ٺٽي ڀرسان ٽن مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت، 15 کان وڌيڪ زخمي

ٺٽو(ڊر) جهرڪ ويجهو حميد فارم وٽ تيز رفتار ڊمپر پاران سوزوڪي کي زوردار ٽڪر ھڻڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ماڻڪ بھراڻي جا رھواسي 6 ڄڻا رياض ولد براديو بھراڻي، جلال ولد درياءِ خان بھراڻي، عرفان ولد سوڍو،  سومار ولد جعفر بھراڻي، قربان ولد الھبچايو بھراڻي ۽ وقار ولد جمن بھراڻي فوت ٿي ويا، جڏھن ته 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ حسن ولد دودو، منور ولد آچار، ارباب علي ولد رجب، عرفان ولد الھبچايو، مقبول ولد بيگر خان، نعمان ولد حاجي محمد، واجد ولد لال بخش، مشتاق ولد رجب، اصف ۽ گلشير ولد گل محمد شامل آھن، فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا،جڏھن ته زخمي بدستور حيدراباد جي اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھن، ھوڏانھن ٺٽو-حيدرآباد قومي شاهراھه تي ڪينجهر لڳ کنڀو اسٽاپ وٽ فارچونر ويگو گاڏي ۽ سوزوڪي ۾ زوردار ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ سوزوڪي ۾ سوار مڪلي واسي 3 ڄڻا جاويد جاکرو، خميسو جاکرو ۽ غلام سرور خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو ويو، جتي غلام سرور خاصخيلي زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته زخمي سول اسپتال مڪلي ۾ زير علاج آھن. جڏھن ته ٺٽو حيدرآباد روڊ تي علي بحر ڀرسان سوزوڪي ۽ ھاءِ روف گاڏي ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو ارشد علي بنگالي موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي علاج لاءِ مقامي اسپتال آندو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.