اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر ناصر بٽ چيو آهي ته لڳي ٿو نواز شريف ۽ سندس حڪومت خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سازش شروع ٿي وئي آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ باني عمران خان کي اسلام آباد جي الشفا اسپتال منتقل ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي نون ليگ سينيٽر ناصر بٽ چيو ته پي ٽي آءِ باني کي جتي وڃڻو هو، اتي هليو ويو آهي.
هن چيو ته بار بار نواز شريف خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر هو هر ڀيري واپس ايندو آهي ۽ سازشي پٺتي رهجي ويندا آهن.
عمران خان جي اسپتال منتقلي جو حڪم، ”لڳي ٿو نواز شريف خلاف ٻيهر سازش شروع ٿي وئي آهي“
You might also like