واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇنڇر ڏينهن ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو آبناءِ هرمز جي معاملي تي پنهنجي تبديل ٿيندڙ موقف ذريعي واشنگٽن کي بليڪ ميل نه ڪري.
پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ جي اها وارننگ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن تهران ان اسٽريٽجڪ آبي رستي کي هڪ ڀيرو ٻيهر بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ٽرمپ وائيٽ هائوس ۾ هڪ تقريب دوران چيو ته اسان انهن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، انهن ٻيهر آبناءِ هرمز بند ڪرڻ چاهيو، توهان ڄاڻيو ٿا ته هو ورهين کان ائين ڪندا آيا آهن ۽ اهي اسان کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهن.
ان کان اڳ ايران آبناءِ هرمز کولڻ جو فيصلو واپس وٺندي هڪ ڀيرو ٻيهر بندشون لڳائڻ جو اعلان ڪيو هو.
You might also like