راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد عيدالاضحيٰ ويجهو ايندي ئي قرباني لاءِ جانور خريدي ورتو.
عيدالاضحيٰ سومر ڏينهن سڄي ملڪ ۾ مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي ۽ هر ڪو سنت ابراهيمي لاءِ جانور خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهي، ڪنهن جانور خريد ڪري ورتو آهي ته ڪير وري واپارين سان سوديبازي ۾ مصروف آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد به قرباني لاءِ جانور خريد ڪري ورتو، هو پاڻ راولپنڊي جي مال پڙي ويو، جتي هن خوبصورت اُٺ خريد ڪيو.
shaikhrasheed eiduladha rawalpindi