سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس پاران جي آءِ ٽي رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ادرميڊيا پريڪٽشنرز ميرپور ماٿيلو جي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ  کي نئين اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميشن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جو سربراهه سکر ڊويزن کانسواءِ ڪنهن ڊويزن جو ڊي آءِ جي هجڻ گهرجي ۽ ٽيم جي ٻين ميمبرن جو تعلق سکر پوليس سان نه هجڻ گهرجي. ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين جسٽس رٽائرڊ نظر اڪبر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميشن جي ٻين ميمبرن انساني حقن واري ڪميشن جي پروفيسر ڊاڪٽر توصيف احمد خان، سي پي اين اي جي ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي صدرفهيم صديقي ۽ سينيئر صحافي مظهر عباس به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ نصرالله گڏاڻي مٿان ٿيل حملي ۽ بعد جي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي سُستي تي به افسوس جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته پوليس ۽ انتظاميه طرفان جيڪي اپاءَ وٺڻ گهرجن ها اهي نه پيا کنيا ويا،اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نصرالله گڏاڻي کي مئي 2023ع ۾ به ضلعي انتظاميا بدسلوڪي ڪندي ايم پي او تحت نظربند ڪيو هو، جنهن بعد ڪميشن جي هدايتن تي کيس آزاد ڪيو ويو هو، اجلاس ۾ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته 8 مهينا گذرڻ باوجود سکر پوليس جان محمد مهرجا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل نامام ٿي وئي آهي ۽ سکر پوليس جي مجموعي طور تي به ڪرڪردگي انتهائي مايوس ڪندڙ آهي.اجلاس ۾ ڊي آءِ جي سکر پاران جوڙيل جي آءِ ٽي بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته ميرپور ماٿيلو ۾ صحافتي ذميوارين جي ادائگي تي نه صرف بااثر شخصيتون پر مقامي انتظاميا به نصرالله گڏاڻي مٿان ڪاوڙيل هئي، جيڪي قتل جي جاچ دوران اثر انداز ٿي سگهن ٿا. دراصل هن قتل جي جاچ سکر ڊويزن کان ٻاهر ٿيڻ گهرجي،ڪميشن جي چيئرمين آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته نصرالله گڏاڻي جي قتل جي جاچ دوران پيش رفت بابت روزاني جي بنياد تي ڪميشن کي آگاهه ڪيو وڃي.اجلاس ۾ ڪميشن جي گهوٽڪي ۾ فوڪل پرسن محترمه رفعيه بانو جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو، جيڪي واقعي کانپوءِ اسپتال پهتي ۽ سمورا تفصيل وٺي ڪميشن کي موڪليا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.