نماڻي سنڌيءَ جي ياد ۾

حاجي ساند

هي ڏينهن ئي هن جي اچڻ جا هوندا هئا ۽ هي ڏينهن ئي هن جي وڇڙڻ جا آهن.  اسان جي گهرن ۾ سڱرين جو پهريون ساڳ وگهاربو هو ته ان جي داڳ جي خوشبو سان گڏ هن جي سار به اسان وٽ پهچي ويندي هئي ‘ اسين سڀ هن جي آمد جي انتظار کي انجوائي ڪندا هئاسون ۽ پوءِ هو اڻ هوند جي آرهڙ مان گذري به اسان وٽ اچي ويندو هو ‘ هو اسان وٽ ڪيئن پهچندو هو اها ڪهاڻي روئاري ڇڏڻ جهڙي آهي يعني واپڊا جي چيئرمين شمس الملڪ کي هڪ پورهيت جي بيمار زال کي اسپتال تائين کڻي وڃڻ لاءِ گاڏي نه ڏيڻ تي هن ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي وفد جي سامهون ٿڦڙ وهائي ڪڍي ڇڏي هئي ۽ ان ڏوهه ۾ هن جي نوڪري هلي وئي هئي

( ياد رهي نماڻو سنڌي واپڊا ۾ ملازم ۽ ان جي يونين جو عهديدار هو)سو ڳالھه  پئي هلي هن جي اچڻ جي ۽ ٿر تائين پهچڻ جي ‘ ته هو بي روزگاري جي باه ۾ جلندي اسان وٽ ڪيئن ايندو هو ۽ هو ايترو ته ايمان وارو ماڻهو هو جو هو نوان جتوئي کان موري تائين جو ڪرايو قربان ‘ حبيب يا عرس کان وٺي موري پهچندو هو ۽ اتان نواب ولي محمد تائين پهچڻ لاءِ سائين راشد ‘ اسد سولنگي يا ڪي ٻيا دوست هن کي ڪرايو ڏيئي ڇڏيندا هئا ۽ اتي هن جي گهوڙي جهلڻ لاءِ شاهنواز خاصخيلي موجود هوندو هو ۽ ايئن مختلف شهرن مان وڌيڪ نه صرف اڳين شهر تائين پهچڻ جيترا پئسا وٺي هو اسان تائين پهچندو هو ۽ هتي اسين سڀ هن جا منتظر هوندا هئاسين هو هتي پهچندو هو ڄڻ ست ڏڪار جهاڳي ڪوئي ٿريو وسڪارن کي ويجهو ٿيو هجي

هن کي ٻار وڻندا هئا ۽ ڏک اهو هو جو هن کي ڪو ٻار ڪونه هو هن کي گل ۽ وڻ وڻندا هئا ان ڪري هن جي ننڍڙي ۽ ڪچي اوطاق جي صحن ۾ ڪيئي گل ۽ وڻ هئا جن تي ٻوليندڙ پکين سان هن جون رهاڻيون هونديون هيون هو گلن جي مک تي مرڪندڙ ماڪ جي ڦڙن جا لفظن ذريعي اسڪيچ ٺاهيندو هو. هو وطن جو عاشق هو ان ڪري چانڊوڪين ۾ پنهنجي محبوبا کي ياد ڪري روئڻ بدران ان کي سرخ سڏ ٿيڻ مهل يادگيري ڪرڻ جي وينتي ڪندو هو

هو دل جي دنيا جو ماڻهو هو پر هو به صفا ڪمال جو ماڻهو هن وٽ لالچ ۽ خوف ٻئي ڪونه هئا ۽ ايئن هو سائين جي ايم سيد جي ڏنل قومي ڪارڪن جي وصف تي پورو لهندڙ ماڻهو هو.  هن وٽ لالچ نه هجڻ جو هڪڙو وڏو مثال هن جي زندگي ۾ اهو هو ته هن وٽ اولاد ڪونه هو ۽ هن جي ڀائرن هن کي پنهنجو ڪو پٽ گود ڏيڻ چاهيو ته هن چيو نه آئون نياڻي گود وٺندس ڇو جو پٽ کي گود وٺڻ معني اها لالچ رکڻ ته اهو ڪمائي کارائيندو ۽ پوءِ هن سحر کي گود ورتو ۽ ان جي پرورش پنهنجي نياڻي وانگر ڪئي.

نماڻو اسان لاءِ ته ڄڻ يتيم ٻار کي مليل ميلي جي خرچي جهڙو ماڻهو هو هو ڄائو ته ٻورڙي ۾ هو پر هن جي مٽي پدمات جي ترائيءَ مان کنيل هئي ان ڪري اسان جي سيم جا پسيءَ سان جنجهيل وهين جا جهولڙا ڪرڙن جا ٽار هن سان ڳالهيون ڪندا هئا هو پدمات جي گولاڙن سان ٻکيل ڄارين سان پنهنجي عشق جا قصا اوريندو هو . هوُ روحل فقير جي تڪئي تي ڦٽل شهر جي آثارن تي ڀڳل ٿانون جا ٽڪر ميڙي روئندو هو هو تصور جي چيچ جهلي پنهنجي پوئين جنم ۾ پهچي ويندو هو ۽ چوندو هو ” او اجهي هتي هن جاءِ تي منهنجو گهر هوندو هو ان جي اڱڻ تي هڪ وڏو ڪنڊيءَ جو وڻ بيٺل هوندو هو ۽ امان اوٽي جي ڪنڊ تي رکيل چلھ تي پدمات جي ڍنڍ ۾ ٿيندڙ سڳداسي چانورن جي اٽي جي ماني پچائيندي مون تي نظرن ئي نظرن ۾ ٻلهار پئي ٿيندي هئي ” هوُ جنهن جي بدن ۾ سنڌ جي عاشق دراوڙ جو روح هو جنهن پيرن ۾ جنمن جي سفر جو ٿڪ هو ۽ ڄڻ ته هو اهو ٿڪ لاهڻ ئي روحل واءِ ايندو هو

۽ اسين چئون ٿا ته هو هوئي روحل واءِ جو هن جي ڊي اين اي ڀلي ته نوان جتوئي جي کوسن سان مئچ ڪندي هجي پر هن جي روح ۾ بيچين زندگي جي مائٽي صرف ئي صرف اسان سان هئي هو آريسر صاحب جو ننڍو ڀاءُ هو ‘ هوُ ماما جمن جو ڀاڻيجو ۽ مون ۽ باغيءَ جو ماسات هو صادق فقير جو سئوٽ هو.

هو ٿر جي اڃ جو استعارو هو ۽ ٿرين جي خانه بدوشين جي ڄڻ فطرت طرفان ٺاهيل ڊاڪيوميٽري هو هو ڏينهن جا ڏينهن ڪارونجهر وٽ ويٺو هوندو هو ۽ ڪاسٻي جي مندر تي ريهون ڪندڙ مورن ۽ يوسف فقير جي آواز سان گڏ ٿي ڀوڏيسر تي اشنان ڪندڙ سوڍين جي هرک لڱن جا رنگ شاعري ۾ سام رکندو ويندو هو ڪارونجهر جي پٿر جهڙين ناسي رنگ جي ڪولهڻين جي اکين ۾ لهندڙ ڪرڀ هن جي شاعري ۾ ڦوڪارو کائڻ ايندو هو

پٿر ڍوئيندي ڪولهڻ سوچيو

سارو جڳ تغاري آهي

الا ! هو ته ڄڻ هوئي ڏک جي مٽيءَ جو پنوڙو ۽ ڏک جي مٽي ڀلا ٿر کان سواءِ ٻيو ڪٿي ملندي ‘ ڇوته وڇوڙن جو درد ته ڄڻ ٺهيو ئي اسان جي زمين تي هو ان ڪري ئي اسان جي سڄي لوڪ شاعريءَ ۾ رڳو لڙڪ آهن ۽ اهي لڙڪ نماڻي جي شاعري جي اکين کي به وراثت ۾ مليل هئا

مند موٽي مينهن پرين آهي وسڻ تي

ائي تنهنجي سار وري من جي اڱڻ تي

ويس وڳا ديس سڄي ڌوئي مٽايا

ڪهڙا پرين پوش وجهان پدپهڻ تي

راهون تڪي روئي ٿڪا نيڻ نماڻا

من موٽين ٻاجهھ پوئي منهنجي مرڻ تي هو آريسر صاحب جي پيرانديءَ کان ويٺو هوندو ۽ جڏهن آريسر صاحب خمارن ۾ اچي سنڌ جي تاريخ جي اجري ۽ زخمي روح تان گونگهٽ کڻندو هو ته هو پنهنجي ٻڪ ۾ ان جو چهرو جهلي سڄو ملهارجي پوندو هو هن جو روح هانسي سوڍي جي غيرت ۽ وطن دوستي جي ادا کي فخر سان ويٺو ٻڌندو هو هو روپا جي فانوسن سان گڏ جلندو پيو هو هو کرڙي جي ميدان ۾ جوڌن جي تلوارن کي تيغ ويٺو ڏيندو هو

هو ڪاڪي مقيم سان ويهي ٿر جي روايتن جي اجرين گلين ۾ نڪري پوندو هو ۽ پوءِ ڪاڪي مقيم جي گفتار جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي ٿر جي سڀني عظيم روايتن سان اهو تعارف ڪرائيندو هو ته ڪاڪي کان پڇو آئون اوهان جو ڇپني ڏڪار ۾ وڇڙي ويل ڇورو آهيان جنهن کي اوهان الائي ڇو وساري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي لطيف جي ڏنل اها ميار آئون به ورجايان ٿو ته

لوءِ وڃي ڪو چوءِ ‘ منهنجي ماروئڙن کي

ڇانگان ڇڄي ڇيلڙو جيڪر ڪنهن جو هوءِ

سهي وڙولن سوءِ ‘ آئون ڪيئن ويئيس وسري

سو اڄ جڏهن اسان جي گهرن ۾ سڱرين جو ساڳ وگهارجي ٿو آرهڙ جا ڏينهن پدمات جي ڃارين ۾ ٻور سان گڏ لهي آيا آهن ڪڻڪن جي ڀيلاڙن ۾ مال سان گڏ ڪانڊيرن جي نيرن گلين تي آوارگيون ڪندڙ پوپٽن ۽ ڌنارن جي بانسرين سميت سڀ ڪجھ ساڳيو آهي ها رڳو تون ناهين جنهن جا گيت انهن جي سڄي حسن جو اسڪيچ ٺاهيندا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.