ڊجيٽل خودمختياري ڏانهن تاريخي اڳڀرائي، پاڪستان پهريون قومي ڪلائونڊ انجڻ فعال ڪري ڇڏيو

پاڪستان انٽرنيٽ ڪمپيوٽر پروٽوڪول، يعني آءِ سي پي جي ڪلائوڊ انجڻن کي قومي ۽ خودمختيار ڊجيٽل انفراسٽرڪچر طور استعمال ڪرڻ ڏانهن تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. سولي لفظن ۾ سمجهجي ته پاڪستان هاڻي اهڙي ڊجيٽل سهولت تيار ڪرڻ طرف وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ جو اهم ڊيٽا ۽ سرڪاري آن لائين نظام وڏين پرڏيهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين بدران پاڪستان جي پنهنجي يا مقامي سطح تي ڪنٽرول ٿيندڙ انفراسٽرڪچر تي هلي سگهي.

ڪلائوڊ انجڻ اصل ۾ مخصوص ڪمپيوٽر نيٽ ورڪن ۽ ڊيٽا سينٽرن جو اهڙو نظام آهي، جنهن کي ڪنهن ملڪ يا اداري جي ضرورت مطابق ترتيب ڏئي سگهجي ٿو. ان ۾ اهو اختيار موجود هوندو آهي ته ڪمپيوٽر سرور ڪٿي لڳايا وڃن، ڪهڙيون مقامي ڪمپنيون انهن کي هلائين ۽ ملڪ جو حساس ڊيٽا ڪهڙي جاگرافيائي حدن اندر محفوظ رکيو وڃي.

اهڙي نظام کي ايمازون ويب سروسز، يعني اي ڊبليو ايس، گوگل ڪلائوڊ ۽ مائڪروسافٽ ايزور جهڙن وڏن پرڏيهي ڪلائوڊ پليٽ فارمن جي متبادل طور ڏٺو پيو وڃي. جيتوڻيڪ انهن عالمي ڪمپنين جا ڪلائوڊ سسٽم طاقت جي لحاظ کان تمام وڏا آهن، پر قومي سطح تي حساس سرڪاري ڊيٽا، هٿرادو ڏاهپ جي نظام ۽ اهڙين آن لائين خدمتن لاءِ پنهنجو ڪلائوڊ وڌيڪ اهم ٿي سگهي ٿو، جن کي ڪو ملڪ ڪنهن پرڏيهي ڪمپني جي مڪمل اختيار ۾ نٿو ڇڏڻ چاهي.

فيبروري 2026ع ۾ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي ۽ ڊي فائنٽي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن جو مقصد پاڪستان لاءِ هڪ مخصوص سب نيٽ يا خودمختيار ڪلائوڊ قائم ڪرڻ هو. منصوبي جو بنيادي مقصد پاڪستان جو اهم ڊيٽا ملڪ اندر رکڻ، مصنوعي ذهانت تي ٻڌل نوان نظام تيار ڪرڻ ۽ وڏين پرڏيهي ٽيڪنالاجي ڪمپنين تي انحصار گهٽائڻ هو.

هن منصوبي تحت پاڪستان جو پهريون ڪلائوڊ انجڻ مئي 2026ع ۾ فعال ٿي ويو. شروعاتي مرحلي ۾ اسلام آباد ۽ لاهور جي ڊيٽا سينٽرن ۾ چئن مختلف مقامي ڪمپنين جا چار نوڊ شامل ڪيا ويا، جن ۾ اسلام آباد ۾ ورچوئري جو پي ڪي-آءِ ايس-001، ملٽي نيٽ جو پي ڪي-آءِ ايس-002، نيا ٽيل جو پي ڪي-آءِ ايس-004 ۽ لاهور ۾ واءِ لنڪس جو پي ڪي-ايل ايڇ-001 شامل آهن.

دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اها دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين قومي سطح جي خودمختيار ڪلائوڊ انجڻ ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ اي ڊبليو ايس، گوگل يا ايزور جهڙو ڪو به پرڏيهي هائپر اسڪيلر شامل ناهي.

جيتوڻيڪ پاڪستان جو هي نظام هن وقت ڪمپيوٽنگ طاقت ۽ گنجائش جي لحاظ کان انهن عالمي ڪمپنين جو مقابلو نٿو ڪري سگهي، پر ان جو مقصد به هر شعبي ۾ انهن سان مقابلو ڪرڻ ناهي. اصل مقصد انهن شعبن کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي، جيڪي قومي سلامتي ۽ رياستي نظام لاءِ انتهائي اهم آهن.

مثال طور حڪومت جا حساس رڪارڊ، قومي ڊجيٽل سڃاڻپ، سرڪاري آن لائين خدمتون ۽ مستقبل ۾ هٿرادو ڏاهپ سان لاڳاپيل اهم نظام مقامي انفراسٽرڪچر تي هلائي سگهجن ٿا.

هن اڳڀرائي جو هڪ امڪاني ايندڙ مرحلو قومي سطح جي پنهنجي ميسيجنگ ايپ به ٿي سگهي ٿو. تجزيي موجب ايران ۾ شهري ۽ فوجي قيادت کي نشانو بڻائڻ لاءِ اسرائيل طرفان واٽس ايپ جي استعمال کانپوءِ اهو احساس وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي ته انتهائي حساس سرڪاري ۽ قومي رابطن لاءِ ڪنهن پرڏيهي ميسيجنگ پليٽ فارم تي مڪمل انحصار خطري کان خالي ناهي.

انهيءَ ڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان مستقبل ۾ پنهنجي قومي ميسيجنگ سروس تيار ڪري سگهي ٿو، جيڪا رڳو پيغام موڪلڻ تائين محدود نه هوندي، پر هڪ مڪمل ’سپر ايپ‘ جي بنياد بڻجي سگهي ٿي.

سپر ايپ مان مراد اهڙي وڏي موبائل ايپ آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي مختلف ڪمن لاءِ الڳ الڳ ايپس رکڻ جي ضرورت نه پوي. هڪ ئي ايپ ذريعي پيغام موڪلي سگهجن، سڃاڻپ جي تصديق ٿي سگهي، رقم موڪلي ۽ وصول ڪري سگهجي، مالي خدمتون استعمال ڪري سگهجن، ٽيڪس جمع ڪرائي سگهجي، صحت ۽ تعليم سان لاڳاپيل سرڪاري سهولتون حاصل ڪري سگهجن، لائسنس ٺهرائي سگهجن ۽ ٻيون حڪومتي خدمتون پڻ دستياب هجن.

ان کانسواءِ هن سپر ايپ ۾ خانگي ڪمپنين ۽ مقامي سافٽ ويئر ڊولپرز جون ننڍيون ننڍيون ايپس به شامل ڪري سگهجن ٿيون. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن پاڪستاني ڊولپر وٽ شهرين لاءِ ڪا ڪارائتي ڊجيٽل سروس تيار ڪرڻ جو خيال آهي ته ان کي مڪمل انفراسٽرڪچر پاڻ ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي، پر هو پنهنجي سروس تيار ڪري منظوري لاءِ پيش ڪري سگهندو ۽ منظوري کانپوءِ اها سروس ساڳئي سپر ايپ اندر دستياب ٿي سگهي ٿي.

چين ۾ اهڙي ماڊل تحت لکين ننڍيون ڊجيٽل خدمتون ڪم ڪري رهيون آهن. هن نظام جو هڪ وڏو فائدو اهو ٿي سگهي ٿو ته مقامي سافٽ ويئر ڪمپنين ۽ نوجوان ڊولپرز لاءِ نئين مارڪيٽ پيدا ٿيندي ۽ انهن کي پنهنجي الڳ ايپ لاءِ واهپيدارن تائين پهچ ۽ بنيادي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر تيار ڪرڻ تي ايترا وسيلا خرچ نه ڪرڻا پوندا.

قومي خودمختيار ڪلائوڊ جو هڪ اهم فائدو هنگامي حالتن دوران به سامهون اچي سگهي ٿو. جيڪڏهن مستقبل ۾ پاڪستان کي جنگ، سائبر حملي يا ڪنهن وڏي عالمي بحران کي منهن ڏيڻو پوي ته قومي اهميت جون ڊجيٽل خدمتون مقامي انفراسٽرڪچر تي هلڻ سبب وڌيڪ محفوظ ۽ مسلسل فعال رکي سگهجن ٿيون.

ان جو سبب اهو آهي ته ملڪ جو بنيادي ڊجيٽل نظام ڪنهن پرڏيهي ڪمپني جي مڪمل ڪنٽرول ۾ نه هوندو، جنهن وٽ ڪنهن خاص سروس کي بند ڪرڻ يا ان تائين رسائي محدود ڪرڻ جو اختيار هجي.

تنهن هوندي به ان جو مطلب اهو ناهي ته پاڪستان کي اي ڊبليو ايس، گوگل يا مائڪروسافٽ جهڙن عالمي پليٽ فارمن جي ضرورت ختم ٿي ويندي. مقصد اهو هوندو ته انتهائي حساس ۽ قومي اهميت وارن نظامن لاءِ هڪ متبادل ۽ پنهنجي ڪنٽرول هيٺ انفراسٽرڪچر پڻ موجود هجي.

اهڙيءَ ريت ڏٺو وڃي ته پاڪستان جي موجوده اڳڀرائي رڳو هڪ نئين ڪلائوڊ سسٽم جي تنصيب جو معاملو ناهي، پر مستقبل ۾ پنهنجي ڊيٽا، سرڪاري خدمتن، ڊجيٽل سڃاڻپ، مالي نظام، مصنوعي ذهانت ۽ قومي مواصلاتي نظام کي هڪ گڏيل ۽ وڌيڪ خودمختيار ڊجيٽل ڍانچي ۾ آڻڻ جي بنياد به بڻجي سگهي ٿي.

جيڪڏهن اهو منصوبو ساڳئي رخ ۾ اڳتي وڌندو رهيو ته پاڪستان ايندڙ سالن ۾ اهڙي قومي سپر ايپ تيار ڪري سگهي ٿو، جيڪا عام شهري جي روزمره جا ڪيترائي ڪم هڪ ئي هنڌ تي انجام ڏئي سگهي، جڏهن ته رياست جي حساس ڊجيٽل نظام کي به پرڏيهي ٽيڪنالاجي تي مڪمل انحصار کان بچائي سگهجي.

محدود وسيلن باوجود دفاع ۽ قومي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ پيچيده منصوبا مڪمل ڪرڻ جي پاڪستان جي اڳوڻي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي، خودمختيار ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ڏانهن هي قدم ملڪ جي ٽيڪنالاجي پاليسي ۾ هڪ اهم تبديلي ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like