اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت اسلام آباد جي هڪ تحقيقي اداري سسٽين ايبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ (ايس ڊي پي آءِ) جي اهتمام هيٺ قومي مباحثو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام جي امڪانن، ضرورت ۽ طريقيڪار تي خيالن جو اظهار ڪيو.ڇا ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽ هجڻ گهرجن؟“ جي عنوان سان ٿيل قومي مباحثي ۾ مقررن قومي اتفاقِ راءِ لاءِ ڪميشن قائم ڪرڻ، اختيار ۽ وسيلا هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ، مڪاني حڪومتن کي مضبوط بڻائڻ ۽ حڪمراني بهتر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، قومي مڪالمي ۾ صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن جي ضرورت آهي ۽ اختيارن ۽ وسيلن کي هيٺين سطح تائين ورهايو وڃي. هن چيو ته چئن ئي صوبن کي 8 هزار 884 ارب رپيا ملن ٿا، پر اختيارن جي اثرائتي منتقلي جو ڪو نظام موجود ناهي.مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ انتظامي يونٽن جي قيام جي حمايت ڪندي چيو ته ان سان رياست جي حڪمراني جي صلاحيت بهتر ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهي ٿي.هن جو چوڻ هو ته نون انتظامي يونٽن جي مخالفت ڪندڙن کي ملندڙ وسيلا روڪياوڃن ته اهي نون يونٽن جي مخالفت نه ڪندا. لاهور جي اڳوڻي ميئر ميان عامر محمود چيو ته پاڪستان ۾ اثرائتي مڪاني حڪومتن جا تجربا موجود آهن ۽ عوام کي سٺي حڪمراني جو حق حاصل آهي. هن چيو ته سياستدانن جي ڪارڪردگي کي سندن سياسي ترقي ۽ عوامي اعتماد جو اهم معيار بڻايو وڃي.ميان عامر محمود موجب ننڍن صوبن يا انتظامي يونٽن جي قيام سان انتظامي خرچن ۾ هر سال 330 ارب رپين کان وڌيڪ جي امڪاني بچت ٿي سگهي ٿي. اڳوڻي وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا جو چوڻ هو ته نون صوبن جي بحث کي حساس معاملن، تاريخي پسمنظر ۽ ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي اڳتي وڌائڻو پوندو.ڪا به جماعت اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ نٿي چاهي. سندس چوڻ موجب رڳو نوان صوبا ٺاهڻ بدران حڪومتي نظام ۽ اختيارن جي ورڇ تي به ڌيان ڏيڻو پوندو.هن چيو ته جيڪڏهن نظام يا قانون ۾ خرابي آهي ته ان کي درست ڪرڻ گهرجي. آئين موجود هجڻ باوجود جيڪڏهن ان تي اثرائتي نموني عمل نه ٿي رهيو آهي ته ان جو حل ڳولڻو پوندو.اڳوڻي وفاقي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته عوام کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ سان پاڪستان وڌيڪ مضبوط ٿيندو. فيصلا سازي کي عوام جي ويجهو آڻڻ اثرائتي حڪمراني لاءِ ضروري آهي.اسد عمر چيو ته جيڪڏهن وڌيڪ صوبن جي قيام سان حڪمراني بهتر ٿئي ٿي ۽ فيصلا سازي عوام جي ويجهو اچي ٿي ته نوان صوبا ٺاهڻ ۾ ڪو حرج ناهي. خيبر پختونخوا جي وڏي وزير جي اڳوڻي صلاحڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير بيرسٽر محمد علي سيف چيو ته نون صوبن جو قيام بنيادي طور تي سياسي معاملو آهي ۽ ان لاءِ اتفاقِ راءِ ضروري آهي.بيرسٽر سيف تجويز ڏني ته سياسي پارٽين جي راءِ سان هڪ قومي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جيڪا نون انتظامي يونٽن جي معاملي جو جائزو وٺي. هن چيو ته قومي اتفاقِ راءِ ذريعي هن معاملي کي اڳتي وڌائڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته نون صوبن جي قيام سان گڏ مڪاني حڪومتن جي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۽ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ به ضروري آهي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته مڪاني حڪومتن کي آئيني تحفظ ڏيڻ گهرجي، جيئن انهن جي اختيارن ۽ ذميوارين جو واضح تعين آئين ۾ موجود هجي.هن چيو ته مڪاني حڪومتن کي واضح آئيني اختيار ۽ ذميواريون ڏيڻ سان اختيارن جي هيٺين سطح تائين اثرائتي ۽ بامعنيٰ منتقلي يقيني بڻائي سگهجي ٿي.جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته نون صوبن جو قيام آئين ۽ جمهوريت سان ٽڪراءُ ناهي. هن انتظامي ضرورتن، عوامي مفاد ۽ جمهوري گهرجن کي سامهون رکندي هن معاملي تي سنجيده غور جي حمايت ڪئي.لياقت بلوچ چيو ته نون انتظامي يونٽن جي قيام بابت بحث کي آئيني ۽ جمهوري دائري اندر اڳتي وڌائي سگهجي ٿو ۽ هن معاملي ۾ عوامي مفاد کي بنيادي اهميت حاصل هجڻ گهرجي.اڳوڻي وفاقي اطلاعات ۽ نشريات واري وزير فواد چوڌري چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ کانسواءِ مڪاني حڪومت جو نظام اثرائتي نموني ڪامياب نٿو ٿي سگهي.سندس مطابق پاڪستان کي اهڙي قابلِ عمل انتظامي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو عوام جون ضرورتون پوريون ڪري سگهي ۽ اختيارن ۽ وسيلن جي بهتر ورڇ ممڪن بڻائي سگهي،پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته صوبن گڏجي هن ملڪ کي تسليم ڪيو هو، توهان جي ڪا به پاليسي ناهي، صوبن جو بحث پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجي ها،سڀ کان سٺو نظام مڪاني نظام آهي،اهو ٺاهيو،سڀ کان پهرين ڳالهه ته عوام جي چونڊن بابت ساک ته بحال ڪريو،عوام کي آئين سان ته جوڙيو،آئين تي عملدرآمد ته ڪري ڏسو.