هاري ڪارڊ ۽ پ پ حڪومت جي ٻٽي پاليسي!؟

تحرير: تاج مري

سنڌ حڪومت جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،  ان کان اڳ 2021ع ۾سنڌ جي تڏهوڪي زراعت واري وزيراسماعيل  راهوءَ پڻ پيپلز هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو  اعلان ڪيو هو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو هو، هاڻي وري وڏي وزير مراد علي شاهه نئين نالي سان ”بينظير هاري ڪارڊ“ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

هارين جي نالي جاري ڪيل هاري ڪارڊ لاءِ چيو ويو آهي ته  اهو ڪارڊ هڪ  کان 16 ايڪڙ زمين رکندڙ ننڍن زميندارن کي جاري ڪيو ويندو مطلب ته ان سان ننڍن زميندارن کي فائدو ٿيندو پر هارين کي نه. سو  ان کي هاري ڪارڊ جو نالو ڏيڻ هارين جي نالي تي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي برابر آهي.

سنڌ جي هارپ واري قانون سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ هاري جي وصف ۾ لکيل آهي ته  هاري ان کي سڏجي ٿو جيڪو ڪنهن ٻئي جي زمين تي هارپو ڪري مطلب ته  هاري ان کي سڏبو جيڪو ”ڪنهن زميندار جي زمين تي  هارپ ڪري ٿو“  پنجاب، پختون خواهه ۾ ننڍي زميندار يا آبادگار کي ”ڪسان“ سڏجي ٿو پوءِ ته ڇا ايئن سمجهجي ته سنڌ حڪومت به”ڪسان“ جو ترجمو  ”هاري“ ڪيو آهي ، جي ايئن آهي ته  پوءِ  ڇا سنڌ حڪومت ۾ هڪ به  اهڙو ماڻهو ڪونهي جنهن کي هاري جي وصف ايندي هجي يا هنن سنڌ ٽيننسي ايڪٽ به پڙهيو ناهي  جي کانئن ڀل ۾ اهو ڪم ٿي ويو آهي ته  پوءِ ان ڪارڊ جو نالو بدلائي ”آبادگار ڪارڊ“ رکي هارين لاءِ ڌار ڪارڊ جاري ڪيو وڃي جيئن  حقيقي هارين کي لاڀ حاصل ٿئي، جيڪو  سماج جو سڀ کان وڌيڪ پيڙيل طبقو آهي .جنهن وٽ نه  مال نه  مڏي نه گهر نه جسم اوڍڻ لاءِ بوڇڻ.

هاري اڳ ئي مڙني حقن کان وانجهيل آهي ، انهن پيڙيل  ماڻهن  جن تي سياست ڪئي وڃي ٿي انهن هارين خلاف پ پ پ جي”عوامي حڪومت “2013 ۾ سنڌ ٽينني ايڪٽ  جي شق 24 ۾ ترميم ڪري هارين کي جبري پورهئي جو شڪار بڻائي ڇڏيو هو، 1950ع ۾ هارين، مزدورن ، ترقي پسند ڪارڪنن، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي  ۽ سندس ساٿين جي قيادت ۾ جدوجهد ڪري جيڪو ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايو،  ان ساڳي قانون کي ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومت ۾ تبديل ڪيو  ان ٽيننسي ايڪٽ کي جيڪو هاري دوست قانون هو تنهن کي پ پ جي سنڌ حڪومت هاري دشمن  قانون سڏي  غير قانوني قرار ڏياري  ڇيڙ بيگار تي پابندي مڙهي ان قانون ۾ ترميم ڪري هارين کي جبري پورهئي ”نيم غلامي “جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.

اهڙي طرح  2013ع  ۾ هڪ ٻي ترميم ڪري مشينري ذريعي پوک جو خرچ جيڪو اڌ هاري  اڌ زميندار کي ڀرڻو ٿي پيو اهو بار به هاري تي وڌو ويو جنهن سان هاري تي هڪ ايڪڙ جو  گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار واڌو بار پوندو عام طور تي هاري جيڪي 4 ايڪڙ فصل پوکيندو آهي ان تي کيس 80 هزار وڌيڪ بار پوندو. جنهن سان هاري  جيڪو اڳ ئي غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گزاريندو هو ٻار پڙهائڻ ، پنهنجو،  پنهنجي گهر ڀاتين جو علاج ڪرائڻ ڪپڙو گندي وٺڻ ته پري رهيو پر هو ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ به محتاج آهي.تنهن کي ڌڪ رسندو.

پر جيڪڏهن هاڻي به پ پ سرڪار کي هارين جو خيال آيو آهي ته پوءِ سڀ کان پهريان اها سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هاري دوست فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيل اپيل واپس وٺي. ٽيننسي ايڪٽ ۾ جيڪي هاري دشمن ترميمون ڪيون ويون آهن اهي ختم ڪيون وڃن ،سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ قانون سازي ڪري هارين کي بنيادي شهري حق  ڏنا وڃن جن جي ووٽ تي پيپلز پارٽي هر ڀيري سنڌ مان ڪامياب ٿي حڪومت جا مزا ماڻيندي آهي.

2019ع ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سانگهڙ ضلعي جي هڪ هاري غلام علي لغاري جي ڪيس جو فيصلو ڏيندي سنڌ حڪومت کي اها هدايت ڪئي هئي ته 1973ع جي آئين جي  روشني ۾ ترميمن کي ختم ڪري سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي شق 24 سي جنهن ۾ ڇيڙ ۽ بيگارکي جائز ڪيو ويو آهي، اهو قانون آئين جي آرٽيڪل 11.15۽ 23 جي خلاف آهي، عدالت سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي شق  27۽ 29 تحت ٽيننسي ٽربيونل جي سربراهي جا جيڪي اختيار مختيارڪار ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي حاصل آهن يا ٽيننسي ايڪٽ جي شق 30 ۾ اپيل ٻڌڻ جا اختيار ايڊيشنل ڪمشنر کي حاصل آهن اهي پڻ آئين جي آرٽيڪل 175.202۽ 203 جي خلاف آهن.

جڏهن کان عدليه کي انتظاميا کان ڌار ڪيو ويو آهي تڏهن کان روينيو کاتي جي انهن ڪامورن وٽ عدالتي اختيار ڪونهن تنهنڪري سنڌ حڪومت، سنڌ ٽيننسي ايڪٽ جي شق 27،29 ۽ 30 ۾ ترميم ڪري ٽيننسي ٽربيونل جا ڪيس  سيشن جج کي منتقل ڪيا وڃن جن کي هو لاڳاپيل سول عدالت کي هلائڻ لاءِ ڏئي ۽ ان خلاف اپيل ٻڌڻ جو اختيار ايڊيشنل سيشن جج يا سيشن جج کي ملڻ گهرجي،جيستائين ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ٿئي ايستائين اهي ڪيس سيشن عدالت ۾ هلايا وڃن .

عدالت پنهنجي فيصلي ۾  ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته کسري ۾ هاري جو نالو داخل ڪيو وڃي واضح رهي ته روينيو جي قانون تحت ۽ جسٽس هاني مسلم جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ  بينچ حيدرآباد ڍل جي وصولي ٻين يوٽلٽيز وانگر سروي ڪري آباد گارن کي بل ڏيڻ واري اسانجي ڪيس جنهن ۾ مون سميت 15 هارين اها پٽيشن داخل هئي ان ۾ پڻ سيڪريٽري بورڊ آف روينيو عدالت ۾ لکي ڏنو هو ته سروي ڪري آبادگارن کي بل ڏنو ويندو  پر ان روايت مطابق عمل نه ٿيو. روينيو قانون مطابق تپيدار کي پوکيل ۽ اڻ پوکيل زمين سروي ڪري زميندار کي بل ڏيڻو پوندو هو ان سروي تپيدار کسري لاڳاپيل زمين تي هارپو ڪندڙ هاري جو نالو داخل ڪيو ويندو هو پر هاڻ بنا سروي زميندارن کان ڍل ورتي  وڃي ٿي جنهن سبب گهڻو ڪري هاري نالو کسري لکيو نٿو وڃي ان لاءِ ئي جسٽس صلاح الدين جي جي عدالت ڪمشنرن کي کسري ۾ هارين جو نالو داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت هاري کي رهڻ لاءِ گهر مال جي چاري لاءِ ۽ سبزي پوکڻ لاءِ مفت زمين جو ٽڪر ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اهڙي طرح سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ 1973 جي آئين ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي روشني ۾ ترميم ڪري هاري کي زبردستي بيدخلي کان روڪڻ واري قانون کي يقيني بڻايو وڃي .هارين جي ٻارن جي تعليم جو تحفظ يقيني بڻائيندي ضروري تعليم جو قانون لاڳو ڪيو وڃي، هارين جي ٻارن ۽ عورتن سميت مڙني گهر ڀاتين جي صحت ۽ تحفظ کي يقيني بڻائيندي کين عدليه ۽ قانوني ادارن تائين رسائي کي يقيني بڻيو وڃي .

هارين ۽ سندن خاندان جي لائيف انشورنس جي پڪي ضمانت ڏني وڃي ،هارين کي سوشل سڪيورٽي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ  جي سهوليت ڏني وڏي جنهن ۾ هارين جي ٻارن جي پڙهائي ۽ نياڻين جي شادي جو خرچ ڏيڻ لاءِ ضروري قانون سازي 6 مهينن اندر ڪئي وڃي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هن هاري دوست فيصلي خلاف اها ئي عوام جي نمائيندا پارٽي هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌ حڪومت  سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري 20 جنوري 2022ع تي  جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس سيد مظهر جي عدالت مان هاءِ ڪورٽ جي هاري دوست فيصلي کي معطل ڪرائي ڇڏيو.اهڙي صورت ۾ هاري ڪارڊ حقيقت ۾ عوام کي ڌوڪو ڏيڻ جي  برابر آهي .

بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلز پارٽي جيڪڏهن ٻيهر سوشلزم واري پروگرام جي ڳالهه ڪري ٿي ته پوءِ کين پنهنجي عمل مان ثابت ڪرڻو پوندو ٻي صورت هاڻ  اها ٻٽي پاليسي نه هلي سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.