اسرائيل سيڪيورٽي جي نالي تي وڌيڪ زمين حاصل ڪري رهيو آهي: ترڪي

انقرا (ويب ڊيسڪ) ترڪ پرڏيهي وزير چيو آهي ته اسرائيل وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي کي جواز طور پيش ڪري رهيو آهي.
انطاليه ڊپلوميسي فورم کي خطاب ڪندي ترڪي جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان چيو ته اسرائيل پنهنجي سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ۾ ناهي، اسرائيل وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
هن چيو ته وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ نيتن ياهو جي حڪومت سيڪيورٽي کي بهانو بڻائي استعمال ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.