شھيد نصرالله گڏاڻي سنڌي صحافت جو امر ڪردار رھندو:دودو ديشي

لاڙڪاڻو(پ ر) جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي چيو آھي  ته ھڪ ارڏي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل تي سڀني صحافين سان تعزيت ڪجي ٿي ،نصرالله  گڏاڻي جھڙا بي باڪ ارڏا پنھنجي جان سچ تان قربان ڪندا آھن ۽ تاريخ ۾ امر ٿي ويندا آھن،هن چيو ته شھيد نصرالله گڏاڻي سنڌي صحافت جو امر ڪردار رھندو ھن جو خون کٿوري ٿي اڀرندو باقي زرد صحافت ڪندڙ ته بنگلن ويگو ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ سياسي آقائن سان گڏ ھوندا آھن پر اھو ياد رکڻ گھرجي ته تاريخ جا پنا سڀ ڪجھ لکندا آھن  شهيد نصرالله کي سرخ سلام آھي.

  • نصرالله گڏاڻي ڪرپٽ ڀوتارن کي آئينو ڏيکاريو:ڀان سيدآباد جا صحافي

ڀان سيد آباد (آدم مينگل )ڀان سيد آباد ۾ آدم علي مينگل، ذوالفقار علي مينگل ، آصف علي ميمڻ ،ياسر شورو ، پرديپ ڪمار ،  عاشق مينگل ، ڪريم جمالي ،اڪرم علي ميمڻ ، مختيار سليمان لغاري ۽ ٻين قلم ڌڻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاهرو ڪيو ويو ، نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي سرداري نظام نامنظور ، ڀوتاري نظام نامنظور ، ڪرپٽ حڪمران نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ڪرپٽ ڀوتارن جي ڪرپشن کي دنيا آڏو رپورٽ ڪري آئينو ڏيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.