لاهور/اسلام آباد(سجاد انور)هڪ مشهور صحافي يوٽيوبـر عمران شفقت 28هين ترميم جي مسودي جو هڪ بليو پرنٽ به جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پارليامينٽ نه هوندي، رڳو سينيٽ هوندي، صدارتي نظام لاڳو ڪيو ويندو، 32 انتظامي يونٽس هوندا، انهن جا وڏا وزير ڪابينا جا ميمبر هوندا، گورنر صدر جا نمائندا هوندا،اهي ڪنهن به صوبي جي وڏي وزير کي برطرف ڪري سگهندا،۽ هر صوبي مان سينٽ ۾ هڪ هڪ سيٽ جي نمائندگي هوندي. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته هيءَ ڪهاڻي پارليامينٽ ۾ ٿي نه ڪنهن سياسي پارٽي طرفان شروعات ڪئي وئي. اهو به چيو پيو وڃي ته پيپلز پارٽي کي چيو ويو آهي ته گذريل ترميم ۾ توهان جي فيس سيونگ ڪئي وئي هئي، هاڻي توهان جي ڪا فيس سيونگ نه ٿيندي. جڏهن ته محسن نقوي جي بيان تي ن ليگ شديد ردعمل ڏنو آهي، پ پ به سندس استعيفا جو مطالبو ڪري ورتو، اهو به چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمينٽ پاران اصل ۾ صوبن جي نالي تي ڊيڄاري مڪاني حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ جو ڪم ورتو ويندو،ٻيو اين ايف سي ايوارڊ ۾ تبديلي ڪرائي ويندي، طاقتورن جو تصور هي آهي ته صوبن جي طاقت کي گهٽ ڪرڻو آهي،هاڻي سوال هي آهي ته ڇا صدر زرداري، نوازشريف، شهبازشريف، فضل الرحمان صدارتي نظام لڳائڻ چاهيندا؟ يا پاڻ صدر بنجڻ چاهيندا؟ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته فيلڊ مارشل ڪيئن صدر بڻجندو،هو ته سرڪاري ملازم آهي،جڏهن ته پلان هي آهي ته صدارتي نظام ايندو، ان تي عمل ٿئي ٿو يا نه ان جو مستقبل سياسي واقعا ٻڌائيندا.جڏهن ته ملڪ ۾ پارليامينٽ ڪمزور آهي،سياسي ڍانچو ڪمزور آهي،عدليه به آزاد ناهي،پ پ ۽ ن ليگ پاڻ ۾ وڙهي رهيون آهن نظام اندر جيڪي ڪمزوريون آهن اهي روز ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي صورت ۾ عيان آهن، غربت، مهانگائي، بيروزگاريءَ،بدامني عام ماڻهوءَ جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.ٻي ڳالهه هي آهي ته توهان جي ملڪ ۾ اگر فرض ڪريو جمهوريت ۽ پارليامينٽ لاءِ ڪا تحريڪ اٿي ته ، ته ان کي به چٿي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪهڙي راڪيٽ سائنس جي ضرورت آهي؟ هاڻي ته ڪا عاصمه جهانگير به ناهي جو ان مٿان ڪنهن هنڌ کلي ڳالهائي سگهي. اسٽيبلشمينٽ کي هن وقت کليل ميدان مليل آهي، پر جنهن حساب سان واقعا ٿي رهيا آهن ڪالهه ايس ڊي پي آءِ جو به مڪالمو ٿيو ، ته ان مان ته هي ئي لڳي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجي بيانيي کي مڃرائڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس شروع ٿي ويا آهن،انهن ۾ صوبن جو بحث ڇڙيو ته هڪ اهڙو هنگامو شروع ٿيندو جو محسن نقوي وڌيڪ (بحث جو مرڪز بڻجي ويندو. ۽ محسن نقوي جو جيڪو بيان آهي سسٽم بابت، اهو به اچي ويندو. پيپلز پارٽي جا جيالا ان تي خوب تقريرون ڪندا، مسلم ليگ نون به پاڻ کي بچائيندي تقريرون ڪندي. هيءَ پارليامينٽ، جنهن کي ربڙ اسٽيمپ پارليامينٽ جو لقب مليل آهي، اها پارليامينٽ ڪهڙي طرح جو پنهنجو رنگ ٺاهي ٿي اڄ، سڀاڻي اها ڳالهه ڏسڻ واري هوندي صدارتي نظام ۽ صوبن جي بحث ذريعي ڪٿي نه ڪٿي ڪوشش ٿي رهي آهي ته موجوده سياسي ٽولي مان نجات حاصل ڪئي وڃي، جنهن ۾ عمران خان، نواز شريف، زرداري، پيپلز پارٽي شامل آهن. جڏهن توهان لوڪل باڊيز کي منظم ڪندا، ته نوان ليڊر پيدا ٿيندا. اهي نوان ليڊر ايندا ۽ پاڪستان جو هڪ نئون فيس (چهرو) هوندا. انهن جو هي به خيال آهي ته جيڪي جنريشن زي جا ماڻهو آهن، جيڪي هاڻي 25 سالن، 26 سالن جا ٿي ويا آهن، انهن مان ڪافي ماڻهو اچي ويندا، اهي سڀ ڳالهيون گهڻيون خوبصورت آهن، پر عملدرآمد لاءِ هيءَ هڪ طرح سان هڪ ڌٻڻ مان گذرڻ جهڙو آهي. انهن سياسي جماعتون ماضي مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هنن سياسي جماعتن کي اگر ڪجهه سرڪاري آفيسر چاهين ته انهن کي هٽائي ڪو نئون سسٽم وٺي اچن، ته اهي پوري طاقت جي باوجود به نٿا آڻي سگهن.