ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي مڪاني حڪومت واري وزير سعيد غني نون صوبن جي قيام بابت بحث تي سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته نون صوبن بابت گهرو وزير ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڏينهن ئي جواب ڏنو، محسن نقوي جي سنڌ ۾ ڪا سياسي حيثيت ناهي، جيڪو ڳالهائيندو ان کي جواب ڏيندس،ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايس پي آر کان سوال ڪيو ويو، جنهن جو هنن جواب ڏنو، پر آءِ ايس پي آر جو ڪم ناهي ته اهو طئي ڪري ته صوبن جوڙڻ گهرجن يا نه.اهو پارليامينٽ ۽ سياستدانن جو ڪم آهي،اهو صوبن ۾ رهندڙن جو ڪم آهي، عوام ئي طئي ڪندو ته ڇا ڪرڻو آهي،هن چيو ته ڀلي جيڪو مرضي ڪن، سنڌ ۾ نئون صوبو نه ٺهندو. زبردستي صوبو ٺاهڻ سان عوام ۾ خطرناڪ نفرت پيدا ٿيندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته صوبن جي معاملي تي ايم ڪيو ايم وڌيڪ ٽپا ڏئي رهي آهي،ان جو جواب به ڏينداسين، سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ نئين صوبي جي قيام جي حق ۾ ناهي. جيڪڏهن زبردستي فيصلو مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا ڪجهه ٻيا هوندا ۽ ماڻهن اندر شديد بدگماني ۽ نفرت پيدا ٿيندي. تنهن هوندي به پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي صورتحال مختلف آهي. جيڪڏهن پنجاب يا ڪي پي جي اسيمبلي پنهنجي صوبي بابت ڪا قرارداد منظور ڪري ٿي ته اهي ان بابت فيصلو ڪرڻ ۾ آزاد آهن.مڪاني معاملن ۽ ترقياتي ڪمن بابت ڳالهائيندي صوبائي وزير اعتراف ڪيو ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز وٽ وسيلن جي شديد کوٽ آهي، جنهن سبب ڪيترائي ڪم وقت سر مڪمل نٿا ٿي سگهن. ان باوجود ڪراچي ۾ آءِ ٽي، گرائونڊن، روڊن ۽ گهٽين جي تعمير ۽ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي. عوام کي بنيادي سهولتن سان گڏ معياري تعليم ۽ صحت جي پڻ سخت ضرورت آهي.هن مثال ڏيندي ٻڌايو ته شهيد نجيب عالم اسڪول کي کنڊر مان هڪ بهترين تعليمي اداري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، پر ان جي بهتري ۽ معيار برقرار رکڻ لاءِ ضروري آهي ته علائقي جا ماڻهو ان جي مڪمل ذميواري قبول ڪن. والدين کي اپيل آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلين ۽ استادن ۽ عملي جي ڪارڪردگي تي نظر رکن.سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ڪورنگي سميت سڄي شهر ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ۽ مڪاني ادارن جي سهڪار سان عوام جون ضرورتون ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکيون وينديون