ڪوئيٽا (عوامي آواز نيوز) نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر، دانشور مير طاهر بزنجو چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار صرف عوام وٽ آهي، بند ڪمرن ۾ ويهي صوبن کي درجنين انتظامي يونٽن ۾ تبديل ڪرڻ جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا، هن چيو ته اڄ ڪلهه ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جا چرچا هلي رهيا آهن ۽ اسان جي اطلاعن موجب ان حوالي سان وڏي سياسي جماعتن ۽ مذهبي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته انگريزن جي اچڻ کان پهريان سنڌ ۾ مير ٽالپرن، بلوچستان ۾ خوانين ۽ پنجاب ۾ رنجيت سنگهه جي سلطنت قائم هئي جنهن ۾ موجوده ڪي پي جو وڏو حصو به شامل هو ۽ بلوچستان جي پشتون علائقن کي معاهدي تحت جيڪي ان وقت افغان حڪمرانن تي مڙهيو ويو هو کي افغانستان مان ڪٽي ڪري برٽش بلوچستان جو نالو ڏنو ويو ۽ ان ۾ رياست قلات جي ڪجهه علائقن کي به شامل ڪيو ويو، مسئلو ڪنهن صوبي جي وڏي آبادي جو ناهي پر بيڊ گورننس، ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ شاهي طرز حڪمراني آهي.