سنڌ ۾ سخت گرمي، موهن جو دڙي ۾ پارو 51 ڊگري تي پهچي ويو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ سخت گرمي جي لهر جاري آهي، جڏهن ته تاريخي ماڳ موهن جو دڙو ۾ پارو 51 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو  آهي. موسميات کاتي موجب دادو ۽ سکر ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سبي ۽ ڊي جي خان ۾ گرمي پد 48 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو آهي. ان کان علاوه مٺي ۽ نواب شاهه ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ، ملتان، بهاولپور 46 ڊگري سينٽي گريڊ، فيصل آباد، ڊي آءِ خان، سرگوڌا، نوڪندي، ساهيوال، حيدرآباد ۽ تربت ۾ به گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.