سيوهڻ: ڏيڍ مهينو اڳ کنڀيل پورهيت ارشاد نوحاڻي آزاد نه ٿيو

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ لڳ ڏيڊ مھينو اڳ پورھيت نوجوان  ارشاد نوحاڻي کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف سندس والدين، نوحاڻي برادري  ۽ ايس يو پي ڪارڪنن پاران سيوھڻ پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪري نوجوان جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي نوجوان جي والد محمد ھاشم نوحاڻي، امڙ مسمات شريفان، ڀيڻ دعا، گلشن،  ايس يو پي اڳواڻ عبدالغفور نوحاڻي، سعود، نورخان، الھه بخش ، نصرالله ، وھاب ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته اسان يوسي جھانگارا جي ڳوٺ نگاول واسي آھيون ۽ اسان جي برادري جو پورھيت نوجوان ارشاد نوحاڻي 28 جنوري تي ڪنهن  ڪم سانگي ڀان سيدآباد شھر ويل ھو جنهن کي مبينا طور سول ڊريس پھريل اھلڪارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، ارشاد نوحاڻي پورھيت آھي ۽ سڄي گھر جو ڪاروھنوار ھلائڻ وارو ھو ۽ ھن وقت سندس والد به بيمار آھي جيڪو ٻني ٻارو نٿو سنڀالي سگهي. ڏيڊ مھينو گذري ويو آھي پر ھن وقت تائين نوجوان جو ڪو ڏس پتو نٿو ملي متاثرين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ مختلف ادارن جي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڄاڻايل نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، جيڪڏهن ارشاد نوحاڻي ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آھي ته کيس ظاھر ڪري ۽ عدالت آڏو پيش ڪيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.