نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي سڄي سنڌ وائکو ڪري چڪي: ام رباب

دادو(غوث جهتيال) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھر ڀاتين ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو، والد مختيار چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جون 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي الزام هيٺ آيل  پ پ پ ايم پي اي ڀائر سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو پنهنجي وڪيلن سان گڏ عدالت ۾ پهتا، ان وقت جو ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ذوالفقار چانڊيو، علي گوهر چانڊيو، سڪندر چانڊيو، مرتضيٰ چانڊيو کي جيل کان عدالت ۾ آندو ويو، عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ان وقت جي تپيدار نديم مهيسر کان ڪيس رپورٽ بابت آڏي پڇا ڪئي وئي ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اميد اٿم ته انشاءَ الله سردارن، جاگيردارن کي سزا ملندي عدالت اسان سان انصاف ڪندي، ھن جو چوڻ هو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن کي سڄي سنڌ وائکو ڪري چڪي آهي صحافي جي قتل کي جيڪو رنگ ڏنو پيو وڃي ان کي اسان رد ڪيون ٿا شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي سرداري نظام خلاف آواز بلند ڪيو کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا هو سنڌ جو هيرو هو جيڪو شهادت ماڻي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.