ماءُ کي جيئري وڌ کان وڌ عزت ڏيندئو، سندن خيال ڪندئو، کين خوش ڪندئو ته پوءِ انهن جي لاڏاڻو ڪري وڃڻ کانپوءِ اوهان کي ڪو پڇتاءُ نه رهندو. اوهان جو ضمير مطمئن رهندو ته اوهان پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي سندن زندگي ۾ ئي وڏي خدمت ڪئي هئي. پيئرن جي عالمي ڏينهن جي به اها تقاضا آهي ته پيءُ ماءُ جي جيئري خدمت جي وڌ کان وڌ ڪوشش ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.