آرمي چيف اربين ڊالرن جا واعدا ڪرائي آيو، هي آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو:وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته واعدو ٿو ڪيان موجوده آءِ ايم ايف پورگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته فلسطينين تي ظلم ڪيو پيو وڃي، ڪشميرين تي به ظلم ٿي رهيو آهي، جنهن جو مثال نٿو ملي، الله پاڪ کان دعا آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي سندن آزادي جو حق ملي. هن چيو ته اسان 2022 ۾ اقتدار سنڀاليو ۽ پاڪستان کي ڏيوالي کان بچايو، اسان آصف زرداري ۽ نواز شريف جي رهنمائي ۾ ڪم ڪيو، پاڪستان اڄ مسئلن مان نڪري آهستي آهستي ترقي ۽ خوشحالي تي رستي تي اچي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ماضي کي ياد ڪري روئڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ماضي مان سکي پاڪستان کي وڃايل مقام ٻيهر حاصل ڪرڻو آهي، جن ادارن جو عوام جي خدمت سان ڪو واسطو ناهي، انهن کي ختم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو واعدو ٿو ڪيان ته موجوده آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان جي تاريخ جو آخري پروگرام هوندو، اسان مستقبل جو رستو چونڊي ورتو آهي، عوامي پئسي تي عياشي نه ٿيندي، قوم جو هڪ هڪ پئسو ملڪي ترقي تي خرچ ٿيندو، اسان پاڙيسرين کي پوئتي ڇڏينداسين. وزيراعظم چيو ته سياسي عدم استحڪام ترقي ۽ خوشحالي جو سڀ کان وڏو دشمن آهي. ترقيءَ جو سفر نه رڳو رڪاوٽن جي ڪري روڪيو ويو، پر پوئتي هليو ويو.  ترقي ۽ استحڪام جو دشمن هر دهشتگرد آهي جيڪو ملڪ مان سرمايو هڙپ ڪري ٿو، ترقي جو دشمن هر اسمگلر آهي جيڪو معيشت کي لُٽي ٿو، هر ڪرپٽ دشمن آهي جيڪو ملڪ کي غريب ڪري قوم جا کيسا ڪٽي ٿو.  وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستان کي ڏيوالي نڪرڻ کان بچايو. جنرل عاصم منير به سعودي عرب، ڪويت ۽ يو اي اي مان اربين ڊالرن جا واعدا کڻي آيو. انشاءَ الله اهو IMF جو آخري پروگرام هوندو. شهباز شريف چيو ته پاڪستان معاشي مشڪلاتن مان نڪري ترقي جي راهه تي گامزن آهي. اهو سفر نه رڳو ڏکيو ۽ ڊگهو آهي پر ان لاءِ اشرافيه جي قربانين جي به ضرورت آهي. سڄي قوم جون نظرون حڪومت تي آهن، مهانگائي اڄ 38 سيڪڙو کان 12 سيڪڙو ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.