ھر گرمي جي موسم اسان جي ماڻھن کي اھو ياد ڏياري ٿي تھ ھن خطي جي موسم وقت سان گڏ شدت اختيار ڪري رھي آھي،پر اسان وٽ الرٽ يا چتاءُ جي نتيجي ۾ اڳواٽ ڪنھن جوڳي بندوبست ڪرڻ جو تصور نھ رھيو آھي، ان ڪري ڪنھن وڏي نقصان کان اڳ ان بابت سوچيو ئي نھ ويندو آھي.
جيتوڻيڪ ھن وقت لڳ ڀڳ سموري ملڪ ۾ خاص طور تي گرمي اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ھئڻ ڪري ماڻھن جو دانھون آھن،ھر علائقي ۾ وقتي طور تي ڏينھن لڳڻ يا ھيٽ اسٽروڪ کان بچڻ جي خيال سان روڊن رستن تي ٿڌي پاڻي جو بندوبست ڪيل آھي،جنھن ۾ سرندي وارن جو حصو بھ آھي تھ وري مڪاني ادارن جي حڪومتن جو بھ نالي ماتر ڪم آھي پر ، ان جي مقابلي ۾ وڻ لڳائڻ يا وري ھن موسم کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪنھن ٻئي بندوبست ڪرڻ يا ان بابت ڪنھن رٿابندي تي ڪم نھ ھئڻ برابر ٿي رھيو آھي.
پاڪستان سميت خطي جا ڪيترائي ملڪ هن وقت سخت گرمي ۽ غير موسمي برساتن جي لپيٽ ۾ آهن، جنهن ڪري انسانن، پکين ۽ جيت جڻن جو جيئڻ جنجال ٿي رهيو آهي، اهوسالن کان ترقي جي نالي ۾ انساني نسل جي لاءِ معدنيات جي بيدرديءَ سان استعمال جو نتيجو ئي آهي.
هلندڙ سال فيبروري جي مهيني ۾ بلوچستان سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ رڪارڊ برساتون ٿيون،تھ وري ھن وقت گرمي جي لهر اتر سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي علائقن ۾ ھلي رھي آهي.ڪٿي ڪٿي گرمي جو درجو 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پھتل آھي.باقي 35 ڊگري کان مٿي تھ ھر ھنڌ آھي.اھا شدت ھر جاندار لاءِ خطرناڪ هوندي آهي، گرمي پد وڌڻ سان پوري ماحولياتي نظام تي منفي اثر پوندو آهي، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿينديون آهن ۽ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي ٿيندي آهي. جيڪڏهن موتمار گرميءَ جو اهو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ سالن ۾ ڪيترائي شهر رهڻ جوڳا نھ ھوندا ۽ اونهاري ۾ ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي.
خطي ۾موسمياتي تبديليءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ ۾ سياري جي موسم کان پوءِ اوچتو گرمي جي موسم اچي ويندي آهي، موسميات کاتي پنهنجي جائزي ۾ چيو آهي ته مارچ 2022ع پاڪستان ۾ 1961ع کان پوءِ گرم ترين مهينو هو. جنهن کانپوءِ سيپٽمبر جي مهيني ۾ برساتن کانپوءِ ٻوڏ آئي، انساني جانيون ضايع ٿيون، لڏپلاڻ ڪرڻي پئي ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمين به تباهه ٿي وئي، جنهن سبب ملڪ جي معيشت کي وڏو نقصان پهتو ھو.
2023ع ۾ پڻ گرمي پد ۾ رڪارڊ اضافو ڏٺو پيو وڃي، جيڪو هاڻي آھستي آھستي وڌي رهيو آهي، تازو موسمياتي ماڊل پڻ گرمي جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ رڪارڊ برساتن جي نشاندهي ڪن پيا.عالمي سطح تي پاڪستان گرين هائوس گيسز جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو پئدا ڪري ٿو، جيڪو گلوبل وارمنگ ۾ ڪردار ادا ڪري ٿو، ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي حوالي سان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙملڪن مان هڪ آهي، ٻھ سال اڳ پاڪستان لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ ٻوڏ جو شڪار ٿيو ھو، پر وقت گذرڻ سان گڏ، اسان هاڻي هر ٽئين سال سخت ٻوڏ جو شڪار ٿينداسين.گڏيل قومن جي انٽرگورنمينٽل پينل آن ڪلائميٽ چينج (IPCC) جي هڪ رپورٽ موجب جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي روڪڻ لاءِ ڪو به ٺوس قدم نه کنيو ويو ته دنيا کي، گرمي جي لهر، ڏڪار، ٻوڏ ۽ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو. عالمي گرمي پد ۾ واڌ سبب غير موسمي ٿڌ ۽ ٻيلن ۾ باهه پڻ معمول بڻجي وئي آهي. گرميءَ جي شدت سان گڏ ٻيلن جي واڊي ۽ ٻيلن جي کوٽ به پوري ماحولياتي نظام کي متاثر ڪري رهي آهي.
موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ لاءِ سنجيده اپاءَ وٺڻا پوندا، وڌندڙ گرمي پد کي گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ وڻ لڳائڻا پوندا، حڪومتي سطح تي ڪاربن جي استعمال کي گهٽائڻ لاءِ تيل ۽ ڪوئلي بدران قابل جديد توانائي جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻي پوندي.جيئن ته سولر ۽ ونڊ انرجي کي وڌائڻو پوندو، گاڏين ۽ ڪارخانن مان نڪرندڙ دونھين آلودگيءَ جو اھم سبب آهن، جنهن کان بچڻ لاءِ اسان کي ماحول دوست گاڏيون استعمال ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن پوءِ به اسان ماحول جي بهتري لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم نه ڪيو ته هيءَ ڌرتي ايندڙ نسلن لاءِ رهڻ لائق نه رهندي.انهن مسئلن تي هڪ عرصي کان دنيا جي ماهرن ۽سائنسدانن ڪم شروع ڪيو آهي پر ان هوندي به نت نوان مسئلا ۽ وڏن ملڪن جي هٺ ڌرمي ۽انهن پاران گهربل فنڊ فراهم نه ڪرڻ جي ڪري اهي مسئلا خوش اسلوبي سان حل نه پيا ٿين.
ماحوليات جي حوالي سان سموري دنيا ۾ اهو محسوس ڪيو پيو پيو وڃي ته هن ماحول کي ٻئي ڪنهن نه پر خود انسان جي چُرپُر مان ئي خطرو آهي.جنهنڪري دنيا کي ان خطري مان صرف ان صورت ۾ ئي بچائي سگهبو جڏهن انسان شعوري طور تي جهنگلي جيوت، نباتات ۽ حيوانات، ماحولياتي نظام جو خيال ڪندو۽ ان جي محتاط ۽ جٽادار استعمال ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهندو.
پاڪستان ۾ ايندڙ هر حڪومت چوندي آهي ته اها ماحول جي لاءِ ڪم ڪندي پر عملي طور تي هي ملڪ ايترن مسئلن جي ور چڙهيل آهي جو ڪنهن به حڪومت ان بنيادي مسئلي ڏانهن گهربل ڌيان نه ڏنو آهي،اهو مسئلو ڪڏهن به ايجنڊا تي نه آيو آهي. ڪي معاملا ته ايترا معمولي آهن جي ان طرف ڏيان ڏئي ۽ عوام کي ترغيب ڏني وڃي ته به ڪافي ڪم ٿي سگهي ٿو.جنهن ۾ وڻن پوکڻ ،صفائي جي جوڳي انتظام بابت مهم هلائڻ شامل آهن.جيڪڏهن سرڪاري سطح تي اهڙي مهم هلائي وڃي ۽ ان ۾ تعليمي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي شامل ڪيو وڃي ته ان جو هاڪاري نتيجا فوري طور تي اچي سگهن ٿا.سرڪار هن پاسي ڌيان ڏئي ڪري ئي پنهنجي ماحول کي بهتر ڪري سگهي ٿي ته وري عالمي دنيا وٽ پنهنجي ساک به بهتر ڪري سگهي ٿي ان سان ئي اسين هڪ بهتر دنيا ڏانهن وک پڻ کڻي سگهون ٿا.