ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پريا ايڪشن ڪميٽي ”سنڌ شامِ غريبان“ تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪراچي مان ريلي شروع ڪري عوام کي آگاهي ڏني ويندي، جنهن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسان جي هر شام ”شامِ غريبان“ آهي، ماڻهن کي پنهنجن ٻارن جي حفاظت پاڻ ڪرڻي پوندي.
هنن چيو ته پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ٻٻرلوءِ ۾ احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪيترن ئي گم ٿيل ٻارن جا والدين پڻ پهتا.
پريا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن الزام لڳايو ته گم ٿيل ٻارن جي والدين خلاف دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.