مهاجر صوبي جي نقشي ۾فوج جو نالو استعمال؟ ايم ڪيو ايم خوش

اسلام آباد(طلعت حسين)ايم ڪيو ايم جي قيادت جي وات ۾ پاڻي اچي رهيو آهي. نئين صوبن جي بحث ۾ اهي سڀ کان اڳتي آهن،پاڪ فوج جو نالو استعمال ڪري نوان نقشا منظر عام تي اچي ويا آهن،سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل نقشي ۾ پاڪستان ۾ مهاجر صوبو کپي جو نعرو لکيو ويو آهي،ان سان گڏ پاڪستان زندهه باد،پاڪ فوج زندهه باد جو به نعرو هنيل آهي،نقشي ۾ ڪراچي،حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن کي مهاجر صوبي جو نالو ڏنو ويو آهي،اوهان کي ياد هوندو، الطاف حسين جنھن جو ڪو ذڪر نٿو ڪري هاڻي لنڊن ۾ آئسوليشن ۽ قانون کان باغي واري زندگي گذاري رهيو آهي. پر پنهنجي عروج واري زماني ۾ هو  الڳ صوبي جو مطالبو ڪندو هو،ماضي ۾ اسٽيبلشمينٽ سان تڪرارن دوران ، ته ايم ڪيو ايم تي جڏهن ڇاپا لڳندا هئا ته  اتان صوبي جا نقشا نڪرندا هئا، اسٽيبلشمينٽ طرفان ايم ڪيو ايم خلاف  جيڪي سياسي ايف آءِ آرز داخل ڪرايون وينديون آهن، انھن   ۾ اهو بيانيو هوندو هو ته  ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهي ٿي.ڪراچي لڳاتار قتل غارت،ڦرلٽ جو مرڪز هوندو هو، ايم ڪيو ايم جا رياست سان جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ لاڳاپا بهتر ٿيا ته صوبي جي بحث ته پوئتي هلي هئي، پر جيڪا بنياد هئي اها پنهنجي جڳهه تي قائم رهندي هئي.هاڻي اها ئي ايم ڪيو ايم آهي، اها الطاف حسين جي ايم ڪيو ايم ناهي. اردوڳالهائيندڙن جو موقف آهي ته ڪراچي سندن شهر آهي حالانڪه هن شهر ۾ سنڌي،پختون،بلوچ،هزاريوال به وڏي انگ ۾ آباد آهن،  هاڻي جڏهن صوبن جو بحث ڇڙيو آهي، ته ايم ڪيو ايم پنهنجي طرفان صوبن جي بحث کي ليڊ ڪندي پنهنجي پراڻي نظريي سان ڳنڍيل رهڻ  جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڇو ته پراڻي نظريي سان انھن جو ووٽر بيٺو آهي. ته هاڻي جيڪي نقشا نڪري رهيا آهن اهي "پاڪستان فوج زنده باد” جي نعرن سان نڪري رهيا آهن.اڳ ۾ هٿ ڪيل نقشن تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ گرفتار ۽ سزائن کي منهن ڏيندا هئا، هاڻي نقشا نڪري رهيا آهن پر اها پاڪستان کي بچائڻ جي تحريڪ قرار ڏني پئي وڃي ايم ڪيو ايم جو خيال آهي ته ڀلي لساني بنيادن تي نه پر ڪنهن به طرح صوبو ٺهي وڃي ٿو ته واهه واهه  ٿي ويندي.اهي سڀ ووٽرز جيڪي الطاف حسين جي آئسوليٽ ٿيڻ کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ٿي ويا آهن ، ۽ تمام تر ڪوششن جي باوجود ايم ڪيو ايم جي موجوده قيادت انھن کي پاڻ سان جوڙي ناهي سگهي، انھن کي جوڙڻ لاءِ اگر ڪا امرت ڌارا آهي ته اهو صوبن جو نعرو آهي. ايم ڪيو ايم جڏهن صوبي جي ڳالهه ڪري ٿي ته سنڌ اندر سخت ردِعمل اچي رهيو آهي اسٽيبلشمينٽ جو خيال آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪرائي رهي آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم  اندر هڪ چئلينج اهو به آهي ته اڳواڻن جو پاڻ ۾ ئي اتحاد ناهي،

You might also like