چاچو ميرل ۽ اٺن جو علاج

تحرير: عاجز جمالي

ننڍي ھوندي جي ڳالهھ آھي ته شھر ۾ اسان جي ٻن مائٽن وٽ ڀلا اٺ ھوندا ھئا، ھي ٻئي ڀائر چاچو ميرل ۽ چاچو ڍولڻ اٺن پالڻ جا شوقين ھوندا ھئا، چاچو ڍولڻ ته بنھه ڀلا اٺ رکندو ھئو وٽس ٻه ته ڪڏھن ڪڏھن چار اٺ به ھوندا ھئا. ھن جو ٻارھوئي ڪم اھو ھئو، سندس پٽ به اٺن تي ٻانڌي شھر ۾ مال ڍوئيندا ھئا، خاص ڪري چيٽ ۾ ڪڻڪون لھڻ کان پوءِ  ٻانڌي شھر ۾ بھ جو وڏو ڪاروبار ھلندو آھي ٽن  مھينن تائين اٺن تي بھ کڻبو آھي ، پر چاچو ميرل وري اٺن جو واپاري ھئو ، وٽس ھميشه گرا، گنجا يا ويڙھاڪ اٺ ھوندا ھئا ، اسان ٻار سندس گھر وٽان لنگھندي اڪثر اٺن کان ڊڄندا ھئاسين، اٺ ڀلي ڪھڙو به ويڙھاڪ ھجي يا سياري جو مست اٺ ھجي شھر يا اوسي پاسي ۾ ڪنھن کان به نه سنڀالبو ھئو ته اھو اٺ چاچو ميرل خريد ڪندو، چاچو ميرل ساڳئي وقت  اٺن جو ڊاڪٽر به ھئو ، ماڻھو ھر قسم جو اٺ وٽس علاج لاءِ آڻيندا ھئا، ھي پنھنجا ھٿراڌو  تيل ۽ دوائون ٺاھيندو ھئو جن سان اٺن جو علاج ڪندو ھئو.

چاچو ميرل جولي قسم جو ماڻھو ھئو ، ڪنھن کان به اٺن جي علاج جا پئسا ڪونه وٺندو ھئو، ھو بيمار اٺ سستا وٺي انھن کي ٺيڪ ڪري وري وڪڻي ڇڏيندو ھئو، اڇو پٽڪو ۽ گوڏ ٻڌندو ھئو، سندس ڪلھي تي ھميشه چلڪندڙ ڪھاڙي ھوندو ھئي ، جنھن کي ڪاري رنگ جو ڳن ھوندو ھئو، شھر جي ھوٽلن تي سندس ڪچهريون ھونديون ھيون پر سندس ڪھاڙي ھر وقت وٽس ھوندي ھئي، چاچو ميرل جواني ۾ وڏو ڪاٽڪو ھوندو ھئو پر جڏھن اسين سانڀر ۾ آياسين ته کيس اٺن جو شوقين ڏٺو، تڏھن ھو زندگي جي ان اسٽيج تي ھئو جڏھن سندس اولاد جوان ٿي چڪو ھئو  ، اسان کي ياد آھي ته اٺ جي چال ڏسي ھي سمجھي ويندو ھئو ته اٺ کي ڇا بيماري آھي.

چاچو ميرل بينون الغوزو وڄائيندو ھئو ، چنگ به وڄائيندو ھئو ، مان ننڍڙو ٻار ھوس جڏھن ھو بينون وڄائيندو ھئو ته مان سندس ڀر ۾ ويھي ٻڌندو ھوس. ھڪ ڀيري وٽس اھڙو اٺ به علاج لاءِ آيو جيڪو بيھي نه پيو سگھي بيھندو ھئو ته ڪري پوندو ھئو ، چاچي ميرل ان اٺ کي به ٺيڪ ڪيو ، مونکي چاچي ميرل مرحوم جون ڳالھيون گذريل ڏينھن ھڪ ڏاچيءَ جي ڄنگھه  ڪٽڻ جو واقعو ٿيو.  چون ٿا ته سانگھڙ جي منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ڪنھن ڏاڍي مڙس جي فصل ۾ ڏاچي ڪاھي پئي ته ھمراھ ڏاچيءَ جي ڄنگهھ ڪپي ڇڏي.

سوشل ميڊيا تي سڄي دنيا اسان تي حيرت  پئي ڪري ته ھي ڪھڙي مخلوق آھي جو بي رحم جانورن تي به رحم نه ٿي ڪري جيتوڻيڪ سنڌي قوم جي سڃاڻپ ھڪ رحم دل قوم جي آھي ، ھاڻي ان واقعي بابت ڪيس داخل ٿيو آھي پنج جوابدارن کي پوليس گرفتار به ڪيو آھي پر ان کان اڳ اٺ جي غريب مالڪ ۽ ظالم وڏيري جي وچ ۾ ٺاھ به ٿي چڪو آھي مون کي خبر ناھي ته ڪيس جو ڇا ٿيندو پر ھڪ بي زبان جانور تي ايڏو ظلم ڏسي ھر حساس ماڻھوءَ کي ڏک ٿيندو ھوندو ، مونکي ھي واقعو ڏسي چاچو ميرل ياد آيو جيڪو اڻ پڙھيل ھوندي به اٺن جو ڊاڪٽر ھئو وڏي ڳالهھ ته ھو اٺن تي ڪوبه ظلم برداشت نه ڪري سگھندو ھئو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.