عوامي تحريڪ پاران سومر تي اعلانيل احتجاج جي حمايت

حيدرآباد(رپورٽر) شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار،  مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجي ۽ حسين سومري پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ مافيا جي حڪومت آهي، ڪنهن به ماڻهو جي زندگي محفوظ نه آهي،هنن چيو ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صحافين کي نشانون بڻايو پيو وڃي، حڪومتي اشتهارن ۾ به بليڪ ميلنگ پئي هلي. صحافين کي قتل ۽ بليڪ ميل ڪري، ميڊيا کي مڪمل طور ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سومر ڏيهاڙي سموري سنڌ ۾ اعلانيل احتجاج جي حمايت ڪندي ڪارڪنن کي ڀرپور شرڪت جي هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.