آرمي چيف سان گنڊاپور عمران خان بابت ڳالهائي نه سگهيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور ايس آءِ ايف سي جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ هن جي آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ٻه ڀيرا ملاقات ٿي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عمران خان سندس پهرين ترجيح آهي. اها سياسي جدوجهد الڳ آهي. ان سطح تي بحث جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.ڳالهين بابت سوال تي هن چيو ته عمران خان بار بار واضح ڪري چڪو آهي ته هو پاڪستان لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر اهو ماحول ناهي پيدا ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته هاڻي عدالتن مان فيصلا اچي رهيا آهن.هن چيو ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن ۽ جلد بهتر نتيجا نڪرندا. سندس موجب مئي ۽ جون سٺا مهينا آهن، انهن ۾ ڪي فيصلا سامهون ايندا.هن چيو ته عمران خان خلاف ڪارروائي جي منظوري پنجاب حڪومت جي دائري ۾ نه ايندي آهي، اهڙا معاملا ايجنڊا تي نه هئڻ گهرجن.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته اسان پنهنجي نمائندگي ڪرڻ آيا آهيون، ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ ڪا به ڳالهه ناهي. پر جڏهن کيس ملاقات جي دعوت ڏني وئي ته هن شرڪت ڪئي.علي امين گنڊاپور چيو ته اجلاس ۾ ٻڌايو ته فاٽا ۽ پاٽا تي ٽيڪس لڳائڻ ممڪن ناهي،جتي عوام جي جان ۽ مال جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، وڏي وزير چيو ته لوڊشيڊنگ جي حوالي سان گهرو وزير ۽ توانائي واري وزير سان اهم اجلاس ٿيڻو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو ان کي بجلي جي چوري چون ٿا،پر مان ان کي مجبوري چوان ٿو. هن چيو ته هن وقت وفاق نه ته سندن بقايا ادا ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي انهن کي ايڊجسٽ ڪيو پيو وڃي.  علي امين چيو ته هو صوبي جي عوام جي حقن لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن. سندس چوڻ هو ته سندس صوبو هائيڊل پاور مان سڀ کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.