صحافي سليم جھانگيرجو وڇوڙو…!

تحرير: اسد ڏاهري

حيدرآباد جو مشھور صحافي، مختلف رسالن ۾ ڪم ڪندڙ جفاڪش ماڻھو ۽ بينڪاري رسالي کي چار چنڊ بخشيندڙ ڪامريڊ سليم جھانگير شاگردي واري زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ 22 مھينا حيدرآباد، ڪراچي ،سکر ۽ خيرپور ۾ جمھوريت جي بحالي ۽ آزاد صحافت لاءِ  جيل پڻ ڪاٽيو، ساڻس ڪامريڊ ڄام ساقي، ڪامريڊ وزير لاکو، وڏيرو شاھنواز جوڻيجو،عبدالواحد آريسر، صحافي سھيل سانگي،صحافي قابل ڏاهري ۽ شھيد آفتاب نظاماڻي مختلف وقتن تي مختلف جيلن ۾ گڏ رهيا،سليم جھانگير ضياءِ مارشل لا ۾  حيدرآباد ۾ 10 ڪوڙا پڻ کاڌا، هڪ دفعي هن ٻڌايو ته  هڪ ڏينھن مون کي ڪوڙا لڳا ته  ٻئي ڏينھن وري عبدالواحد آريسر کي ساڳئي اونڌي ٿيل کٽ تي ڪوڙا لڳا هئا، سليم جھانگير جڏهن جيل مان ڪوڙا کائي نڪتو ته  پختو صحافي ٿي اڀريو ۽ زندگي جي آخري گھڙي تائين صحافت سان نڀائيندو رهيو. هي دوست حيدرآباد جي صحافي برادري ۾ وڏي حيثيت رکندڙ رهيو، هڪ سچو  ۽ مخلص انسان هيو، مون مٿان سندس اڻ ڳڻيا ٿورا پڻ رهيا،منهنجي سليم جھانگير جي دوستي  ممتاز صحافي نوجوان اديب قابل ڏاهري جي دوستي ڪري ورثي ۾ ملي،سال گذري ويا پر سليم جھانگير جي دوستي ۾ ذري جو به  فرق ڪونه  آيو اها سڪ ،محبت ۽ پيار برقرار رکندو آيو صرف سندس صحت ۽ عمر ۾ فرق آيو چوندو هو هي گھر تنھنجو پنھنجو آهي جڏھن دل چوي هن ڀاءُ وٽ هليو اچان.!

دوست سليم جھانگير سان منھنجي ڀاءُ جو واسطو تقريبن  1970 ع  ڌاري ٿيو،تن ڏينھن ۾ گاڏي کاتو سياسي،صحافتي  ۽ ادبي سرگرمين جو مرڪز هوندو هو ۽ وڏا هوٽل،دفتر ۽ بوڪ اسٽال پڻ هوندا هئا جتي سنڌ جي مڙني سورن بابت  پنھنجن خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا ۽ سور سلبا هئا،

سليم جھانگير تحريڪ استقلال جو  ڪارڪن ۽ بعد ۾ حيدرآباد جو اڳواڻ بڻيو ۽ ڀاءُ قابل ڏاهري پڻ ايم ايس ايف جو مرڪزي اڳواڻ هو سليم جھانگير جو اٿڻ ويھڻ تقريبن سنڌ جي  ڪامريڊن سان هوندو هو ۽ هو پڻ هڪ وڏو ڪامريڊ بڻجي ويو، جڏهن ته  قابل ڏاهري بنيادي طور پير سائين پاڳاره جو پڪو مريد ۽ سچو حُر هو ۽ ڀٽي جي دور ۾ حرن جي خلاف ڊي پي آر تحت جيل جو سختيون پڻ برداشت ڪيون،جڏهن ته  وري ضياءُ جي  دور ۾ ڪميونسٽن جي حمايتن جي خلاف آپريشن ٿيو ته  سليم جھانگير کي به  گرفتار ڪيو ويو،جيل مان آزادي بعد ٻنھي دوستن  باقائده صحافت شروع ڪئي ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جا ميمبر بڻيا، قابل ڏاهري روزانه  مھراڻ حيدر آباد جو سب ايڊيٽر ٿيو ۽ سليم جھانگير  ايگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر بڻيو، ٻئي ڄڻا صحافتي سفر ۾ هو هڪٻئي جا ڏک سک جا يار بڻجي ويا، 1992 ۾  صحافي قابل ڏاهري وفات ڪري ويو.جڏهن ڀاءُ فقير عبدالحق ڏاهري مرحوم  ڀاءُ قابل ڏاهري جي پيارن دوستن محترم علي حسن صاحب، فقير منٺار مڱريو، مصور شاهد، غلام حسين لغاري ٻين سان دوستي جو هٿ وڌايو ته  پھرين ملاقات ۾ سليم جھانگير اسان کي پنھنجي گھر وٺي ويو ۽ ڀاڄائي کي تعارف ڪرائيندي چيو ته  هي قابل ڏاهري جا  ننڍا ڀائر اٿئي ٻئي زال مڙس ڪشاده  دل اور ڪشاده  دسترخوان جا مالڪ هئڻ جو ثبوت ڏيندي بھترين ميزباني ڪئي ان وچ ۾ پوري دوستي جا سڀ واقعا ٻڌايا ۽ دوستي جو نئون سفر جاري ٿي ويو سليم جھانگير سان منھنجو 32 سالن کان واسطو رهندو پئي آيو ڪڏهن حيدرآباد پريس ڪلب،ڪڏهن اقبال هوٽل ۽ ڪڏهن سندس گھر خوب ڪچھري ڪري ماضي کي ياد ڪبو رهبو هو ۽ علي حسن صاحب، سھيل سانگي صاحب، عثمان اجميري صاحب، ڪامريڊ ڄام ساقي صاحب، ڪامريڊ وزير لاکو صاحب،فقير منٺار منڱريو صاحب ۽ قابل اجميري صاحب بابت ڪچھريون پڻ ٿينديون رهنديون هيون، ملڪ جي اخباري دنيا ۽ سنيما جي دنيا  بابت ساڻس ڪيئي روح رهاڻيون، ڪيتريون رازداريون سانڍيل ساهه  ۾ رهيون.

ڪجھه  وقت کان بيمار رهڻ لڳو،ساڻس بيماري جي بستري تي به  لاڳيتو رابطو رهندوهو، سندس بيماري ۽ علاج جون پوسٽون به  فيس بوڪ تي ظفر قابل رکيون ته  ساڻس فون تي طبيعت پرستي ڪري دعائون  ڏنيون، آخر تائين باهمت رهيو ڪڏھن به  پنھنجن دوستن جي شڪايت نه  ڪئي سدائين نيڪيون ۽ ساراهون ڪندو رهيو ۽ واسطيدارن ڏانھن  سلام ۽ دعائون موڪليندو رهندو هو، جڏھن پريس ڪلب حيدرآباد جون چونڊون ٿينديون هيون ته   مون سان گڏ ضرور هلندو هو جنرل باڊي جي اجلاس تائين گڏ پراڻن دوستن سان  خاص ڪري ارشاد چنه  سان گھڻيون جواني جون يادون تازا ڪندو رهندو هو، آخرڪار زندگي ۽ موت جي جنگ ۾  سليم جھانگير اڄ اسر ويل ساهه  جي تند ڳنڍجڻ کان ٽٽي ڌار ٿيڻ جو ڌماڪو ڪيو ۽ ڪراچي جا ڊاڪٽر بيوس بڻجي ويا ۽ پروردگار پاران کيس آخري سفر جو سنيھو اچي ويو، صبح جي پھرين پھر هن خوبصورت دنيا کي ڏسڻ لاءِ  هميشه  لاءِ  اکيون پورجي ويون، سندس سوڳوار اڪيلي بيواه کيس ڪراچي کان حيدرآباد لطيف آباد گھر آندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.