”ان کي نه گهرايو“ يونيورسٽي جي وي سي سني ليون جو ڊانس پروگرام روڪي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڪيرالا يونيورسٽي جي وائس چانسلر بالي ووڊ اداڪارا سني ليون جي ڊانس پروگرام جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا جو ڊانس پروگرام 25 جولاءِ تي يونيورسٽي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪيرالا ڪيمپس ۾ طئي هو پر وائس چانسلر ڊاڪٽر من موهن ڪنومل رجسٽرار کي حڪم ڏنو ته سني ليون جو پروگرام نه ڪرايو وڃي.
ڊاڪٽر ڪنومل چيو ته سني ليون جي پروگرام جي اجازت ان ڪري نه ڏني وئي، ڇو ته هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان اڳ ئي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جن ۾ ٻاهرين بينڊز ۽ فنڪارن جي پرفارمنس تي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته هائير ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان اها پابندي ”سي يو ايس اي ٽي“ ڪيمپس ۾ هڪ ڪنسرٽ دوران ڀاڄ جي واقعي کانپوءِ لاڳو ڪئي وئي آهي، مون کي يونيورسٽي ۾ سني ليون جي پرفارمنس جو عمل ان وقت ٿيو، جنهن مان ان جو پوسٽر ڏٺو، پوسٽر ڏسندي ئي مان رجسٽرار کي اهو پروگرام معطل ڪرڻ جو چئي ڇڏيو.

SunnyLeone bollywood kerala
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.