اڄ سنڌ جدوجهد جي گهر ڪري رهي آهي، ماٺ رهياسين ته سڀاڻي ڪجهه نه بچندو: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت بابت اڄ ماٺ رهياسين ته سڀاڻي ڇا بچندو؟
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته وقت پاڻ کان سجاڳي، ڏاهپ ۽ پرامن جمهوري جدوجهد جي گهر ڪري رهيو آهي.
هن سوال اٿاريندي چيو ته اڄ سنڌ جي وحدت بابت ماٺ رهيو ته سڀاڻي ڇا بچندو؟ زمين، پاڻي، سمنڊ، شهر، وسيلا يا رڳو تاريخ جا ڪتاب؟

 

You might also like