اڄوڪو ڏهاڙو ملڪي تاريخ جو نه وسرندڙ ڏهاڙو آهي جڏهن هڪ سال اڳ لاهور پنڊي پشاور ۽ ڪوئٽيا سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ حساس ادارن جي تنصيبات آفيسن ۽ قومي ورثن تي هڪ ئي وقت چڙ ڏياريندڙ حملا ڪري قومي نوعيت جو نقصان ڪيو ويو جيڪو پوري دنيا ڏٺو ۽ مذمت جو اظهار ڪيو ويو۔اهڙن حملن بعد هڪ سياسي پارٽي جنهن تي حملن جو منظم الزام لڳو ۽ سياسي منظرنامي تان پي ٽي آءِ وقتي طور غائب ٿي ان جي مک قيادت عمران خان سميت پارٽي اڳواڻ سلاخن پويان هليا ويا گرفتار ٿيا يا وري پارٽي ڇڏي ٻين پارٽين جو وڃي سهارو ورتو جن پريس ڪانفرنسن وسيلي حملن کي ننديو ۽ معافيون وٺي پارٽي سربراهه عمران خان کي اڪيلو ڪري هليا ويا جيڪو هن وقت مختلف سنگين ڏوهن ۽ بيقائدگين تحت ڊگهيون سزائون پيو لوڙي
حڪومتي سطح تي الڳ جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ سندس اتحادين هن ڏهاڙي کي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي البته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ صفائي پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪو اعلانيل پشاور ملين مارچ جمهوريت جي حوالي ۽ چونڊن ۾ ٿيل ڌاندلين خلاف آهي جنهن جو نائين مئي سان ڪو به واسطو يا سلسلو جوڙيو نه وڃي۔اهڙي طرح هن ڏهاڙي کان هڪ ڏينهن اڳ حساس ادارن پاران ڪوٺايل پريس ڪانفرنس ۾ نائين مئي جي حوالي سان پنهنجو سخت موقف پيش ڪيو ويو آهي ته نائين مئي تي جيڪو ڪجهه ڪيو ويو تنهن جي ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ساڻن ڪنهن به قسم جون سياسي ڳالهيون نه ڪيون وينديون جيستائين صدقه دل سان معافي نٿي ورتي وڃي۔پريس ڪانفرنس ۾ اها به وضاحت ڪئي وئي ته ادارن جو سڌي يا اڻ سڌي طرح سياست سان ذري جو به واسطو ناهي ۽ نه وري اٺين فيبروري جي عام چونڊن سان جيڪي اليڪشن ڪميشن ڪرايون ۽ چونڊ نتيجا جاري ڪيا جيڪڏهن سياستدانن کي ڪي به خدشا آهن ته اهي اليڪشن ڪميشن يا وري عدالتن سان رجوع ڪن جيڪي آزاد آهن پنهنجي شڪست جو گند ادارن تي نه هڻن۔جي يو آءِ جو سربراهه هن وقت پي ٽي آءِ جي ڀيٽ ۾ ادارن خلاف سخت موقف رکي ٿو جنهن واضح انداز ۾ چيو آهي ته معافي سياستدانن کي نه پر ادارن کي وٺڻ گهرجي جن جي ڪري ملڪ جو سياسي ماحول بگڙيو آهي جمهوري ادارا تباهه ٿيا آهن
نائين مئي وارو واقعو تڪراري بڻيل آهي جنهن لاءِ پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته اها حساس ادارن جو احترام ڪري ٿي ان جي جاچ لاءِ آزاد عدالتي ڪميشن جڙڻ گهرجي پر حساس ادارن اهڙي ڪنهن به ڪميشن جي قيام جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي ۽ پريس ڪانفرنس دوران خاص ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ موقف ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڪميشن تڏهن قائم ٿيندي آهي جڏهن ثبوت نه هجن جڏهن ته نائين مئي جا واضح ثبوت آهن ۽ ملوث ڪردارن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪري چڪا آهن جن کي سزا ملڻ باقي آهي۔پي ٽي آءِ ڪو به ڏوهه مڃڻ لاءِ تيار ناهي اڄ پنهنجو چٽو موقف ظاهر ڪرڻ وڃي رهي آهي۔
هوڏانهن پي ٽي آءِ نائين مئي واقعن جي مذمت ڪري چڪي آهي ۽ صاف چئي چڪي آهي ته نائين مئي وارا واقعا سندس خلاف گهري سازش هئي جنهن پويان ن ليگ ۽ سندس اتحادين جو هٿ هو جنهن سان هنن ادارن تي حملا ڪرائي ادارن جي همدردي حاصل ڪرڻ ۽ مٿن عائد سنگين ڏوهن وارا ڪيس ختم ڪرائڻ پئي چاهيا جن ۾ ته ڪامياب ويا پر عوام جون همدرديون وٺي نه سگهيا ۽ نه وري نائين مئي وارو بيانيو ڪامياب ويو انهي حد تائين جو عام چونڊن ۾ به ن ليگ ۽ سندس اتحادين جي ڪاميابي مشڪوڪ رهي سواءِ حڪومت حاصل ڪرڻ جي جيڪا کين ملي چڪي آهي ڪيستائين ڪرسين تي ويهن ٿا بعد جي ڳالهه آهي
حڪومتي ڌر نائين مئي کي ملهائڻ لاءِ پنهنجي الڳ حڪمت عملي تيار ڪئي آهي۔اطلاع آهن ته اها پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ريلين ۽ مختلف تقريبن سان گڏ پارليامينٽ مان خاص ٺهراءُ پاس ڪرائڻ سان ڪندي پر واقع جي ذميوارن خلاف به ڪيس هلائڻ ۽ کين سزائون ڏيارڻ لاءِ به ممڪنه ٺهراءُ پاس ڪرايا ويندا۔ن ليگ جيترو به پي ٽي آءِ خلاف سخت رويا اختيار ڪري رهي آهي پي ٽي آءِ اوتري مضبوط ٿي رهي آهي جنهن جو مک سبب اهو آهي ته جي يو آءِ حڪومت مخالف جماعتون هاڻ پي ٽي آءِ جو ڏڍ بڻيل آهن۔ن ليگ ۽ سندن اتحادين لاءِ به هن وقت ماحول مناسب سازگار ناهي جو عدالتن جو جهڪاءُ به عمران خان ڏانهن آهي۔عدالتن پاران مخصوص سيٽون حڪمران اتحاد کي ڏيڻ بابت عملدرآمد رڪجڻ سان به حڪومتي اتحاد کي وڏو ڌچڪو لڳو آ جو پارليامينٽ مان ترميمون ڪرائڻ مشڪل ٿينديون۔ن ليگ هن وقت انتهائي ڇڪتاڻ واري موڊ ۾ آهي مخالف پارٽين کي عام جلسا ۽ ريليون ڪڍڻ نٿي ڏئي۔
نائين مئي کان هڪ ڏينهن اڳ مال روڊ لاهور تي ڪالهه وڪيلن جي احتجاجي جلوس تي لٺ بازي ڪرائي وڪيلن کي مڇرائي ڇڏيو جنهن دوران وڪيل لٺين لڳڻ ڪري نه صرف ڌڪي ٿيا پر وڏي انگ ۾ گرفتار به ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ وئي وئي۔اهي به خدشا ۽ امڪان آهن ته نائين مئي تي مخالف ڌرين جي ادارن سان نڪرندڙ يڪجهتي ريلين تي به حڪومتي ڏاڍ جو امڪان آهي ڪٿي ائين نه ٿئي جو نائين مئي جو ڪو ٻيو نئون سانحو پئدا ڪرايو وڃي انجي به اڳواٽ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اهڙن سانحن کان بچڻ گهرجي چيو وڃي ٿو ته مال روڊ تي پي ٽي آءِ حمايت يافته وڪيلن ادارن ۽ وزيراعظم خلاف سخت نعريبازي ڪئي هئي۔احتجاجن جي هي صورتحال ڪو نئون ممڻ مچائي سگهي ٿي تنهن کان بچڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو
پاڪستان جي سياست ۾ هونئن ته اٺن ڏهاڪن کان هلڙبازي ۽ هڪٻئي جون حڪومتون ڪيرائڻ وارا ڊراما جاري آهن پر گذريل چئن پنجن ڏهاڪن کان سياست جون پاڙون ڪمزور ڏسڻ وٽان مليون آهن هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ ۽ جلاوطن ڪرائڻ واريون حرڪتون عام رهيون آهن جنهن سان ملڪ ۽ ملڪ معاشي طور ڪمزور ٿي چڪو آهي جنهن عام ماڻهو جو جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيو آهي۔خانداني حڪمراني ڪر کنيو آهي جيڪا ملڪ کي خوشحالي ڏيارڻ بدران ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي جنهن جا ذميوار سياسي ڌريون ادارا ۽ عدالتون آهن جيڪي پنهنجي بقا جي جنگ پيا وڙهن ۽ اقتدار ۾ پيا رهن اها روايت ختم ٿيڻ گهرجي۔ادارن ۽ سياسي ڌرين کي پنهنجي قومي ذميواري نڀائڻ گهرجي۔ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته نائين مئي جهڙا واقعا ٻيهر نه ورجائجن نه وري اهڙن ڏهاڙن کي ياد ڪري ڪنهن نئين انتشار طرف وڃجي۔سمورين سياسي پارٽين کي صرف ئي صرف ملڪ جي بقا سلامتي لاءِ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي۔ڪنهن به قسم جي سياسي محاذ آرائي ملڪ کي ويتر ڪمزور ڪندي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ادارن کي به سياسي ڌرين سان يڪجهتي جو هٿ ونڊائڻ گهرجي ڪنهن کان معافي وٺڻ ۽ ڪنهن کي معافي ڏيڻ واري روايت هاڻ ختم ٿيڻ گهرجي صرف ئي صرف ملڪ ۽ قوم ترجيح هجڻ گهرجي۔
نائين مئي کان هڪ ڏينهن اڳ مال روڊ لاهور تي ڪالهه وڪيلن جي احتجاجي جلوس تي لٺ بازي ڪرائي وڪيلن کي مڇرائي ڇڏيو جنهن دوران وڪيل لٺين لڳڻ ڪري نه صرف ڌڪي ٿيا پر وڏي انگ ۾ گرفتار به ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ وئي وئي۔اهي به خدشا ۽ امڪان آهن ته نائين مئي تي مخالف ڌرين جي ادارن سان نڪرندڙ يڪجهتي ريلين تي به حڪومتي ڏاڍ جو امڪان آهي ڪٿي ائين نه ٿئي جو نائين مئي جو ڪو ٻيو نئون سانحو پئدا ڪرايو وڃي انجي به اڳواٽ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ اهڙن سانحن کان بچڻ گهرجي چيو وڃي ٿو ته مال روڊ تي پي ٽي آءِ حمايت يافته وڪيلن ادارن ۽ وزيراعظم خلاف سخت نعريبازي ڪئي هئي۔احتجاجن جي هي صورتحال ڪو نئون ممڻ مچائي سگهي ٿي تنهن کان بچڻ لاءِ پي ٽي آءِ کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو