بل ادا ڪيو نه ته بجلي بند ڪنداسين: ڪي اليڪٽرڪ

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو  آفيسر (سي اي او) مونس علوي چيو آهي ته ڪراچي جا شهري بل ادا ڪندا ته لوڊشيڊنگ نه ٿيندي.ڪي اليڪٽرڪ جي سي اي او مونس علوي دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي جي 70 سيڪڙو علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ناهي.هن چيو ته ڪراچي جي عوام مٿان 70 ارب رپيا قرض آهي، جيڪڏهن ڪراچي جا شهري بل ادا ڪن ته لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. ڪراچي سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي جي اعلانيل ۽ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب عوام بي حال آهيٻئي طرف سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر حسين شاهه ڪراچي ۾ وڌندڙ لوڊشيڊنگ خلاف ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جو سربراهه مڪاني ادارن وارو وزير سعيد غني هوندو.ڪميٽي کي 9 ارب رپين کان وڌيڪ رهتون ادا ڪرڻ جي حوايل سان ناصر ضاهه جي مدد جي به خاطري ڪرائي وئي آهي، ڪميٽي لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۽ بلن جي ادائيگي سميت ٻين معاملن تي مشاورت ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.