ايم ڪيو ايم اڳواڻ جون عورت استادن کي ڌمڪيون، ويڊيو وائرل

ڪراچي ( رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳوڻو ايم پي اي صداقت حسين امتحاني مرڪزن ۾ داخل ٿي عورت استادن کي  ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن جي وڊيو سامهون اچي وئي آهي. تفصيل موجب ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اورنگي ٽائون جي اڳوڻي ايم پي اي صداقت حسين طرفان عورت سان بدتميزي جو واقعو پيش آيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي عورت استادن کي امتحاني مرڪزن ۾ داخل ٿيڻ بعد ڌمڪيون ڏنيون، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي. وڊيو ۾ اڳوڻي ايم پي اي کي عملي ڌڪا ڏنا ويا  صوبائي وزير ۽ يونيورسٽي بورڊ چيو ته تعليم کاتي جي عملي سان بدسلوڪي برداشت نه ڪئي ويندي. اسڪول جي عملي گفتگو ۾ چيو ته صداقت حسين انيس قائم خاني کي شڪايت ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.