قصو ڏاچي جي ڄنگهه وڍڻ جو !

تحرير: غلام حسين لغاري

اسانجي هڪ صحافي دوست سانگهڙ ضلعي جي هڪ مست وڏيري جي اها وڊيو وائرل ڪئي آهي جنهن جي حڪم تي هڪ بيگناهه ڏاچي جي ڄنگهه وڍي وئي آهي جنهن کانپوءِ  اهو موضوع سماجي ويب سائيٽ تي بحث جو باعث بڻي آهي۔حد جي پوليس پنهنجي پاران ايف آءِ آر ته داخل ڪئي پر الزام هيٺ آيل وڏيري يا ڏاچي جي ڄنگهه ونڍيندڙ قانوني گرفت ۾ في الحال انهي ڪري اچي نه سگهيا آهن جو وڏيرو بااثر آهي جڏهن گرفت ۾ اچي۔في الحال سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ سرڪاري طور ڪيس رجسٽرڊ ڪري ان ۾ ملوث پنجن ڄڻن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ پهچايو ويو آهي باقي وڏيرو غلام رسول شر ٻاهر آهي

انسان هجي يا پکي پکڻ يا جانور انجي زندگي قيمتي آهي ۽ اها زندگي اهميت رکي ٿي جنهن کي ڪير به ڪو جواز ڄاڻائي ختم ڪري نٿو سگهي۔جانورن ۽ پکين کي مارڻ ۽ انهن جي نسل ڪشي ڪرڻ ڏوه آهي ۽ انهن جي مڪمل تحفظ جو چيل آهي۔ڪو وقت هو جو انتظاميه ۽ ميونسپل عملو ڇتن ڪتن کي زهر ڏئي ماريندا هئا هاڻ انهن لاءِ  به احڪامات آهن ته انهن کي زهر ڏئي يا گولي هڻي نٿو ماري سگهجي ۽ اهو هڪ ڏوهه آهي تنهن کان پوءِ  ڪتن کي پڪڙي جهنگ ۾ ڇڏي اچڻو پوندو آهي۔اٺ به ڇتو ٿيندو آهي جنهن جي زبان مان گگ وهندي آهي اهو به انسان لاءِ  نقصڪار آهي جنهن جو علاج ٿي سگهي ٿو۔ڪتو مالڪ جي سڃاڻپ رکي ٿو اهڙي طرح اٺ به مالڪ جو وفادار ۽ سڃاڻپ رکندڙ وهٽ آهي۔جيڪڏهن اهو ڇتو ٿئي ته انجو علاج ڪرائي سگهجي ٿو البته تيز اوزار سان ڄنگهه وڍي ان کي ايذاءُ ڏجي غلط قدم آهي ۽ مالڪ حيوانن جي تحفظ واري قانون هيٺ سزا جو مستحق آهي۔خبر ناهي ته مالڪ کي اٺ جي ڪهڙي ادا نه وڻي جو ان کي ڄنگهه کان محروم رکيو ۽ ان کي عذاب ۾ وڌو البته چيو وڃي ٿو ته هو الزام هيٺ وڏيري جي پوک ۾ پيو ۽ وونئڻن جو بيٺل ڀيليو هو۔

قانون موجب ڀيل ڪندڙ جانورن لاءِ  ڍڪ موجود آهن پر وڏيري پنهنجي هلائي۔اٺ حلال جانور آهي جيڪڏهن کيس نه وڻيس پيو ته عيد تي قربان به ڪري پيو سگهيو ثواب حاصل ڪري ها۔هونئن به اوٺار پنهنجي اٺن ۽ ڏاچين جو گوشت واپرائين ۽ وڪرو ڪن ٿا

اٺ نه رڳو هڪ وهٽ آهي پر نبين ۽ اوليائن جو پيارو جانور آهي جن هنن تي سواريون به ڪيون ته انهن جو کير به پيتو قربانيون ڪيون۔عرب ملڪن توڙي سنڌ بلوچستان جي ميداني توڙي جابلو وارن علائقن ۾ اٺ پاليا وڃن ٿا جن جو ڪاروبار به ڪيو وڃي ٿو ته سواري ۽ سامان جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقلي ٿئي ٿي۔جتي ٽرانسپورٽ ناهي اتي اٺن کان ڪم ورتو وڃي ٿو۔مطلب ته اٺ کي معمولي سمجهڻ نه گهرجي

قصو اٺ جي ڄنگهه وڍجڻ جو پيو هلي ته هن ڏس ۾ انتظاميه ڇو خاموش آهي جو هڪ مست وڏيرو کائنن وڌيڪ معتبر ۽ طاقتور آهي۔ٿيڻ ته ايئن گهربو هو جيئن سماجي ويب تي اها خبر شيئر ٿي ته الزام هيٺ آيل ان وڏيري کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ها جتان کيس سزا ملي ها۔ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڪجهه ته حيوانن جو خيال ڪري انهن جي حفاظت لاءِ  جوڳا اپاءُ وٺي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جانورن وارو کاتو ان ڏاچي جي مالڪي ڪري ۽ علاج ڪري۔

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.