پاڪ سعودي عرب سيڙپڪاري فورم 2024ع

تحرير: ڪبير حسين

اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سعودي عرب جو دورو نه رڳو ڪامياب رهيو پر موجوده معاشي صورتحال ۾ سعودي سيڙپڪاري پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. شريف ڀائرن جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته جڏهن به ملڪ مشڪل حالتن مان گذرندو آهي ته انهن جي قيادت سنڀالڻ سان ئي حالتون معمول تي اچي وينديون آهن. وزيراعظم جو عهدو سنڀاليندي ئي محمد شهباز شريف زوال پذير معاشي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا عالمي دورا شروع ڪيا. گذريل آچر جي شام سعودي عرب جي نائب سيڙپڪاري واري وزير ابراهيم المبارڪ جي اڳواڻي ۾ 50 ميمبرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي واپاري وفد ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهتو. جنهن ۾ انساني وسيلن جي ترقي سميت مختلف معاشي شعبن جي 30 ڪمپنين جا اعليٰ عملدار به شامل هيا.

پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم 2024ع جو اجلاس سومر ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير ۽ پاڪ-سعودي پارٽنرشپ جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر مصدق ملڪ سعودي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپ ڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته اسان سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپ ڪاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا.  وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. گوادر بندرگاهه مستقبل ۾ سڄي دنيا لاءِ واپاري راهداري جو مرڪز بڻجڻ وارو آهي .جڏهن ته پاڪستان ۾ سياحت جا بيشمار موقعا موجود آهن. حڪومت جي ڪوشش آهي ته سياحن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ٻنهي ملڪن جا خانگي شعبا سياحت جي هٿي ۾ هڪ ٻئي سان تعاون ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جو هڪ فورم موجود آهي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اعزازي مهمان ۽ سعودي سيڙپڪاري بابت معاون وزير ابراهيم المبارڪ چيو ته پاڪستان وٽ وسيلا ۽ صلاحيتون آهن ۽ سعودي سيڙپڪار پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندو. هن وقت 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ پروفيشنل سعودي عرب جي ترقي ۾ حصو وٺي رهيا آهن.سعودي سيڙپڪاري واري وزير ابراهيم المبارڪ چيو آهي ته سعودي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هميشه تيار آهن.

هن وقت پاڪستان جو گهڻو حصو سعودي عرب جي ويزن 2030 تي سخت محنت ڪري رهيو آهي ۽ سعودي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ هر وقت تيار آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سعودي عرب جي پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپ ڪاري نه رڳو پاڪستان پر معيشت کي مستحڪم ڪندي, بلڪه روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا.  سڀ کان وڌيڪ خوشي جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۽ گلف ڪوآپريشن ڪائونسل آزاد واپاري معاهدي تي به اتفاق ڪيو آهي. جڏهن ته پاڪستان به سعودي عرب ۾ لائف اسٽائل شو منعقد ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي. اسلامي جمهوريه پاڪستان جو وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي سموري ٽيم سان گڏ ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي.سعودي سيڙپڪاري وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن جو نتيجو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.