اسان روز ٽرمپ جا ڌمڪين ۽ جنگين وارا بيان نٿا ٻڌي سگهون: برازيلي صدر

ميڊرڊ (ويب ڊيسڪ) برازيل جي صدر لوئيز اناسيو لولاڊي سلوا آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسان روز صبح جو اٿي ۽ رات جو سمهڻ کان اڳ اهڙي صدر جا ٽوئيٽ (بيان) نٿا ٻڌي سگهون، جيڪو دنيا کي ڌمڪيون ڏيندو هجي ۽ جنگين جو اعلان ڪندو هجي.
اسپين ۾ تقريب کي خطاب ڪندي برازيلي صدر چيو ته هڪ ملڪ جو صدر ٻئي ملڪ جي چونڊن ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي، نه ئي ڪنهن ٻئي لاءِ ووٽ گهري سگهي ٿو.
گڏيل قومن جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن کان وچ اوڀر ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪامي تي پنهنجي پاليسي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.