اسان جي مسلمانن جي گڏجڻ جي ڳالھه ٿا ڪيون ته اسان جي مٿان جنگيون مسلط ڪيون ٿيون وڃن، اسان جي ايٽمي طاقت جي ڳالھه ٿا ڪيون ته اسان جي مٿان ڊرون حملا ڪيا ٿا وڃن (توڻي جا اسان ايٽمي طاقت ٿا رکون) پر ان کان وڌيڪ ڪهڙي بزدلي چئبي جو اسان پنهنجي هٿيارن جي دفاع جي لاءِ به بي وس بڻيل آهيون، اتي هي ڳالھه به جائز آهي ته جي اسان جا مسلمان ملڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ چاهن ٿا ته اهي دنيا تباھ ڪندا پر جتي يورپي ملڪن، آمريڪي ملڪن، چائينا، روس ۽ فرانس جهڙن ملڪن بم ٺاهيا تڏهن انهن دنيا تباھ نه ٿي ڪئي هئي، جڏهن آمريڪي جهازن جاپان جي شهرن مٿان بم ڪيرايا هئا تڏهن انهن آمريڪين دنيا کي نيست نابود نه ڪيو هو، پر جي اسلامي دنيا جي ملڪن وٽ جي اها طاقت آئي آ ته اهي دنيا کي تباھ ڪندا معني اهي يورپي ملڪن يا آمريڪي ملڪن يا سڀ غيرمسلم ملڪ تباھ ٿي ويندا.
وري اتي اها به ڳالھه آهي ته جڏهن يورپ ترقي ڪئي يا جتي آمريڪا، آسٽريليا ۽ روس جهڙن ملڪن صنعتون هنئيون پئي تڏهن ماحولياتي گدلاڻ نه هئي، تڏهن اوزون جو پردو ”انٽيڪٽ“ هيو، پر جڏهن غريب ايشيائي ملڪن صنعتون هڻڻ شروع ڪيون، تڏهن اوزون جو پردو ڦاٽي پيو يا ڦاٽڻ تي آهي يا ان کي نقصان پهچندو. دنيا جي موسمن ۾ جيڪا تبدلي آئي آهي يا اچي ٿي، جيڪي به گليشير پگهرجن پيا، اهي رڳو ايشيائي ملڪن جي ترقي جي ڪري پيا پگهرجن، جيڪي به دونها اٿيا آهن، جيڪي به ٽريفڪ آهي، جيڪي به گاڏيون هلن ٿيون، اهي سڌو سنئون اسان وٽان اوزون جي پردي کي ڦاڙي رکنديون. پر جيڪي دونهان، جيڪا ٽريفڪ، جيڪي گدلاڻ، جيڪي ڪاربان جا مقدار دنيا جي ترقي يافتا ملڪن ۾ ٿين ٿا، اهي ڪاربان جا مقدار اسان وٽ ممڪن ناهن. هاڻي جڏهن يورپ ترقي ڪري ورتي آهي ته اتي گهڻي ۾ گهڻو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو مقدار ته انهن ملڪن جو آهي ان ۾ اسان جو حصو ايترو ناهي، جيترا اسان پريشان آهيون. مثال چائينا 26 سيڪڙو، باقي سڄي دنيا 2 سيڪڙو، پر اتي آمريڪا 15 سيڪڙو، ڀارت 7 سيڪڙو ۽ روس 5 سيڪڙو آسمان ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏي ٿو. پر ڳالھه اها به آهي ته جڏهن اهي يورپي ملڪ ترقي ڪري ٿا وٺن تڏهن ڪا ڳالھه ناهي هوندي پر جڏهن اسان جي ايشيائي ملڪن جو وارو ايندو آهي ته انهن يورپي ملڪن جو ساھ ويندو آهي.
ساڳي ڳالھه ايٽمي طاقت سان به سلهاڙي سگهجي ٿي ته جڏهن يورپي، آمريڪا، برطانيا، روس، فرانس ۽ چين، ڀارت، اسرائيل ۽ نارٿ ڪوريا ايٽمي طاقتون پئي ٿيا تڏهن دنيا محفوظ هئي پر جڏهن پاڪستان ۽ ايران ايٽمي طاقت ٿيا ته دنيا کي خطرو ٿي پيو آهي. اهي ته ٻٽا معيار ٿيا معني جڏهن هي صنعتون هڻن پيا تڏهن دونهون، آلودگي، گدلاڻ، ماحولياتي ڳڻتيون ۽ هوراکورا نه هيا، پر هاڻي جي اسان وٽ صنعتن زور ڏنو آهي ته اسان وڏي ”پليوشن“ ٿا ڪيون. مڃون ٿا ته اسان وٽ صفائي سٿرائي جا نظام ۽ سرشتا ڀلا ناهن، پر ائين به ناهي ته اهي سڀ شيون اسان کي صنعتي ترقي کان جهلينديون، يا اسان جي ايٽمي طاقت ٿينداسين ته دنيا کي خطرا لاحق ٿيندا.
سموري دنيا جي اک رڳو ايران جي مٿان آهي، معني ايران جي ايٽمي اثاثن جي چرپر انهن جي واڌ ۽ يورينيم جي افزودگي، ايستائين جو 2015 کان وٺي ايران تي مسلسل پابندي رهندي آئي، ته هي ٻين ملڪن سان واپاري سلسلا منقطع رکي ۽ ٻين ملڪن سان لهوچڙ ۾ نه اچي ۽ ان کانسواءِ غيرمسلم قوتن ته هنن ايرانين کي گاھ کائڻ تي مجبور ڪيو، ته جيئن اهي يورينيم جي افزادگي نه ڪن. فرانس ۽ روس جو ايران جي مٿان زور آهي ته هو 2015 واري معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪري، ڇو ته ٽرمپ سرڪار هنن کي 2018 ۾ ڇوٽ ڏني هئي ۽ انهن تان پابنديون هٽائڻ جي ڳالھه ڪئي هئي، جتي مسلمان ملڪن (سعودي) ان ڳالھه جي مخالفت به ڪئي هئي، ته ايران تان پابنديون نه هٽايو. پر ٽرمپ سرڪار جتي مسلمانن لاءِ سختيون مڙهيون ويٺو هو، اتي ايران ۽ افغان پاليسي تي هٿ هلڪو هيس. پر بين الاقوامي برادري خاص ويٽو پاور وارا ملڪ ته ايران تي ڏمريا پيا آهن ته اهي ان ساڳي ڳالھه تي اچي بيٺا آهن، جنهن جي انهن 2015 ۾ ڳالھه ڪئي هئي ته اهي ايراني ايٽمي اثاثن جي وڌائڻ جي ڳالھه نه ڪندا، اهي يورينيم جي واڌ نه ڪندا، نه ته انهن تي ٻين ملڪن سان واپار ۽ لهوچڙ تي پابندي هوندي، ۽ ڪو به ملڪ ايران سان نه واپار ڪندو، نه انهن کي شيون ڏيندو نه وٺندو، نه انهن جي ڳالھه ٻڌندو، ايستائين جو ايرانين جي ٻين ملڪن جي سفر تي به پابندي هوندي، اهي ڪنهن به ملڪ نه وڃي سگهندا، پر وري بائيڊن سرڪار کي ڪهل اچي وئي يا هنن پنهنجي فائدي جي ڳالھه ڪئي ته مسلمان ملڪ آمريڪا ڏي اچي وڃي سگهن ٿا.
پر اتي بائيڊن سرڪار ايران ۽ افغانستان جي لاءِ سٺي ثابت نه ٿي، ڇاڪاڻ ته افغان وار ۽ ايران تي پابندين جي ڳالھه تي هي بائيڊن زور ڏئي بيٺو آ، ۽ فرانس جي ڌمڪي جي مٿان ڌمڪي اٿس ته ايران ايٽمي طاقت جي ڳالھه تان پوئتي ٿئي نه ته اها يورپ ۽ آمريڪا جي خلاف جنگ ۽ جهيڙي واري ڳالھه چئبي، ڇو ته اهڙي ڳالھه ۽ بهانو بڻائي هنن عراق کي به تباھ ڪري ڇڏيو، هنن عراق جي اندر به ايجنسين جي لڙائي هلائي، عراقي سرڪار ۾ ڏار وجهي آپريشن جا بهانا ڳولهي عراق کي کنڊر ڪري ڇڏين، ڀلي پوءِ ٽوني بليئر 2012 ۾ اهو مڃي ته انهن جي الائيڊ فورسز کي عراق مان ڪجھه به نه مليو، ساڳي طرح سيڪيورٽي ڪائونسل تي، بائيڊن سرڪار تي ۽ فرانس سميت سڀني ويٽو ملڪن جو زور آهي ته ايران تي پابنديون ورائي هڻو جيستائين اهي ايٽمي طاقت کي ”رول بيڪ“ نه ڪن، ڇو ته ايران پاڻ ويانا (آسٽريا) ۾ انهن ويٽو ملڪن سان 2015 ۾ معاهدو ڪري چڪو هيو ته هي ايٽمي طاقت کي وڌائڻ جي ڳالھه نه ڪندا، هي ايٽمي هٿيار ۽ يورينيم جي وڌائڻ جي به ڳالھه نه ڪندا، ”انٽرنيشڻل ايٽامڪ انرجي ايجنسي“ جي جاچ مطابق اهو ظاهر ڪيو ويو آ ته ايران 3.6 گرام جي يورينيم جي ڌات ٺاهڻ ۾ مصروف آ، جيڪا ايٽم بم ٺاهڻ ۾ ڪم ٿي اچي، جنهن جي لاءِ آمريڪا، روس، جرمني، فرانس ۽ برطانيا ايران تي پنهنجو زور هڻن ته هو اهڙي ”پلوٽونيم، يورينيم ۽ ايلوءِ“ جي ڌات ايندڙ 15 سالن تائين گڏ نه ڪري، جنهن سان دنيا کي انتها درجي جو خطرو هجي جنهن سان دنيا جو سک چين تباھ ٿئي، يونائيٽيڊ نيشنز جي نگراني واري ٽيم جي اڳواڻن جو اهو چوڻ به آهي ته هو وري هڪڙي اهڙي ٽيم تشڪيل ڏين جيڪا ايران جو دورو ڪري ۽ ان ڳالھه جي پڪ ڪري ته ايران اهڙي قسم جي ڪا به ايڪٽوٽي نه ٿو ڪري، ڇو ته اهڙن اوزارن تائين هنن جي پهنچ ممڪن نه ٿي ٿئي، پر شڪ جي بنياد تي ايران جي اهڙن ايٽمي اثاثن جي جاچ پڙتال نه ٿي ڪرڻ ڏني وڃي جنهن تي بين الاقوامي برادري کي ڏينهون ڏينهن ڳڻتي ماري وڌو آ ته ڪٿي ايران اهڙي ڪا حرڪت نه ڪري وجهي جنهن سان دنيا خطري ۾ پئجي وڃي پر ايراني اثاثن جي مٿان ”يو اين او“ جي ”سيڪيورٽيءَ ڪائونسل“ ۽ ”آءِ اي ئي اي“ جون خاص ڪيمرائون لڳل آهن جيڪي روز جي سوين هزارين تصويرون ڪڍي موڪلينديون رهن ٿيون ۽ ايران جي اهڙن اوزارن جي مٿان 2017 ۾ بين الاقوامي ٽيم جون 2000 کان مٿي ”سِيلُون“ لڳل آهن جيڪي جي هي ايراني کوليندا ته هنن جي مٿان ويٽو پاور رکندڙ ملڪ حملو صادر ڪندا ۽ هنن کي وري عراق وانگي کنڊر بڻائي ڇڏيندا.