مھانگائي مڙھڻ لاءِ باريڪ بيني سان تيارڪيل بجيٽ

تحرير: نصرت جاويد

اسان مان  گھڻي  پڙهيل لکيل ماڻهن کي به گهڻي وقت کان پوءِ  سمجھھ ۾ ايندو تھ پيش ڪيل سالياني بجيٽ بنيادي طور تي ”ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ “وچولي طبقي کي سفيد پوشي کان محروم جو هڪ ظالماڻو منصوبو آهي.ڏھاڙي واھپي جي تمام گھڻين شين تي جنرل سيلز ٽيڪس ۾ اضافو مهانگائي جي سھي نھ سگھڻ جھڙي ٻوڏ آڻيندو. غريبن جي زندگيءَ تباھ ۽ پگھاردار طبقي کان وڌ کان وڌ  ٽيڪس اوڳاڙڻ جي جنون ۾رياست ۽ حڪومت پنهنجي خرچن ۾ وڏي پئماني تي ڪٽوتي ڪرڻ کان بھرحال پاسو ڪري ويو آھي ان کان سواءِ امير ترين طبقي کي به ڇيڙڻ  جي جرئت نه ڏيکاري وئي آھي. سڄو ڌيان ”نان فائلرز“ کي ”فائلرز“ ٺاهڻ تي ڏنو ويو آهي.

عقل کان ڪلي وانجھيل  ماڻهو ئي ان حقيقت کان انڪار ڪري سگهندو ته  اسان جي ڀيٽ ۾ نسبتاً مالدار طبقا پنهنجي ذمي واجب ٽيڪس ادا نه ڪندا ،ته پاڪستان پرڏيهي قرضن جي ڌٻڻ ۾ غرق ٿيندو ويندو. منھنجي يا توھان جي ٽيڪسن سان حڪومت جيڪا رقم گڏ ڪري ٿي ان جو اٽڪل 52 سيڪڙو  حصو غيرملڪي قرضن جي  ادائيگي جوڳين قسطن يا وياج  جي ادائيگي تي خرچ  ٿئي ٿو. دفاع لاءِ رقم مختص ڪرڻ کان پوءِ رياست وٽ صحت، تعليم ۽ عوامي ڀلائي جي اهم رٿائن جي لاءِ ايتري رقم مختص ڪرڻ جي گنجائش باقي نٿي رھي. ان ڪري  اسان جي عوام جي اڪثريت پاڻ کي  لاوارث يا وساريل مخلوق محسوس ڪري ٿي.جيڪا اشرافيه سان انڌي نفرت ۾ مبتلا ٿي رھي آهي ۽ رياست کان آھستي آھستي ويڳاڻپ جو احساس پڻ ڪجهه سالن کان وڌيڪ سنگين تر ٿيندو پيو وڃي.

عوامي جذبن کان حڪمران اشرافيھ پنھنجي طاقت جي نشي ۾ مڪمل طور تي لاپرواھي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.تازي ڏنل بجيٽ ان ڳالهه جو سڌو  اظهار آهي. شايد ان ڪري شھباز شريف حڪومت کي بيساکيون  مهيا ڪندڙ بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير ٻڌڻ لاءِ ايوان ۾ داخل ئي نه ٿيو. شروع ۾ پيپلز پارٽي اهو معاملو اٿاريو ته مسلم ليگ (نون) بجيٽ تيار ڪرڻ وقت کين اعتماد ۾ نه ورتو. هنن  سان ”مشوري“ ڪرڻ جي ضرورت بھ محسوس نه ڪئي. شازيه مري، شيري رحمان ۽ خورشيد شاهه پيپلزپارٽي کي بجيٽ جي عمل کان ٻاهر رکڻ خلاف احتجاجي بيان ڏيندا رهيا. بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه لمحا اڳ مسلم ليگ (ن) کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. اهو "احساس”  جيتوڻيڪ، مايوسي ذهنن کي ٻھ نمبري لڳو.

سوبھرحال ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار ڳڻتي جي عالم ۾ ڊوڙندو ھن جي چيمبر تائين پھتو،جيڪو بلاول ڀٽو زرداري لاءِ مختص ٿيل آھي.اسحاق ڊار جي منٿن بعد فيصلو ٿيو تھ پيپلز پارٽي جا چار ميمبر اسيمبليءَ ۾ وڃن ته جيئن عوام جي دلين ۾ اهو احساس نه ٿئي ته حڪومت جي سڀ کان وڏي اتحادي پارٽي بجيٽ جو ”بائيڪاٽ“ ڪيو آهي. بلاول ڀٽو جيتوڻيڪ ڪنڌ لوڏي  منتظر صحافين کي ”وڏي خبر“ اھا ڏين تھ ته هو پاڻ ”آرام“ ڪرڻ لاءِ گهر وڃي رهيو آهي.

صحافين جي اڪثريت بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران اختيار ڪيل لاتعلقي کي سنجيده نه ورتو. سازشي ٿيوري پارليامينٽ جي غلام حلقن ۾ اھا پکڙجي وئي ته پيپلز پارٽي تحريڪ انصاف (جيڪا هاڻي سني اتحاد ڪائونسل به سڏجي ٿي) جي ميمبرن کان ميديا جوڌيان ھٽائڻ جي لاءِ پ پ پ ”حڪومت سان گڏ جي ڪري بائيڪاٽ“ جو ”ڊراما“ رچايو هو. ذاتي طور تي، مان ان ڳالھھ سان متفق نه آهيان.

منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ملڪ جو ٽي ڀيرا وزيراعظم رھندڙ نوازشريف بجيٽ تقرير ٻڌڻ لاءِ ايوان ۾ ئي نه آيو. هن جي غير حاضري  حيران نھ ڪري ھا جيڪڏھن ھو ڪجھ ھفتا اڳ مسلم ليگ ن جي واڳ پنھنجي ھٿ ۾ نھ وٺي ھا.پنھنجي صدارتي منصب سنڀالڻ جي ٻئي ڏينھن ئي ھن وزيراعظم شھبازشريف کي ھن جي اقتصادي ٽيم سميت لاھور طلب ڪيو ھو.سمجھھ ۾ تھ اھو آيو تھ ھن ان بجيٽ جي خاڪي تيار ڪرڻ بابت ئي ڳالھھ ٻول ڪئي ھوندي. مون جهڙن  اقتدار کان پري ٿيل مون جھڙن عام ماڻھن ذڪر ڪيل  اجلاس کان پوءِ فرض ڪري ورتو تھ مالي سال 25-2024 جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي ويندي، اها نواز شريف جي تجربيڪار نظرن مان ڇنڊي ڇڻي اسان سامھون آندي ويندي.بجيٽ واري ڏينھن  ايوان کان پري رھي ڪري نوازشريف ھو پيغامڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته بئنڪنگ شعبي مان سياست ۾ آيل ناڻي واري وزير اورنگزيب جي تيار ڪيل بجيٽ سان سندس ڪو به تعلق ناهي. جيڪڏهن منهنجو شڪ  درست آهي ته پوءِ مان اهو لکڻ تي مجبور آهيان ته  پيش ڪيل بجيٽ خلاف عوامي ڪاوڙ جي جيڪا لهر اڀرندي ان جي اثرن نوازشريف سياسي طور پاڻ کي بچائي نه سگهندو. پيش ڪيل بجيٽ کي سندس ”سرپرستيءَ“ هيٺ ئي تيار ٿيل دستاويز سمجهيو ويندو.

اهو سڀ ڪجهه لکڻ جي باوجود  اهو اعتراف ڪرڻ تي مجبور آھيان تھ سياست ۾ نئين مان داخل ٿيل ھئڻ باوجود ”ٽيڪنوڪريٽ“ سمجهيو ويندڙ محمد اورنگزيب  بجيٽ دستاويز پڙهندي وڏي اعتماد جو مظاهرو ڪيو. سندس تقرير نسبتاً سادي اردو ۾ لکيل هئي. جنهن کي ھن حيران ڪندڙ رواني سان پڙهيو. ڪلاڪ کن جي ڊگھي تقرير دوران ھڪ ڀيرو بھ سندس ڳلو خشڪ نه ٿيو. سندس تقرير دوران سني اتحاد ڪائونسل ۾ ضم ٿيل تحريڪ انصاف جا ميمبر پنهنجي ڊيسڪن تي بيهي جارحاڻو احتجاج ۽گوڙ ڪرڻ ۾ مصروف ھئا.وزير اعظم يا ناڻي جا وزير اهڙي حالت  ۾ تقرير وقت ڪنن تي هيڊفون لڳائڻ تي مجبور ٿيندا آهن. محمد اورنگزيب کي اھا ضرورت محسوس نه ٿي. سچ ته اهو آهي ته ھن پاران تيار ڪيل سندس بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ڪرايل متن پڙھندي يا ٻڌندي مون جھڙي عام پاڪستاني کي، هڪ لمحي لاءِ به احساس نه ٿيو ته ڪھڙي نه ”باريڪي سان“ عوام جي مٿان مهانگائي جو هڪ نئون عذاب مڙھڻ جي رٿ رٿي وئي آھي.وچولي طبقي ۽ خاص ڪري پگھاردار ماڻھن کي جيڪي اڳ ئي ٽيڪس نيٽ ۾ اچي چڪا آھن، پيش ڪيل تازي بجيٽ ۾ اھي ماڻھون اھڙا ٻڪر آھن،جن کي آءِ ايم ايف. کي خوش ڪرڻ جي لاءِ قربان ڪيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.