اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ايس آءِ ايف جي ڪارڪردگيءَ مخالفن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. اهو رڳو فوجي آفيسرن جو نالو ناهي. اهڙو اظهار هن اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڏهين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، چئني وڏن وزيرن، آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ چيف سيڪريٽريز سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. شهباز شريف چيو ته هو واپار ۽ اقتصادي سهڪار کي اهميت ڏئي رهيا آهن، فوجي قيادت به سيڙپڪاري جي واڌاري لاءِ ڪردار ادا ڪيو، فوجي ۽ سول آفيسر گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وقت گذرڻ سان ايس آءِ ايف سي ڪارڪردگي وڌي رهي آهي. ريڪوڊڪ منصوبي تي به ايس آءِ ايف سي تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي رڳو پاڪ فوج جي آفيسرن جو نالو ناهي، ان ۾ صوبن جا وڏا وزير، وفاقي وزير ۽ آفيسر به شامل آهي. هن چيو ته يو اي اي پاڪستان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي مڪمل ڊجيٽلائيزيشن لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي. شهباز شريف چيو ته ترقي لاءِ ڪنڊن مان گذرڻو پوندو، جادوءَ سان ڪو به ڪم نه ٿيندو، هڪ ماني چئن ڀائرن کي ورهائي کائڻي آهي،