ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ وڌندڙ گرمي بعد اسپتالن ۾ گيسٽرو جي مريضن جو انگ وڌي ويو آهي، جناح اسپتال انتظاميا موجب، گيسٽرو ۾ ورتل روزاني 45 کان 50 مريض اچي رهيا آهن، گيسٽرو ۾ ورتل مريضن جو وڏو انگ اسپتال اچي رهيو آهي، ٻئي طرف ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته جسم ۾ پاڻي ۽ نمڪيات جي گهٽتائي سان گردا فيل ٿيڻ جو خدشو وڌي ويندو آهي، پاڻي ۽ نمڪيات جي گهٽتائي سبب جسم ۾ انفيڪشن پکيڙجڻ جو به خدشو هوندو آهي، ماهرن مشورو ڏيندي وڌيڪ چيو ته گرمي جي شدت وڌڻ سبب سبزيون ۽ فروٽ وڌيڪ استعمال ڪرڻ تمام ضروري آهي.