25 ايڪڙن وارن آبادگارن لاءِ خوشبري، سنڌ حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ ڪڻڪ جي آبادگارن لاءِ ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته نون هارين جي رجسٽريشن ۽ اڳ ۾ رجسٽرڊ آبادگارن جي ٻيهر تصديق جي پڻ منظوري ڏني وئي آهي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 3 لک 13 هزار رجسٽرڊ آبادگارن کي مجموعي طور 20 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 193 ڪلوميٽر ڊگهي نئون ڪوٽ، مٺي، اسلام ڪوٽ، ننگرپارڪر ۽ چيلهار واٽر سپلاءِ سسٽم کي پي ايڇ اي ڊي حوالي ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي، جڏهن ته مٺي ۾ آر او پلانٽس جي صلاحيت وڌائڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
سنڌ ڪابينا ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ اسٽار واش پروگرام جي معاهدي جي مسودي جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. پروگرام جي پهرئين مرحلي ۾ خيرپور، ڄامشورو، بدين ۽ نوشهروفيروز ۾ 12 کان 15 لک ماڻهن کي پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
ڪابينا پِف ٽيڪ هيڊڪوارٽرز ۽ جديد ڊيٽا سينٽر قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني، جتي اي آءِ حب ۽ جديد فيلڊ ڪوآرڊي نيشن رومز قائم ڪيا ويندا، منصوبي لاءِ 44 ڪروڙ 19 لک رپين جي واڌو فنڊز جي منظوري به ڏني وئي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فلور ملز پاران اٽي جي قيمت 112 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو.

You might also like