ڪنڌڪوٽ مان لڳ ڀڳ هڪ مهينو اڳ اغوا ٿيل ويل معصوم ٻار اياز پٺاڻ بابت ڌاڙيلن هڪ وڊيو وائرل ڪئي آهي جنهن ۾ هن کي زنجيرن ۾ ٽنگيل ڏيکاريو ويو آهي. ان ويڊيو جي وائرل ٿيڻ کان پوءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته ان ٻالڪ جي بازيابي يقيني بڻجي وئي آهي. اهو ٻالڪ ڪيئن آزاد ٿيو آهي تنهن جا تفصيل اڃان اچڻا آهن. پر ان بازيابي مان اهو ضرور ثابت ٿيو آهي ته حڪومت يا انتظاميا چاهي ته ان لاءِ بازياب ڪرائڻ ڪو مسئلو ناهي. رپورٽن موجب ان ٻار جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن وارثن کي ڪافي ڀيرا 40 لک رويپا ڀنگ ڀرن جو چيو هو جيڪو نه ملڻ تي اهڙي دل ڏاريندڙ وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي وئي جنهن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو هو. ان ٻار کي 25 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو. وائرل ٿيل وڊيو ۾ اهو ٻارڙو روئندي پشتو زبان ۾ پنهنجي آزادي لاءِ پڪاري رهيو آهي.
اهو وڌندڙ لاڙو ڪيڏو نه شرم جوڳو آهي ته ڌاڙيلن ڏوهاري ۽ ڦورو هاڻي نه ٻارن تي ڪو رحم ڪن ٿا نه ئي عورتن جو ڪو احترام ڪن ٿا. جڏهن ته ماضيءَ ۾ عورتن ۽ ٻارن جو ڏوهاري ۽ ڌاڙيل به احترام ڪندا هيا ۽ اهو وڌندڙ لاڙو به ڪيڏو نه اذيت جوڳو آهي ته ڌاڙيلن هاڻي انسانيت کان ڪريل حرڪتون ڪري انهن حرڪتن جون ويڊيو ٺاهي وائرل ڪن ٿا جن کي عام ماڻهو ئي ڏسي نٿو سگهي ته اندازو لڳايو ته يرغمالين جي وارثن تي ڇا گذرندي هوندي.
مغوين جي وارثن لاءِ سندن پيارن جي اغوا وارو انتظار ۽ وري اهڙيون وائر ٿيل ويڊيو ڏسڻ ايئن آهي ڄڻ جيئري مرڻ هجي. مجبوري ۽ بي وسي به ڪنهن ٽاچر کان گهٽ ناهي. انهن جي وس ۾ هجي ته اهي هڪ سيڪنڊ به پنهنجي رت جي رشتن کان جيڪر پري نه رهي سگهن ۽ سندن وس ۾ هجي ته جيڪر هٿيار کڻي اهي پاڻ ڌاڙيلن سان مقابلي لاءِ نڪري پون پر آئين ۽ قانون کين انجي اجازت نه ٿو ڏئي. اهي ويچارا پاڻ قانون کي هٿ ۾ نٿا کڻي سگهن ۽ نه ئي کڻڻ گهرجن. انهن وارثن جي وس ۾ اهو ئي آهي ته اهي حڪومت کي فرياد ڪن، احتجاج ڪن، ڌرڻا ڏين، مظاهرا ڪن ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ پوي يا ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين کي ڀنگ ڀري ڏيندا رهن ۽ ايئن پنهنجن پيارن کي بازياب ڪرائين. اڪثر ايئن ئي ٿيندو آهي ماڻهو پيسا ڀري پنهنجن پيارن کي آزاد ڪرائيندا آهن. پر جيڪي لاچار ۽ مجبور وارث ترت پيسن جو اتنظام نه ڪري سگهندا آهن ته پوءِ ڌاڙيلن ۽ ڏوهاري جواب ۾ کين بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ سندن پيارن کي تڪليفون ڏيندا آهن، مٿن تشدد ڪندا آهن ۽ انسانيت کي لڄائيندڙ حرڪتون ڪري ويڊيو وائرل ڪري سندن زخمين تي لوڻ ٻرڪڻ وارو ڪم ڪندا آهن.
اسان ته انهن ڌاڙيلن، ڏوهارين ڦورن ۽ دهشت گردن کي رحم جي به اپيل نٿا ڪري سگهون ۽ ڪيون به ڇو. اهي اهڙا رحم دل هجن ها، ڪو شرم ۽ ضمير هجين ها، انسانيت نالي ڪا شئي هجين ها ته اهڙا ڪم ئي ڇو ڪن ٿا. ٻين جي جان، مال ۽ عزت سان ڇو کيڏن ها. اسان جو وري به حڪومت کي چوڻ ٺهي ٿو جنهن کي عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ عوام ووٽ ڏئي اقتدار جي مسند تي ويهاريو آهي. اهو حڪومت جو فرض آهي. اُها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري. جيڪا حڪومت اهو فرض ادا نه ڪري سگهي، پنهنجي حڪومت رٽ قائم نه ڪري سگهي، آئين ۽ قانون جي بالادستي قائم نه ڪري سگهي تنهن کي پوءِ حڪومت سڏائڻ جو به حق نه هئڻ گهرجي.
اسان جون حڪومتون خاص ڪري موجوده حڪومتون هن جديد دور ۾ به جيڪڏهن حڪومتي رٽ قائم نه ڪري سگهن ته ڪڏهن ڪنديون. اسان ته اهو به ڏٺو آهي ته جديد دور جي ٽيڪنالاجي مان بدي جون طاقتون حڪومت کان وڌيڪ فائدو وٺي رهيون آهن ته بدي جي طاقتن جو نيٽ ورڪ حڪومتي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ سگهارو آهي. اها به حقيقت آهي ته سرڪاري سهولت ڪاري کان سواءِ ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جو نيٽ ورڪ ايڏو مضبوط ٿي ئي نه ٿو سگهي جو اهي جڏهن ۽ جتي چاهين ڪا به ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن. يعني حڪومت، انتظاميا ۽ طاقت ور ڌريون ئي ڏوهارين، ڌاڙيلن ۽ ڦورن سان مليل آهي.
هي آپريشن ۽ سخت ڪاررواين جون ڳالهيون سکڻيون بيان بازيون آهن. حڪومتن ۽ انتظاميا جي انهن پرڪارن کي ڏسندي عوام هاڻي پاڻ ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ ڦورن سان مقابلو ڪرڻ لڳو آهي، کين پڪڙي ماري به رهيا آهن جيڪو اصولي طور تي ته غلط آهي، عام ماڻهن کي قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي پر ان رد عمل جون ذميوار به حڪومتون ئي آهن جو اهي پاڻ ڪجهه نه ٿيون ڪن ته عوام پاڻ اڳڀرائي ڪرڻ لڳو آهي.
اهڙي قسم جي هڪ انتهائي مثبت اڳڀرائي جميعت علماءِ اسلام قمبر جي امير حافظ محمد عزيز گل جاگيراڻيءَ ڪئي آهي. جنهن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته مان حج جي مقدس سفر لاءِ جيڪي پيسا جمع ڪيا آهن اهي ان معصوم ٻالڪ اياز پٺاڻ جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته اسان هن معصوم ٻالڪ جون دانهون ٻڌي نٿا سگهون. زندگي رهي ته حج به ڪبا رهبا اغوا ٿيل ٻار جي بازيابي لاءِ اهو عمل به ڪنهن حج کان گهٽ ناهي، هوڏانهن جي يو آءِ جي ٻئي اڳواڻ شاهه زين بجاراڻي به ان ٻارڙي جي بازيابي لاءِ ڏهه لک ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سندن انهن اعلانن جي اسان آجيان ڪريون ٿا ۽ ان کي انسانيت جو ڪنڌ مٿي کڻڻ جهڙو عمل سمجهون ٿا. اصل عبادت به انسانيت جي خدمت آهي. ان کان وڏي ڪا عبادت نٿي ٿي سگهي. اهو سڀ چوڻ ۾ ته سولو آهي پر جيڪي عظيم انسان عملي طور پنهنجو وچن پاڙي ڏيکارين ٿا تن کي اسان اٿي بيهي سلام ڪريون ٿا. پر اهو به مسئلي جو اصل حل ناهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عام ماڻهن کي زنجيرن ۾ جڪڙيل معصوم ٻار جي دانهن جنجهوڙي وڌو آهي ۽ اهي پنهنجي کيسي مان پيسا ڀري ڪنهن جي جگر جي ٽڪر کي بازياب ڪرڻ لاءِ ايڏو جذباتي ٿي سگهن ٿا ته عام طور تي حڪومت کي به اهڙي سنگيني جو احساس ٿيڻ گهرجي.