سنڌ حڪومت شھيد صحافي جو ڪيس خراب نه ڪري:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جو قتل ڪيس وارثن جي  مرضي سان داخل ڪيو وڃي. سنڌ حڪومت شھيد صحافي جو ڪيس خراب نه ڪري. شھيد صحافي جي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آھي. ملوث اصل جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ڪيس خراب ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو به رنگ نه ڏنو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته  شديد گرمين دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ بند ڪئي وڃي. حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي عوام دشمن آھي. ھوڏانھن انگلينڊ مان آيل قومي عوامي تحريڪ ۽ ايس ايس ٽي جي اڳواڻ انجنيئر جميل رخشاڻي ۽ سندس گھر واري، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي ليڊر انجنيئر مريم سھتو اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.